هڪ اسرائيلي اھلڪار موجب اسرائيل جي سيڪيورٽي ڪابينا غزا تي قبضي سميت حماس خلاف فوجي آپريشن کي وڌائڻ جي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.اھڙي منصوبي جي منظوري سان غزه جي 21 لک فلسطينين کي ڏکڻ طرف منتقل ڪرڻ جو چيو ويو آھي.جنھن سان وڏي انساني بحران جنم وٺڻ جو خطرو پيدا ٿي پيو آھي.سرڪاري اھلڪار موجب اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو ان کي "شاندار منصوبو” قرار ڏنو آهي.جنھن سان حماس کي شڪست ملڻ سميت باقي يرغمالين جي آزادي ممڪن بڻائيندو.
اسرائيلي ڪابينا اصولي طور تي خانگي ڪمپنين ذريعي انساني امداد فراهم ڪرڻ ۽ ورهائڻ جي هڪ منصوبي جي منظوري پڻ ڏني آهي، جيڪو گڏيل قومن جي مطابق ٻن مهينن جي ناڪابندي کي ختم ڪندو. ھن وقت غزه ۾ خوراڪ جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.حماس اھڙي اسرائيلي منصوبي کي ‘سياسي بليڪ ميلنگ’ جي برابر قرار ڏنو آهي.بنجمن نيتن ياهو جي آچر ڏينھن شام جو سيڪيورٽي ڪابينا جو اجلاس ڪيو ھو.جنھن ۾ غزه ۾ آپريشن سان لاڳاپيل معاملن تي بحث ۽ اسرائيل جي ٻن مهينن جي جنگ بندي ختم ٿيڻ کان پوءِ 18 مارچ کان شروع ٻيھر شروع ڪيل آپريشن بابت بحث ڪيو ويو.
هڪ اسرائيلي سرڪاري عهديدار ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو تھ اسرائيل فوجي جي سربراھ جي پيش ڪيل منصوبي کي سمورن وزيرن متفقه ووٽ ڏنو.جيڪو "غزه ۾ حماس کي شڪست ڏيڻ ۽ يرغمالين جي واپسي“ بابت ھو. اسرائيلي ميڊيا ڄاڻايو آھي تھ ان منصوبي ۾ مهينا لڳندا ۽ پهرين مرحلي ۾ غزه جي علائقن تي قبضو وڌائڻ ۽ علائقي جي سرحدن سان گڏ اسرائيل جي نامزد ‘بفر زون’ جي توسيع شامل هوندي.
سيڪيورٽي ڪابينا جي ھڪ ميمبر زيو ايلڪن اسرائيلي سرڪاري ٽي وي ڪان کي ٻڌايو ته ٽرمپ جر وچ اوڀر جي 13 مئي کان 16 مئي واري دوري جي پڄاڻي کان اڳ ،جيڪڏھن حماس سمجھي ٿي تھ اسان سنجيده آهيون ته "اڃا به هڪ امڪان” آهي ته هڪ يرغمال کي آزاد ڪيو وڃي.جڏهن ته، نقادن جو چوڻ آهي ته اها هڪ ناڪام حڪمت عملي آهي ڇاڪاڻ ته ڇهه هفتا اڳ ٻيهر شروع ٿيل آپريشن کان پوءِ پڻ باقي 59 يرغمالين مان ڪنهن کي به آزاد نه ڪيو ويو آهي.حماس سان ٻن مهينن جي جنگ بندي ختم ٿيڻ کان پوءِ اسرائيل 18 مارچ تي غزه ۾ پنهنجو آپريشن ٻيهر شروع ڪيو ۽ ان کان پوءِ ڪنهن به اسرائيلي يرغمال کي آزاد نه ڪيو ويو آهيهن ڪارروائي ۾ اسرائيل غزه جي هڪ وڏي علائقي تي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ لکين رهواسين کي بي گهر ڪيو آهي. اسرائيل چيو آهي ته ان جو مقصد حماس تي دٻاءُ وجهڻ هو ۽ حڪمت عملي ۾ انساني امداد جي بندش شامل آهي جيڪا ٻن مهينن کان وڌيڪ عرصي کان جاري آهي.
غزه ۾ جنگ دوران گهٽ ۾ گهٽ 52 ھزار فلسطيني مارجي ويا آهن، 18 مارچ کان پوءِ مارجي ويلن جو تعداد ھڪ ھزار آهي. زخمين ۽ معذورن جو انگ اڍئي ھزار تائين پھچي ويو آھي.اسرائيل پاران غزه ۾ جنگ جي دائري کي وڌائڻ لاءِ ريزرو فوجون طلب ڪرڻ جو اعلان هڪ اهڙي وقت ۾ آيو آهي جڏهن اسرائيل اندر جنگ جي مخالفت ۾ آواز اٿي رھيو آھي.
مبصرن جو چوڻ آهي ته هڪ ڊگهي حملي سبب ٿڪل رزرو سپاهين تي وڌيڪ دٻاءُ پوندو، جنھن مان ڪجهه کي جنگ شروع ٿيڻ کان وٺي پنج يا ڇهه ڀيرا طلب ڪيو ويو آهي.ياد رکڻ گهرجي ته 7 آڪٽوبر کان پوءِ، لکين اسرائيلي رزرو اهلڪارن خدمتون پيش ڪيون، پر هاڻي، اهلڪار ان جي مخالفت ڪري رهيا آهن ۽ رپورٽن موجب، رزرو فورسز جي حاضري 50 کان 60 سيڪڙو گهٽجي وئي آهي.جنوري 2025 ۾ جنگ بندي جي معاهدي ۽ ان کان پوءِ 30 کان وڌيڪ يرغمالين جي واپسي ڪيترن ئي ماڻهن کي اميد ڏياري ته جنگ جلد ختم ٿي سگهي ٿي.پر جڏهن اسرائيل مارچ جي وچ ۾ جنگ بندي ختم ڪئي ۽ ٻيهر جنگ شروع ڪئي ته اهي اميدون ٽٽي ويون.