ڳاڙهي بس جو ڪارو منهن!

تحرير: مارئي سومرو

 غريب عوام ۽ اليٽ ڪلاس يعني امير طبقو هڪ رستي تي گڏ نه هلي سگهندا آهن نه ئي اليٽ ڪلاس کين قبول ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي. عوام ۾ اليٽ يعني مراعات يافته امير طبقو شامل ڪونه هوندو آهي ان ڪري عوام جا مسئلا ۽ مونجهارا مختلف ٿين ٿا جن سان اليٽ ڪلاس  جو ڪو واسطو ڪونه هوندو آهي. اليٽ ڪلاس جي اشرافيه، مرعات يافته، وڏيرا، آفيسر شاهي جا ماڻهو جن کي مختلف ذريعن سان پيسو ڪمائڻ جو هنر هوندو آهي ٽيبل جي مٿان ٽيبل جي هيٺان ڪنهن جي ڪک ۾ ڪانو هڻي ته ڪنهن جا سڀ وسيلا بند ڪري هو پيسو ڪمائين ٿا ان سڄي عمل جي ڪرڻ لاءِ ضمير جو ناسو ڌي هجڻ نهايت ضروري هوندو آهي، ڪي ته وري پنهنجو ضمير ماري ڇڏيندا آهن نه هوندو جيئرو نه ئي تنگ ڪندو پوءِ جيڪو وڻي سو ڪجي ۽ زندگي عيش آرام سان گذارجي.

 ڪجهه ڏينهن کان پنهنجي اردگرد پئي پبلڪ ٽرانسپورٽ بابت ڪجهه ڳالهيون گردش ڪنديون رهيون ڪنهن چيو ته شل ڪا ڄنگهه ڀڄيس ڪنهن چيو ته ڳاڙهي بس جو ڪارو منهن، ڪنهن چيو ته اسين کيس جهوليون کڻي پٽيون پيا. معلوم ڪيو ته خبر پئي ته رڪشا چنگچي بند ڪئي وئي آهي. وڏي فاصلي تان اچڻ وارن لاءِ وڏي بي چيني آهي ان لاءِ رڪشا چنگچي بند ڪئي وئي آهي ته جيئن عام ماڻهو ڳاڙهي بس ۾ سفر ڪري جيڪو اڳ ئي ان ۾وڏي تعداد ۾ سفر ڪري رهيو آهي جنهن جي رت ۽ ماس کي پٽي آفيسر شاهي قائم آهي ان عوام لاءِ ڪو جوڳو بندوبست ڪونهي جو هو پنهنجي ڪم ڪار لاءِ نڪرن ۽ سولائي ۽ سستي طريقي سان منزل تي پهچي سگهن.

 هاڻي ٿورو ڳاڙهي بس جي مليل معلومات اوهان جي آڏو رکان، اُها هي آهي ته ڳاڙهي بس ۾ عورتن لاءِ رڳو ست ڪرسيون لڳل آهن ڪنهن ڪنهن ۾ مڙئي ڪا هڪ ٻه وڌيڪ به هوندي پر هر روٽ تي ساڳيون ساڳيون بسون نٿيون هلن. ٻئي طرف ويهڻ واريون عورتون پنهنجا پير رکن ته بيهي سفر ڪرڻ وارين عورتن کي سندن ميرا جوتا لڳن ٿا ۽ ڪپڙا ميرا پڻ ٿين ٿا.گهڻي ڀاڱي عورتون يا مرد به بيهي سفر نٿا ڪري سگهن وري هيڏي وڏي بس، جڏهن بريڪ ٿي لڳائي ته عورتون ايئن ٿيون ڪرن جيئن ڪا ٻڪري ڦينگڙيون ڪري ڦٽو ڪري، معصوم ٻار ڪڇ ۾کڻڻ واريون عورتون به بريڪ لڳڻ سان ايئن ٿيون ٻار ڪيرائين. ايڏو زور سان لڳڻ وارو  بريڪ ته ظاهر آ ته ڪوبه نٿو برداشت ڪري سگهي سو مرد ۽  عورتون جوڪرن جيان بس جو هينڊل جهلي لڏندا رهن ٿا. وري پنج سالن جي ٻار جو به ڪرايو وٺن اسان جي غريب عوام وٽ ماشاءَ الله اولاد به جهجهو ٿئي ٿو هلو جي گهڻا نه به  هجن ته پوءِ به وڏا ته لڙڪي لڙڪي لڏندا وڃن، معصوم ٻار ڪيئن پاڻ سنڀالين، جيڪا ماءُ  بيهي سفر ڪري، ڪرايو به ڏي ۽ اها  ٻارن کي به سنڀالي سچ پچ ته نهايت مشڪل عمل  آهي. ويچاري غريب ماءُ  رڪشا چنگچي وارن کي ته منٿ ڪري پنج ڏهه روپيا گهٽ به ڪرائي ٿي ۽ ٻار به ڪڇ ۾ ويهاري ٿي پر بس ۾ اهو ممڪن ئي ڪونهي.

وڏي تعداد ۾ ڪمپنين ۾ اسپتالن ۾ ۽ اسڪولن ۾ ڪم ڪرڻ وارا ماڻهو جن جي ڪمائي گهٽ ۽ خرچ وڏا آهن تن کي سفر ۾ ڏکيائون پيش اچن ٿيون انهن ڳاڙهن بسن جا روٽ به ڏکيا ۽ اڍنگا هوندا آهن. بسون هڪ ته تعداد ۾ گهٽ ۽ مهانگيون آهن ۽ روٽ اڻ پورا هوندا اٿن. ڪنهن به طريقي سان عوام جي سک لاءِ ناهن جنهن جي ڪري عوام نهايت پريشاني ۽ تڪليف جو شڪار آهي. ڳاڙهي بس جو ته آهي ئي ڪارو منهن پر گلابي بس جو به اڇو منهن آهي جيڪا پهرين ته ملڻ ناپيد آهي پر ان ۾ به سفر جا سمورا ساڳيا ئي سور آهي.

عام تاثر اهو آهي ته سياسي نمائندا توڙي آفيسر يا سڄو اليٽ ڪلاس چنگچي رڪشا کان ان ڪري بيزار آهي ته کين رستن تي غريب عوام جي اها ٽرانسپورٽ مناسب ڪونه ٿي لڳي ته پوءِ سڀ آفيسر ۽ سڄو اليٽ ڪلاس به انهن بسن ۾ سفر ڪري جيئن عام ماڻهو ڪري ٿو جي توهان لڙڪي سفر نٿا ڪري سگهو ته پوءِ ٻئي انسان کي به سرگس جي جوڪرن جيان لڙڪي لڙڪي سفر ڪرڻ تي مجبور نه ڪيو.عوامي نمائندن کي عوام جا مسئلا سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ لاءِ عوام ۾ هجڻ ضروري آهي جي  مسئلا حل نٿا ڪري سگهن ته مسئلا وڌائن به نه. هيڏي بلا جيڏي گاڏي جيڪا ڪروڙين جي خريد ڪري پنهنجا ڀڀ ڀريا وڃن ۽ سک  ٽڪو نه هجي ته  اهڙي عوام دشمن پاليسين کي عوام رد ڪري چڪو آهي. اوهان مجبور تي پيا آهيو گاڏيون هلائڻ لاءِ. پر مناسب ٽرانسپورٽ هر شهري جو حق آهي سو جي دعائون حاصل نٿا ڪري سگهو ته پٽون به نه کڻو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.