ميرپورخاص(بيورورپورٽ) عورتن جي تنظيم جي اڳواڻن شيما ڪرماڻي،مريم زاهد، عروج فاظمه ۽ ٻين ميرپورخاص پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عورتن کي سندن حقن جي آگاهي ڏيڻ لاءِ پاڪستان ۾ هر سال عورت مارچ منعقد ڪيو ويندو آهي جيڪو ڪراچي اسلام آباد ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ منعقد ڪيو ويندو آهي، هن چيو ته پهريون ڀيرو عورت مارچ 11 مئي تي ميرپورخاص منعقد ڪيو ويندو جنهن ۾ عورتن جي حقن جي لاءِ آگاهي فراهم ڪئي ويندي، هن چيو ته عورت مارچ ڪرڻ جو مقصد ملڪ ۾ هڪ اهڙو معاشرو ٺاهڻ چاهيون ٿا جنهن ۾ عورتن کي برابري جا حق ملي سگھن عورتن کي ملڪيت مان محروم رکڻ جي بدران عورتن کي مذهب ۽ قانون موجب سندن حق ڏنو وڃي، هنن چيو ته سنڌ ۾ عورتن سان ظلم ٿي رهيو آهي سنڌ ۾ عورتن کي ملڪيت مان محروم رکڻ، عورتن کي غيرت جي نالي تي ڪاري قرار ڏئي قتل ڪرڻ، جنسي طور هراسان ڪرڻ تعليم کان محروم رکڻ سميت ٻيا ظلم ٿين ٿا اسين انهن عورتن کي عورت مارچ ذريعي آگاهي ڏيڻ چاهيون ٿا .