ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عمرسيال تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ملير جيل حملي ۽ ٻين الزامن تي فوجي عدالتن جي فيصلن خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ٿي، موت جي سزا تي عملدرآمد روڪڻ ۽ فيصلن جون ڪاپيون فراهم ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي، جسٽس عمر سيال پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته فوجي عدالتن جي فيصلن خلاف 64 کان وڌيڪ اپيلون سپريم ڪورٽ ۾ التوا ۾ آهن، عدالت چيو ته انهن اپيلن تي جلد فيصلو متوقع آهي ۽ ٻڌڻي ٻن مهينن لاءِ ملتوي ڪئي وڃي ٿي، اها درخواست قاسم طوري،عابد ۽ دانش جي خاندانن پاران داخل ڪئي وئي آهي، درخواستگذارن کي فوجي عدالت مختلف الزامن ۾ موت جي سزا ٻڌائي چڪي آهي، جوابدارن جي خاندانن کي ڪيسن جا تفصيل نه ٻڌايا پيا وڃن ، وڪيل نديم الحق جو چيو ته فيصلي جون ڪاپيون پڻ فراهم ڪيون وڃن ته جيئن ان خلاف اپيل داخل ڪري سگهجن، خاندان سان ملاقات ڪرڻ ۽ سزا تي عملدرآمد روڪڻ جي عدالت کي استدعا آهي.