ڏوهن ۾ ملوث هجڻ تي 50 آفيسر ۽ اهلڪار معطل

ڪراچي(رپورٽر) سنگين ڏوهن، بدعنواني، ۽ ڏوهارين سان گٺ جوڙ هجڻ واريون شڪايتون سامهون اچڻ تي آءِ جي سنڌ پارانپوليس جي 50 آفيسرن ۽ اهلڪارن کي فوري طور معطل ڪيو ويو آهي، تفصيلن موجب معطل ٿيندڙن ۾ ڪراچي جي طاقتور ايس ايڇ او سرجاڻي غلام حسين پيرزادو ۽ ڊسٽرڪٽ سينٽرل جو ايس ايڇ او وقار قيصر به شامل آهن، آءِ جي سنڌ جي هدايت تي باقاعدي حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي، معطلي جو سڀ کان وڏو اثر سکر ۽ ميرپور خاص رينجن تي پيو، جتي ڪيترن ئي اهلڪارن کي بليڪ ڪمپني گارڊن موڪليو ويو آهي، معطل ٿيل ۾ ڪراچي جي ٻن ايس ايڇ اوز سميت 7 اهلڪار شامل آهن، لاڙڪاڻي ڊويزن جي هڪ ڊي ايس پي ۽ هڪ ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪار معطل ٿيلن ۾ شامل آهن، سکر ڊويزن جا 3 ايس ايڇ او سميت 19 اهلڪار معطل ٿيندڙ ۾ شامل آهن، ميرپورخاص ڊويزن جي هڪ ڊي ايس پي، 3 ايس ايڇ اوز سميت 18 اهلڪارن کي به معطل ڪيو ويو آهي، بليڪ ڪمپني موڪليل سمورا آفيسر ۽ اهلڪار گارڊن هيڊڪوارٽر رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.