سنڌ جا تقريبًا سمورا ٻيلا وڍجي چڪا آهن. ڪو، هڪ اڌ ٻيلو اڃا وڍيو ڪونه آهي ۽ نقصان کان بچت ۾ آهي. انهن ٻيلن ۾ وڻ بيٺل آهن. پر، اهي به قبضا ڪندڙ گروپ جي نظرن ۾ آهن. موقعو ملڻ تي اهي به وڍجي ويندا ۽ قيمتي ڪاٺ ڀڳڙن جي مٺ تي وڪرو ٿي ويندو انهن ٻيلن جي زمينن تي بااثر قبضو ڪرائي زرعي فصل ڪاهڻ شروع ڪري ڏيندا. ياد رهي ته، ٻيلن وڍجڻ جي ڪري سنڌ ۾ وڻن جي کوٽ پيدا ٿي پئي آهي. جنهن ڪري ماحول ۾ گدلاڻ ۽ غلاظتون وڌي رهيو آهن. هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته، سنڌ جا ٻيلا ڇو وڍيا ويا؟ ۽ انهن جو ذميوار ڪير آهي؟ ٻيلن وڍيندڙن جا پير ڪيڏانهن ٿا وڃن. ٿورو غور ويچار ڪبو ته اهي ۽ اهڙي قسم جي ٻين ڪيترن ئي سوالن جا جواب ملي ويندا ۽ اصل حقيقتون سامهون اچي وينديون.
ٻيلن جي حفاظت ۽ نون وڻن پوکڻ لاءِ “ٻيلو کاتو” متعارف ڪرايو ويو آهي. جيڪو شروع ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندو رهيو. سٺا نتيجا ڏيندو رهيو. هن کاتي جو عملو ايمانداري سان پنهنجا فرض نڀائيندو رهيو. پر، اوچتو الائي ڪنهن جي بد دعا، پِٽَ ۽ پاراتو لڳو جو، اهو پنهنجو جوڀن وڃائي ويهي رهيو آهي. کاتي ۾ اهڙيون ڪاريون رڍون شامل ٿي ويون جن هڻي ٻيڙي ٻوري ڇڏي. کاتي جي ڪارڪردگي ٻڙي ٿي ويئي. هرڪو ماڻهو ان تي تنقيد ڪندو رهيو. آڱريون کڻندو رهيو. تنهن هوندي به ان ۾ ڪو سڌارو اچي ڪونه سگھيو. اڳيون نور به بلڪل چٽ ٿي ويو. کاتي جي قاعدن ۽ قانونن کي نظرانداز ڪيو ويو. قانون جي لتاڙ ڪئي ٿي وڃي. نتيجي ۾ ٻيلي کاتي جا گوڏا کپي ويا. اهو هڪ مئل گھوڙي مثل ٿي ويو آهي. هن وقت ٻيلي کاتي جي ڪا خاص چرپر ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي اچي. ڪا سٺي ڪارڪردگي ڪانه اٿس عملو، سرڪاري خزاني مان هر مهيني گھر ويٺي پگهار کڻي رهيو آهي. عملي کي مفت ۾ پئسا ملڻ ڪري گھر ۾ آرام ڪري رهيو آهي. جڏهن ته ٻيلن جا وڻ وڍائڻ ۾ اهوئي ملوث آهي. قيمتي ڪاٺ ڀڳڙن جي مٺ جي قيمت تي وڍرائي قومي سرمايو تباهه وبرباد ڪيو پيو وڃي. اهو بااثر ۽ ڀوتارن سان ڳٺ جوڙ ۽ ملي ڀڳت جو نتيجو آهي. ٻيلي کاتي جي عملدارن مان فرض شناسي ۽ ايمانداري موڪلائي ويئي آهي. جيڪا هنن کان ڪوهين پري ٿيندي پئي وڃي. ڪير به کين چوڻ وارو ڪونه آهي. ڪابه پڇا ڳاڇا ڪونه ٿي ڪئي وڃي. ان جو سبب اهو آهي ته، حڪومت ۾ ويٺل ڀوتار، بااثر سياستدان ۽ وڏيرا سندن پشت پناهي ڪري رهيا آهن ۽ کين تحفظ فراهم ڪري رهيا آهن ۽ ٻيلي کاتي وارا وري کين ٻيلي جي سرڪاري زمين تي قبضا ڪرائي رهيا آهن. هاڻ ٻئي ڌريون انهي ڏوهه جون مرتڪب آهن. ڏوهاري ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. جنهن ڪري هڪ ٻئي جا هٿ مضبوط ڪندا وتن ۽ قانوني ڪارروائي کان آجا آهن.
تازو هڪ رپورٽ نظر مان گذري جنهن ۾ لکيو اٿس ته“ سنڌ جي ٽن ڊويزنن سکر، لاڙڪاڻو ۽ نواب شاهه (شهيد بينظيرآباد) جي ڪچي جي ارڙهن لک ڇاهتر هزار ايڪڙ سرڪاري زمين تي ڀوتارن ۽ سردارن جي قبضن جو انڪشاف ٿيو آهي. سرڪاري آفيس مان زمين جو رڪارڊ به غائب آهي. نيب تحقيقات شروع ڪري ڇڏي آهي. تفصيل مطابق ڊي جي نيب سکر جي صدارت ۾ ڪچي جي زمينن تي قبضن بابت اجلاس ٿيو. جنهن ۾ سکر، لاڙڪاڻو ۽ نواب شاهه (شهيد بينظيرآباد) ڊويزنن جي ڪمشنرن، آبپاشي، روينيو ۽ ٻيلي کاتي جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي بريفنگ ۾ اهي انڪشاف سامهون آيا آهن. جنهن مطابق ٽنهي ڊويزنن جي ڪچي جي 18 لک 76 هزار ايڪڙ زمين تي ڀوتارن ۽ سردارن جا قبضا آهن. ڊويزنن جي لاڳاپيل ضلعن جي روينيو آفيس مان ڪچي جي زمين جو رڪارڊ پيش ڪيو ويو. جنهن ۾ سوين ديهون ۽ نقشا غائب آهن. ٻيلي کاتي ۽ آبپاشي کاتي جي رڪارڊ ۾ به تضاد آهي. نيب سکر طرفان زمين تان قبضا ڇڏائڻ لاءِ ايڪشن پلان تيار ڪيو ويو آهي. ٻيلي کاتي نيب کي رڪارڊ ڏنو آهي. پر، آبپاشي کاتي اڃا تائين ڄاڻايل زمينن جا انگ اکر ڪونه ڏنا آهن. جيئن ئي آبپاشي کاتو رڪارڊ ڏيندو ته روينيو کاتو ان رڪارڊ کي الڳ، الڳ ڪري نئون رڪارڊ تيار ڪندو. ان ۾ ٻيلن جي زمين الاٽمينٽ ۽ غير الائٽمينٽ جي زمين شامل آهي. ڊائريڪٽر سيٽلمينٽ اينڊ سروي سڀني ديهن جي نقشن ۽ روينيو جي رڪارڊ جي بليو پرنٽ تيار ڪري ڏيندا. اجلاس ۾ بااثر ماڻهن کان زمين تان قبضا ڇڏائڻ لاءِ نيب ۽ ڪمشنرز گڏيل حڪمت عملي ترتيب ڏيندا. آبپاشي کاتو ۽ ٻيلو کاتو پنهنجي زمينن جي نشاندهي ڪن ته جيئن انهن زمينن تان قبضا خالي ڪرايا وڃن. ڪچي جي زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ جي فرانزڪ جاچ ڪئي ويندي. ياد رهي ته 8 اپريل کان 10 اپريل تائين مذڪوره اجلاس جاري رهيو.”
هاڻ ڏسجي ته، مٿئين اجلاس جو ڪهڙو نتيجو ٿو نڪري. اختياريون ڪيل فيصلن تي عمل ڪرائي سگھنديون يا مورڳو ڪاغذي ڪارروائي ڪري فائيل هميشہ لاءِ بند ڪري ڇڏينديون ۽ مذڪوره اجلاس جو ڪوبه کڙ تيل نڪري ڪونه سگھندو. جيئن ماضي ۾ ٿيندو رهيو آهي. اهڙا کوڙ سارا اجلاس ڪيا ويا. آفيسرن پريس ڪانفرنسن ۾ وڏيون دعوائون ڪيون. وڏيون هنبوڇيون هنيون. پر، اڄ ڏينهن تائين ڪوبه نتيجو سامهون اچي ڪونه سگھيو. البته ايترو ٿيو ته جيڪي زمينون قبضي هيٺ ڪونه آيون هيون. تن تي به قبضو ڪيو ويو. وڻ وڍرايا ويا هاڻ اتي زرعي فصل ڪاهيا پيا وڃن. ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته، اتي ڪوبه ٻيلو ڪونه هو ۽ نه وري ڪي وڻ پوکيل ئي هئا. اصلي اهي زرعي زمينون آهن جن تي مختلف فصل پوکيا پيا وڃن. بهرحال مٿئين ڄاڻايل اجلاس ٿيڻ کان پوءِ وري به اها اميد رکي سگھجي ٿي ته، ٻيلن جي ڪجهه ايراضي خالي ڪرائي ويندي جتي وڻ پوکي سگھجن ٿا. باقي جيڪي وڌيڪ سياسي با اثر ماڻهو آهن. تن جو ڪير به نالو ڪونه وٺندو. انهن جي قبضي ۾ جيڪي زمينون آهن. سي، انهن وٽ ئي رهنديون، انهن با اثر کان پڇاڻو معاف آهي اهي قانون کان گھڻو مٿانهان آهن. سگھارا ۽ طاقتور آهن. جنهن ڪري قانون انهن جي خلاف حرڪت ۾ اچي نه ٿو سگھي. ماض ۾ ڪچي جي زمينن تان قبضا ڇڏائڻ لاءِ ڪيترائي دفعا آپريشن ٿي گذريا آهن. اهي آپريشن پوليس، فوج، لاڳاپيل ادارن ۽ کاتن جي عملدارن گڏجي ڪيا هئا. پر، اڪثر ائين ٿيندو رهيو جو آپريشن جو پلان تيار ٿيڻ ۽ تاريخ مقرر ڪرڻ جو راز با اثرن کي اڳواٽ ئي ڏنو ويو. اهي با اثر في الحال اتان قبضو خالي ڪري هليا ويا. آپريشن ختم ٿيو ته وري انهن ٻيهر پنهنجو ديرو اچي ڄمايو ۽ ڪچي جي زمين تي پنهنجو قبضو برقرار رکيو. اهڙي طرح ماضي جا سمورا آپريشن بلڪل ناڪامياب ۽ فيل ٿي ويا. انهن آپريشنن جو ڪوبه نتيجو ڪونه نڪري سگھيو. البته لاڳياپيل اختيارين ٻئي ڏينهن تي پريس ڪانفرنسون ڪري اهو چيو ته، ڪچي جي هيتري زمين تان قبضو ختم ڪرايو ويو آهي هاڻ اتي چچڪا ڇٽرايا ويندا. وڻ پوکيا ويندا. ٻيلا پوکيا ويندا. حالانڪه اهو سمورو ڪوڙ هو. ڪوڙي دعويٰ هئي. سرزمين تي اهڙي ڪابه شي ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آئي. اهو، صرف ماڻهن کي بيوقوف بنايو ويو. اهڙن تجربن کي نظر ۾ رکندي مٿئين اجلاس کي به ماڻهو شڪ و شبهه جي نظر سان ڏسي رهيا آهن.