ڪراچي(رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ملڪ ۾ وياج شرح وڌيڪ هڪ سيڪڙو گهٽائي ڇڏي آهي،جنهن کان پوءِ اها 12 سيڪڙو مان گهٽجي 11 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. مرڪزي بئنڪ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب وياج شرح ۾ هيءَ گهٽتائي زري پاليسي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڪئي وئي، جيڪو فيصلو مارچ ۽ اپريل ۾ بجلي جي سرڪاري اگهن ۾ گهٽتائي ۽ خوراڪ جي شين جي قيمتن ۾ آيل گهٽتائي کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو. مرڪزي بئنڪ موجب، ملڪ ۾ مهانگائي جي صورتحال اڳين امڪاني اندازن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر ٿي آهي۔ گڏوگڏ ڪاميٽي جو خيال هو ته واپاري ٽيرف جي حوالي سان وڌندڙ عالمي غير يقيني صورتحال ۽ عالمي سياسي حالتون معيشت لاءِ چئلينج بڻجي سگهن ٿيون، جنهن سبب ڪاميٽي احتياطي زري پاليسي جو موقف برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو ۽ شرح ۾ هڪ سيڪڙو جي گهٽتائي جو فيصلو ڪيو. مرڪزي بئنڪ موجب، "عام مهانگائي ۾ گهٽتائي جو رجحان اپريل ۾ به جاري رهيو ۽ اها گهٽجي سالياني بنيادن تي 0.3 سيڪڙو ٿي وئي، جنهن جو مکيه سبب خوراڪ ۽ توانائي جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آهي۔ مرڪزي بئنڪ مطابق، "ڪاميٽي جو خيال آهي ته ايندڙ مهينن ۾ مهانگائي آهستي آهستي وڌندي ۽ اها 5 کان 7 سيڪڙو جي حد اندر مستحڪم ٿي ويندي۔ بهرحال، اها صورتحال ڪڻڪ ۽ ٻين خوراڪ جي شين جي قيمتن ۾ تبديلي، توانائي جي اگهن ۾ ڦيرڦار جي وقت ۽ مقدار، عالمي سپلائي چين ۾ امڪاني رڪاوٽن ۽ مستقبل ۾ جنسن جي قيمتن ۾ غير يقيني صورتحال تي دارومدار رکي ٿي۔”