آمريڪي اسڪالرشپ بند ٿيڻ سان ڳڻتي ۾ ورتل پاڪستاني شاگرد

آمريڪي صدر ٽرمپ جي نئين پاليسين جي تحت پاڪستان ۾ يو ايس ايڊ انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام بند ڪيو ويو آهي.جنھن ڪري هزارين باصلاحيت شاگرد  ڳڻتي ۾ وٺجي ويا آھن.دنيا جي ٻين ملڪن وانگر، پاڪستان پڻ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي "آمريڪا فرسٽ” پاليسين جي ڪري مشڪلات کي منهن ڏئي رهيو آهي. ان جو هڪ وڏو سبب گلوبل يو ايس ايڊ پروگرام جي بندش آهي.

اپريل جي شروعات ۾ يو ايس ايجوڪيشنل فائونڊيشن پاڪستان (USEFP) جي آفيشل سوشل ميڊيا پيجز تي هڪ اعلان ڪيو ويو، جنهن مطابق پاڪستان ۾ USAID انڊر گريجوئيٽ پروگرام ۽ انڊر گريجوئيٽ ايڪسچينج پروگرام کي معطل ڪيو ويو آهي. اعلان جي ٿوري دير بعد وضاحت جاري ڪندي چيو ويو ته آمريڪي يونيورسٽين ۾ انڊر گريجوئيٽ پروگرامن تحت تعليم حاصل ڪندڙ 54 پاڪستاني شاگرد پنهنجي تعليم جاري رکي سگهندا. جڏھن تھ  فل برائيٽ اسڪالرشپ وارن شاگردن کي تعليمي وظيفو پڻ ملندو رهندو.

پر ٻه هفتا گذرڻ  باوجود، USEFP يا هائير ايجوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان پاران انهن 530 پاڪستاني شاگردن بابت ڪو به اعلان نه ڪيو ويو آهي جيڪي 30 پاڪستاني، يونيورسٽين ۾ پاڪ آمريڪا ميرٽ ايند نيڊ بيسڊ اسڪالرشپ تحت تعليم حاصل ڪري رهيا هئا.

ياد رهي ته آگسٽ 2022 ۾ پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان پوءِ، يو ايس ايڊ پروگرام، پاڪستان جي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي سھڪار  سان، 530  حقدار شاگردن کي انڊر گريجوئيٽ پروگرامن لاءِ اسڪالرشپ جاري ڪئي. ايڇ اي سي جي انتظام ھيٺ ھلندڙ ھن اسڪالرشپ پروگرام کي جون 2026 ۾ مڪمل ٿيڻو هو. اهي 530 شاگرد يو ايس ايڊ جي پارٽنر 30 پاڪستاني يونيورسٽين ۾  تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. انهن جو تعلق پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻهراڙي وارن علائقن سان آهي جيڪي ٻوڏ کان سخت متاثر ٿيا هئا.

ڊي ڊبليو کي مليل دستاويزن موجب، پاڪ آمريڪا ميرٽ اينڊ نيڊ بيسڊ  اسڪالرشپ پروگرام جي فيز ٽو ، جي منظوري نسشنل اڪنامڪ ڪائونسل آڪٽوبر 2013 ۾ منظوري ڏني ھئي. جنهن لاءِ شروعاتي طور تي 2.95 بلين ڊالر مختص ڪيا ويا هئا. ان ۾ پاڪستان ھائير ايجوڪيشن ڪميشن جو حصو بھ شامل هو.ساڳئي پروگرام کي 2022 تائين وڌايو ويو ھو. جئين ٻوڏ متاثر علائقن جي ضرورتمند شاگردن کي تعليمي مدد فراهم ڪئي وڃي. هن اسڪالرشپ اسڪيم ۾، جون 2026 کان پوءِ وڌيڪ واڌ بھ غور هيٺ هئي، پر اوچتو بند ڪيو ويو.

مختلف يونيورسٽين ۾ پڙھندڙ غريب شاگرد سخت ڳڻتي ۾ ورتل آھن.يو ايس ايڊ جي اسڪالرشپ پروگرام تحت تعليم حاصل ڪندڙ اڪثرپاڪستاني شاگردن جو تعلق ملڪ جي غريب علائقن  سان آھي.متاثر ٿيندڙ شاگردن وفاقي سرڪار ۽ آمريڪي اختيارين کي ان سلسلي ۾ سھڪار ڪرڻ جي اپيل ڪئي آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.