ڀارت آصفه ڀٽو جو سوشل ميڊيا اڪائونٽ به بلاڪ ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شازيه مري جو چوڻ آهي ته ڀارت، آصفه ڀٽو زرداري جو سوشل ميڊيا اڪائونٽ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي، شازيه مري پنهنجي بيان ۾ چيو ته: "ڀارت، رياستي دهشتگردي کان پوءِ هاڻ سوشل ميڊيا تي به دهشتگرديءَ ۾ لڳل آهي. سوشل ميڊيا اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ ڀارتي بي چينيءَ جو اظهار آهي واضح رهي ته ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري جو به ڀارت ۾ سوشل ميڊيا پليٽفارم "ايڪس” (اڳوڻو ٽوئيٽر) تي اڪائونٽ بلاڪ ڪيو ويو هو, شازيه مري وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت هميشه ڀارت جو اصل چهرو دنيا اڳيان آندو آهي، ۽ گجرات کان وٺي پهلگام واري واقعي تائين، ڀارتي عوام کي گهرجي ته هو مودي کان پڇاڻو ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.