جماعت اسلامي پاران ڪارپوريٽ فارمنگ تي ڪراچي ۾ ڪانفرنس سڏائڻ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ پاران ڪارپوريٽ فارمنگ، پاڻي تي ڌاڙي سميت ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف حافظ نعيم الرحمٰن جي صدارت ھيٺ ڪراچي ۾ ڪانفرنس سڏائڻ ۽ هر ڊويزن ۾ جلسا ڪري جدوجهد تيز ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جڏهن ته درياءَ بچايو تحريڪ تحت 18 مئي تي باغ جناح ڪراچي ۾ ٿيندڙ جلسي ۾ ڀرپور شرڪت جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ جي ھيڊ ڪوارٽر قباء آڊيٽوريم ۾ صوبائي امير ڪاشف سعيد شيخ جي صدارت هيٺ ٿيل سنڌ جي هنگامي اجلاس ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال ۽ سي سي آءِ اجلاس کان پوءِجي حالتن جو جائزو وٺي پنھنجي وسيلن جي مالڪي توڙي سنڌ جي جائز حقن جي تحريڪ کي تيز ۽ دائرو وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو ته ڪئنالن جي مسئلي تي سنڌ واسين پرامن ۽ ڀرپور احتجاج ذريعي پنهنجو سياسي شعور ڏيکاريو آهي. عوام جي ڪوششن سان وقتي طور ئي سھي سنڌ دشمن منصوبو پٺتي ڌڪجي ويو، پر سازشون اڃا ختم نه ٿيون آهن.ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري ماڻهن کي حق حاڪميت کان محروم ڪيو پيو وڃي، جيڪو ڪئنالن جي مسئلي کان به وڌيڪ خطرناڪ منصوبو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.