پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪينال منصوبن کي رد ڪرڻ کان پوءِ سنڌ ۾ جلسن ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. اهي جلسا ڇو ڪيا پيا وڃن يا انهن جو ڪهڙو ڪارڻ آهي؟ اهو به پنهنجي جاءِ تي هڪ سوال آهي. ان سوال جو جواب پنهنجي ليک ۾ ضرور ڏيندس. منهنجي جواب جي مخالفت اهي سياسي طاقتون ڪري سگهن ٿيون جيڪي بنيادي طور پ پ مخالف آهن. بحرالحال حيدرآباد واري ڪامياب جلسي کان پوءِ جنهن جو ڪريڊٽ اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڏانهن وڃي ٿو بلاول ڀٽو زرداري سکر ۾ تڪڙو جسلو ڪيو ۽ ان جلسي جي ڪاميابيءَ جو راز به اهيو هو ته ان جلسي کان هڪ ڏينهن اڳ بلاول ڀٽو زرداري ڪينال منصوبن کي فوري طور رد ڪرائڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف سان هڪ هڪاڻي ڪرڻ لاءِ ملاقات ڪئي جيڪا ڪامياب به وئي ۽ وزيراعظم کي بلاول ڀٽو زرداري جي ناراضگي واري ڳالهه سمجهه ۾ به اچي وئي ۽ ان ملاقات کي وزيراعظم ڳالهه کي ڳڙ ٿيڻ نه پيو ڪرڻ چاهي. سکر واري ڪامياب جلسي کان پوءِ بلاول ڀٽو زرداري خواهش ڏيکاريندي اعلان ڪيو ته هو ميرپور خاص ۾ جلسو ڪندو. ميرپور خاص وارو جلسو به ڪامياب رهيو ۽ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان جو اهم ڪارڻ اهيو هو ته بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ ڪينال منصوبن لاءِ جيڪا اڻ کٽ مهم هلائي ۽ ڪينال منصوبن کي رد ڪرائڻ جو وزيراعظم کان اعلان ڪرايو ان جو به اهم سبب هو. ۽ ان ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو ڪليدي ڪردار رهيو. ميرپور خاص واري جلسي ۾ عوام پر جوش ٿيندي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڏٺوسين ته سکر واري جلسي کان به وڌيڪ عوام ميرپور خاص واري جلسي ۾ شريڪ ٿيو ۽ ميرپور خاص وارو جلسو بلاول ڀٽو زرداري جي پڦڙ مير منور ٽالپر جي اباڻي ضلعي جو هو. پر جيڪڏهن ڪينالن وارو منصوبو ختم نه ٿئي ها ته پوءِ جلسي ۾ عوام جي شرڪت يقينن تمام گهٽ ٿئي ها. ڇاڪاڻ ته سنڌ جو عوام وفاق تي ته ڪاوڙيل هيو ئي پر ان سان گڏوگڏ پ پ تي به ناراض هو ۽ پي پي مخالف قوتن عوام جو پي پي خلاف برين واش ڪرڻ پئي چاهيو. بحرالحال ميرپور خاص واري جلسي ۾ بلاول ڀٽو زرداري خواهش ڏيکاريندي اعلان ڪيو ته 9 مئي تي پنهنجي والد صدر آصف علي زرداري جي ڄم واري شهر نواب شاهه ۾ جلسو ڪرڻ چاهي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري جي ان اعلان کان پوءِ نواب شاهه واسين خوشيءَ سان لبيڪ چيو. هاڻي ڏسڻو اهيو آهي ته نواب شاهه جو جلسو ڪيترو ڪامياب وڃي ٿو. ڇا نواب شاهه وارو جلسو ميرپور خاص واري جلسي جا ٿَڪَ لاهي سگهندو؟ بحرالحال نواب شاهه واري جلسي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پي پي ايم پي اي ۽ عورتن جي اڳواڻ ادي فريال ٽالپر ۽ پاڪستان جي خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ ڪراچي زرداري هائوس ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزير علي حسن زرداري، عاشق حسين زرداري، سالم زرداري، وقار مهدي، نثار کهڙو، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، اڳوڻو گهرو وزير سردار سهيل انور خان سيال، وزير داخله سنڌ ضياءَ لنجار، علي اڪبر جمالي، چنا قوم جو اڳواڻ ، ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اڳواڻن کي مشورو ڏنو ويو ته هو جلسي کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ عوام سان ويجهڙائپ وارو رابطو تيز ڪري ڇڏين. ان اجلاس ۾ مخدومن جي شرڪت جو نالو ميڊيا اندر نه پيو اچي.
خير، ميرپور خاص وارو جلسو ادي فريال ٽالپر جي ور مير منور ٽالپر جي اباڻي ضلعي جو جلسو هو ۽ نواب شاهه وارو جلسو پي پي قيادت جو جلسو آهي. پاڪستان جو صدر آصف علي زرداري، ادي فريال ٽالپر، عذرا پيچوهو، علي حسن زرداري جو اباڻو ضلعو آهي. جيڪڏهن ميرپور خاص واري جلسي ۾ 50 هزار ماڻهن شرڪت ڪئي ته نواب شاهه واري جلسي ۾ 1 لک کان به مٿي عوام هجڻ گهرجي. بحرالحال هن جلسي تي ميڊيا جي نظر آهي. هاڻي سوال اهو ٿو پڇيو وڃي ته آخرڪار بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ تڪڙا جلسا ڇو پيو ڪري؟ منهنجي نظر ۽ سوچ مطابق جيڪو جواب سمجهه ۾ اچي ٿو ڏيئي ڇڏيم ته سنڌ جي عوام سان بلاول ڀٽو زرداري ويجهو رابطو رکڻ چاهي ٿو. ڇاڪاڻ ته اليڪشن کان پوءِ بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي عوام سان ويجهڙائپ واري رابطي کان ڪٽيل رهيو ان جو اهم سبب مصروفيتون آهن. بلاول ڀٽو زرداري چاهي ٿو ته هو عوام سان ويجهڙائپ وارو رابطو ڪري انهن جا ڏک سور معلوم ڪري سگهي ۽ سنڌ ۾ عوام لاءِ جيڪي ترقياتي منصوبا شروع ڪيا آهن انهن جو هو ذاتي طور بغور جائزو وٺي سگهي ۽ پي پي جي ويزن اٽو، لٽو ۽ اجهي کي اصلي وڳو پارائي سگهجي. ڪينالن واري منصوبي کي دفن ڪرائڻ کان پوءِ نظر اچي ٿو ته بلاول ڀٽو زرداري به خوش ڪينالن منصوبن کي رد ڪرائڻ لاءِ پي پي سان گڏوگڏ وڪيلن جي به ڪارائتي ۽ تاريخي جدوجهد رهي. پر ڪريڊٽ بلاول ڀٽو زرداري ڏانهن منتقل ٿيو آهي. نواب شاهه جلسي کي ڪامياب بنائڻ لاءِ جيڪا وڏي بيٺڪ زرداري هائوس ڪراچي ۾ ٿي آهي ان جا نتيجا به لاڀائتا ئي ايندا ۽ هي جلسو تاريخي جلسو هوندو. هن جلسي ۾ بلاول ڀٽو زرداري اهم سياسي اعلان به ڪندو ۽ سنڌ جي عوام جي فلاح ۽ بهبود سان لاڳاپيل اعلان به هوندو. بلاول ڀٽو زرداري چاهي ٿو ته سنڌ جي زراعت ٻين صوبن کان وڌيڪ ترقي ڪري ۽ هاري آبادگار جي زراعت ۾ مالي مدد به ڪئي وڃي. ان لاءِ هاري ڪارڊ سميت انيڪ منصوبا جوڙيا ويا آهن. سو منهنجي خيال ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو نواب شاهه وارو جلسو تاريخي جلسو هوندو. ۽ سنڌ جي عوام لاءِ خوشين جا ڍير کڻي ايندو.