ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عمرسيال تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ نيب قانون ۾ تبديلي کانپوءِ ڪيسن جي صورتحال جو تعين ڪرڻ لاءِ 7 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، عدالت 80 سالن جي جوابدار مسعود جعفري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو معاملو ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو، درخواستگذار جي وڪيل عامر رضا نقوي چيو ته مسعود جعفري دل جو مريض آهي، کيس پيس ميڪر لڳايو ويو آهي، وڪيل درخواست ڪئي ته ان کي علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻو پوندو آهي، ان جو نالو اي سي ايل مان ڪڍيو وڃي، عدالت چيو ته ڪميٽي جي ٺهڻ کان پوءِ، ان کي ڪيس جي حيثيت جو فيصلو ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي، جسٽس عمر سيال چيو ته ممڪن آهي ته هي ڪيس اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ ويندو، بهتر هوندو ته اها عدالت فيصلو ڪري.
-
رتوديرو واسڻ پسند پرڻو ڪندڙ ناري کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم
ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ لاڙڪاڻي جي رتوديرو تعلقي جي ناري ردا کي نظربند رکڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ناري کي 13 مئي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت ايس ايسپي لاڙڪاڻو کي هدايت ڪئي آهي ته ناري جي پيشي کي يقيني بڻايو وڃي،عدالت ڪيس جي جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ۾ درخواستگذار جي وڪيل جو چوڻ هو ته ردا پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي آهي، ڪجهه وقت کان پوءِ ناري جا والدين کيس گهر وٺي ويا جتي گهر ۾ ڪافي عرصي کان بند ڪري ڇڏيو آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ردا کي سندس مڙس جي گهر وڃڻ جي اجازت به نٿي ڏني وڃي، وڪيل باسط شاھاڻي چيو ته ردا کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته کيس ۽ سندس مڙس کي ڪارو ڪاري جي الزام ۾ قتل ڪيو ويندو.
-
پاڪستان پاران ابدالي کانپوءِ هڪ ٻئي ميزائل جو ڪامياب تجربو
راولپنڊي (م ڊ) پاڪستان الفتح ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو، جيڪو زمين کان زمين تائين 120 ڪلوميٽر تائين مار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، پاڪ فوجي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، هي تجربو ”انڊس مشق“ دوران ڪيو ويو،”ايڪس-انڊس” مشق جي حصي طور فائر ڪيل الفتح ميزائل جي رينج 120 ڪلوميٽر آهي، ميزائل ۾ جديد نيويگيشن سسٽم ۽ اعليٰ درستگي شامل آهي. جنهن جو مقصد فوجي جوانن جي آپريشنل تياري کي پرکڻ ۽ ميزائل جي جديد نيويگيشن سسٽم سميت اهم ٽيڪنيڪي پهلوئن جي تصديق ڪرڻ هو، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فتح سيريز جو هي ميزائل هڪ ٽيڪٽيڪل نيوڪليئر هٿيار آهي، جنهن جي مدد سان ڪنهن به حملي جي جواب ۾ عام شهري آبادي کي نقصان پهچائڻ کانسواءِ رڳو فوجي ٿاڪن کي نشانو بڻائي سگهجي ٿو، ٻئي پاسي صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران الفتح ميزائل جو ڪامياب تجربي تي آفيسرن ۽ انجنيئرز کي واڌايون ڏنيون آهن.
-
ڪراچي ۾ ڊمپر جي ٽڪر ۾ نينگر فوت،والدين زخمي
ڪراچي(رپورٽر)گلبائي واري علائقي ۾ هڪ ڏکوئيندڙ حادثي ۾ ڊمپر چنگچي رڪشي کي ٽڪر هنيو، جنهن سبب 10 ورهين جو صمامہ موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس والد ۽ امڙ سخت زخمي ٿيپيا،حادثي بعد مڇريل ماڻهن ڊمپر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو۽ ڊرائيور کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي زخمي ڪيو ويو، پوليس موجب، ڊرائيور بعد ۾ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.