ڀارت ڪاوڙ ۾ اچي پاڪستان جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آھي، ۽ سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي، دنيا جي تاريخ ۾ ڪربلا جي ميدان ۾ يزيدي ٽولي امام حسين رضي ۽ سندس ساٿين جو پاڻي بند ڪيو هو، جنهن تي اڄ به دنيا لعنت وجهي رهي آھي، ڇوته پاڻي بند ڪرڻ انساني حقن جي خلاف آھي، پاڪستان جي آزادي جي وقت برصغير جي ورهاست صرف زميني سرحدن تائين محدود نه هئي، پر پاڻي جهڙي اهم ورهاست پڻ شامل هئي، سنڌ طاس جا درياھ جن جو پاڪستان جي زرعي معيشت ۾ اهم ڪردار آھي، جن تي ڀارت شروع کان ئي قبضو ڪرڻ جو خواب ڏسي رهيو آھي، پر بين الاقوامي قانون کيس اهڙي اجازت نٿو ڏي، 1960 ۾ سنڌ طاس معاهدو عالمي بئنڪ جي نگراني ۾ ٿيو هو، جنهن ۾ ٽي مغربي درياهه پاڪستان لاءِ چونڊيا ويا هئا، پر افسوس انهيءَ ڳالهھ جو آھي ته هندستان ڪڏهن به هن فيصلي کي دل سان تسليم نه ڪيو آھي، ڀارت ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان انهن دريائن تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آھي، هڪ سازش تحت ڀارت پاران انهن دريائن تي مختلف ڊيمن جي تعمير ۽ غير قانوني ڪئنال جهڙا منصوبا شامل ڪري رهيو آهي، ته جيئن پاڪستان جي پاڻي ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري سگهجي، هن وقت به ڪرشن گنگا ڊيم، بگهليار ڊيم ۽ رتلي ڊيم جهڙا منصوبا پاڪستان کي پاڻي فراهم ڪرڻ ۾ وڏي رڪاوٽ بڻجي رهيا آھن، انهن ڊيمن جي تعمير سبب عالمي معاهدي جي کلي عام ڀڃڪڙي ٿي رهي آھي، انهيءَ سان گڏوگڏ پاڪستان جي زرعي معيشت کي پڻ تمام گهڻو نقصان رسي رهيو آھي، جڏهن ته ماحولياتي تباهي جا دروازا پڻ کلي رهيا آھن، پاڻي جي مصنوعي کوٽ سبب نه صرف لکين ايڪڙ زرعي زمين بنجر ٿيندي پئي وڃي، پر ملڪ ۾ بجلي متاثر ٿي رهي آھي ۽ توانائي جو بحران پڻ جنم وٺي رهيو آھي، توانائي بحران سبب ڪيتريون ئي فيڪٽريون بند ٿي رهيون آھن، هڪ ختم نه ٿيندڙ بيروزگاري وڌي رهي آھي.
ڀارت پاڻي تي هڪ اهڙي دهشتگردي ڪري رهيو آھي جو هو جڏهن به چاهي پاڻي جي رخ کي بدلائي سگهي ٿو، ڀارت پنهنجي مرضي سان پاڪستان ڏانهن پاڻي موڪلي به سگهي ٿو ته بند به ڪري سگهي ٿو، ڀارت جڏهن پاڪستان جو پاڻي روڪي ڇڏيندو آھي ته ملڪ ۾ خشڪ سالي جنم وٺندي آھي، غريب هاري ۽ ننڍا آبادگار پريشان رهندا آھن، پوکيل فصل پاڻي نه ملڻ سبب سڙي ويندا آھن، غذائي کوٽ پيدا ٿي ويندي آھي، ۽ جڏهن ڀارت هڪ سازش تحت پاڪستان ڏانهن وڌيڪ پاڻي موڪليندو آھي ته ملڪ ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي ويندي آھي، ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ تيار ٿيل فصل پاڻي ۾ ٻوڏي ويندا آھن، جڏهن ته آبادين کي پڻ تمام گهڻو نقصان ٿيندو آھي، انساني جانيون پڻ ضايع ٿي وينديون آھن، ملڪ کي اربين روپين جو مالي نقصان ٿيندو آھي.
انڊيا شروع کان ئي هڪ خاموش جنگ وڙهي رهيو آھي، جنهن جو مقصد پاڪستان کي اندر کان ڪمزور ڪرڻو آھي، پاڪستان ڪيترائي ڀيرا ڀارت جي انهيءَ دهشتگردي جو مسئلو مختلف عالمي فورمن تي اٿاريو آھي، عالمي بئنڪ انهيءَ مسئلي کي خوش اصلوبي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي، پر ڪوبه بهتر نتيجو نه نڪتو، انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آھي ته پاڪستاني حڪمرانن انهيءَ اهم مسئلي تي خاموشي اختيار ڪئي هجي، پر پاڪستان جي حڪمرانن پڻ هميشه پنهنجو احتجاج هر فورم تي رڪارڊ ڪرايو آھي، مگر ڪوبه بهتر نتيجو نه نڪري سگهيو آھي، پاڪستان سرڪار هاڻي پاڻي جي انهيءَ مسئلي تي سنجيدگي سان غور ڪندي اهم فيصلا ڪري، ڇوته ڀارت جي اها دهشتگردي ڪڏهن به ختم نه ٿيندي، پاڪستان عالمي سطح تي پڻ ڀارت جي انهيءَ دهشتگردي خلاف هڪ منظم مهم هلائي، ۽ دنيا کي ڀارت جو اهو چھرو ڏيکاري جنهن پاڪستان جو پاڻي بند ڪيو آھي، ڇوته جيڪڏهن اها صورتحال برقرار رهي ته يقينن پاڪستان جيڪو هڪ زرعي ملڪ آهي ۽ جنهن جي 70 سيڪڙو معيشت جو دارومدار زراعت تي آهي، اها زرعي معيشت ڪجهه وقت کان پوءِ گهٽجي 30 سيڪڙو تائين اچي سگهي ٿي.
پاڪستان کي ڀارت جي ايٽمي بمن ۽ جنگ مان ڪوبه خطرو نه آھي، پر اهم خطرو پاڻي مان آھي، جيڪو ملڪ جي نه صرف زرعي معيشت کي اندر کان خالي ڪري سگهي ٿو، پر معاشي طور تي پڻ پاڪستان کي نقصان رسائي سگهي ٿو، انهيءَ لاءِ اسان سڀني کي متحد ٿيئڻو پوندو، ۽ پاڻي جي انهيءَ جنگ ۾ ڀارت کي شڪست ڏئي عالمي سطح تي پنهنجو پاڻ کي ڪامياب ڪرڻو پوندو.