گهرو وزير خلاف وڊيو بيان ڏيندڙ ايڊيشنل ايس ايڇ او نيوسعيد آباد امداد زرداري معطل

نيوسعيدآباد ( رپورٽ: مشتاق راھو) گهرو وزير خلاف ٿو ڳالهائين، ايس ايس پي مٽياري نيوسعيدآباد ٿاڻي جي ايڊيشنل ايس ايڇ او امداد علي زرداري کي معطل ڪرڻ جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو، ايس ايس پي مٽياري نيوسعيدآباد ٿاڻي جي ايڊيشنل ايس ايڇ او انسپيڪٽر امداد علي زرداري کي سنگين بدانتظامي جي الزامن تي فوري طور تي معطل ڪندي کيس پوليس لائين مٽياري ۾ رپورٽ ڪرڻ جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي، معطلي واري ليٽر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته تفصيلي الزام بعد ۾ لڳايا ويندا ۽ معطلي دوران، هو ضابطن جي تحت قابل قبول پگهار ۽ ٻيا الائونس حاصل ڪندو رهندو جڏھن ته پوليس هيڊ ڪوارٽر مٽياري ۾ موجود رهندو ۽ باقاعدگي سان سڀني رول ڪالز ۾ شرڪت ڪندو ان کان علاوه مجاز اختيارين جي اڳواٽ اجازت کانسواءِ هيڊ ڪوارٽر نه ڇڏيندو. هو پنهنجو بيلٽ ڪپڙن جي دڪان پي ايل مٽياري ۾ جمع ڪرائيندو.واضح رهي ته ٻه اڳ معطل ٿيل انسپيڪٽر امدادعلي زرداري گهرو وزير تي ڪرپشن ڪرڻ، منٿلي وٺڻ جا الزام هنيا هئا، آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کي مخاطب ٿيندي چيو هو ته پيپلزپارٽي ختم ٿي وئي آهي، زردارين جا ڪم نه ٿي رهيا آهن ۽ گهرو وزير ڪرپشن ڪري رهيو آهي اهڙو وڊيو بيان امداد زرداري جو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو هو جنهن بعد کيس ايس ايس پي مٽياري معطل ڪري ڇڏيو آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.