راولپنڊي (م ڊ ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته اهي دهشتگرد گروهه، جيڪي بلوچ سڃاڻپ جي نالي تي بدامني ڦهلائن ٿا، اصل ۾ بلوچ قوم جي عزت ۽ وقار تي چُٽو آهي. آءِ ايس پي آر موجب، اِهي ڳالهيون جنرل عاصم منير جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ 15هين نيشنل ورڪشاپ بلوچستان جي شرڪت ڪندڙن سان ملاقات دوران ڪيون. فوجي ترجمان ٻڌايو ته هي ورڪشاپ 2016 کان جاري آهي، جنهن ۾ بلوچستان سان واسطو رکندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن، بيوروڪريٽس، سول سوسائٽي، شاگردن، تعليمي ماهرن ۽ ميڊيا جي نمائندن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب، ورڪشاپ ۾ مختلف سيمينار، گروپ مباحثا ۽ ملڪ جي مختلف علائقن جا دورا شامل هوندا آهن. ورڪشاپ جو مقصد بلوچستان جي مستقبل جي اڳواڻن کي قومي ۽ صوبائي سطح جي اهم معاملن جي سڃاڻپ ۽ گڏيل قومي ردعمل لاءِ تيار ڪرڻ آهي. آرمي چيت پنهنجي خطاب ۾ چيو ته حڪومت بلوچستان جي سماجي ۽ معاشي حالتن ۾ سڌاري لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. جنرل عاصم منير سول سوسائٽي جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته نوجوانن ۾ شعور اجاگر ڪرڻ ۽ ترقي جي سفر کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سول سوسائٽي جي ڀرپور شرڪت ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته پرڏيهي سرپرستي هيٺ ٿيندڙ دهشتگردي بلوچستان جي امن ۽ ترقي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي. اهڙا شرپسند، جيڪي پرتشدد ڪاررواين، دهشت ۽ بيچيني جي ذريعي بلوچستان کي غير مستحڪم ڪرڻ چاهين ٿا، انهن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف چيو ته دهشتگردي جو نه ڪو مذهب هوندو آهي، نه فرقو ۽ نه ئي ڪا قوميت، ان جو مقابلو رڳو قومي يڪجهتي ۽ پختي عزم سان ئي ممڪن آهي. جنرل عاصم منير چيو ته پاڪستان خطي ۽ دنيا ۾ امن جو خواهشمند آهي، پر جيڪڏهن پاڪستان جي خودمختياري يا علائقائي سلامتي کي ڪو چئلينج ڪيو ويو ته ملڪ جي عزت ۽ عوام جي سلامتي جي تحفظ لاءِ مڪمل طاقت سان جواب ڏنو ويندو.