اسلام آباد : پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ ٻيهر انتهائي خطرناڪ مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي، جتي ڀارت پاڪستان جي ٽن مختلف هنڌن تي ميزائيل فائر ڪيا. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر جي مطابق، ڀارتي حملي جو نشانو ڪوٽلي، مظفرآباد (آزاد ڪشمير) ۽ بهاولپور وارا علائقا بڻيا، جتي زوردار ڌماڪن جون آوازون ٻڌيون ويون.
ڊي جي آءِ ايس پي آر حملي جي تصديق ڪندي چيو ته "بزدل دشمن ڀارت پاڪستان ۾ ٽن هنڌن تي ميزائيل داغيا، پر پاڪستان جي فضائي فوج مڪمل طور تي چوڪنا هئي، ۽ ڀارتي جهازن کي پاڪستاني فضائي حدن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وئي.”
ترجمان موجب، دشمن پنهنجي زمين تان حملي ڪري بزدلي جو مظاهرو ڪيو آهي، هاڻ ان جو جواب پاڪستان پنهنجي مرضي سان، پنهنجي چونڊيل وقت ۽ هنڌ تي ڏيندو. هن وڌيڪ چيو ته "ڀارت جي عارضي خوشي جلد ئي مستقل ڏک ۾ تبديل ٿي ويندي.”
عيني شاھدن ٻڌايو ته مظفرآباد ۾ شهيد گلي ۽ شوائي نالي وارن علائقن ۾ ڌماڪن جون شديد آوازون ٻڌيون ويون، جڏھن ته بهاولپور ۾ چار زوردار ڌماڪن سان سڄو شهر ڏڪي اُٿيو. ريسڪيو ذريعن مطابق سيڪيورٽي فورسون واقعي واري هنڌ تي پهچي چڪاس شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ نقصان جو جائزو ورتو پيو وڃي. هينئر تائين ڪنهن جاني نقصان جي تصديق نه ٿي آهي.
پاڪستاني عوام ۾ غم ۽ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل سامهون آيو آهي. ڪيترن ئي حلقن طرفان مطالبو ڪيو پيو وڃي ته پاڪستان کي هن ڀارتي جارحيت جو فوري ۽ سخت جواب ڏيڻ گھرجي.