ورلڊ آستما ڊي هر سال 6 مئي تي ملهايو ويندو آهي ته جيئن استما (دم) جي باري ۾ شعور پيدا ڪري سگهجي ۽ ان بيماري ۾ ورتل ماڻهن کي سٺي زندگي گذارڻ لاءِ رهنمائي ملي سگهي. هن ڏينهن جو مقصد دنيا ۾ دم جي بيماري سڃاڻپ، علاج ۽ بچاءُ جي طريقن تي ڌيان ڏيڻ آهي.استما هڪ دائمي ساهه جي بيماري آهي، جنهن ۾ مريض کي ساهه کڻڻ ۾ مشڪل، کنگهه، ساهه جي تڪليف ۽ ڇاتي ۾ ڄمي وڃڻ جهڙيون علامتون ٿين ٿيون. هيءَ بيماري ڪنهن به عمر ۾ ٿي سگهي ٿي ۽ عام طور تي الرجي، ماحولياتي گدلاڻ يا وراثتي سببن ڪري ٿيندي آهي.
ورلڊ استما ڊي جي موقعي تي مختلف ملڪن ۾ سيمينار، آگاهي واک، طبي ڪئمپون ۽ آن لائن پروگرام منعقد ٿين ٿا ته جيئن ماڻهن کي ٻڌائي سگهجي ته استما جو علاج ممڪن آهي ۽ جيڪڏهن بروقت احتياط ڪئي وڃي ته مريض عام زندگي گذاري سگهي ٿو. اسان کي گهرجي ته اسين استما جي مريضن جي همت افزائي ڪريون، انهن سان همدردي سان پيش اچون ۽ انهن کي ماحول جي صفائي، سگريٽ نوشي کان بچڻ، ۽ ڊاڪٽر جي هدايتن تي عمل ڪرڻ جي تلقين ڪريون. هي ڏينهن صرف هڪ رسمي عمل ناهي، پر صحتمند سماج ڏانهن قدم آهي.
پاڪستان ۾ استما جا ڪيس هر سال وڌي رهيا آهن، جن جا ڪيترائي سبب آهن، جيئن ماحولياتي گدلاڻ، سگريٽ نوشي، الرجي، گهريلو گدلاڻ ۽ وراثتي عنصر. پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ هوا جي گدلاڻ جو سطح عالمي صحت تنظيم (WHO) جي مقرر معيار کان لڳ ڀڳ ڏهه ڀيرا وڌيڪ آهي. هي گدلاڻ استما جي مريضن لاءِ خطرناڪ آهي ۽ نون بيمارين جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
شهري علائقن ۾ گاڏين جو دونھون، صنعتي فضلو، ۽ سموگ استما جي ڪيسن ۾ اضافي جو سبب آهن. پاڪستان ۾ سگريٽ نوشي ۽ تمباکو جي دونھين جو پکڙاءُ استما جي مريضن لاءِ وڏو خطرو آهي. تحقيقن مان معلوم ٿيو آهي ته گهرن ۾ تمباڪ جي دونھين کان متاثر ماڻهن ۾ استما جي علامتن جو امڪان وڌيڪ آهي، جيڪو ٻارن ۽ وڏن ٻنهي لاءِ نقصانڪار آهي.
استما عام طور تي الرجي ۽ وراثتي سببن سان به ٿيندو آهي. پاڪستان ۾ ڪيل هڪ تحقيق مطابق، الرجي جي تاريخ رکندڙ ماڻهن ۾ استما جو خطرو 2.8 ڀيرا وڌيڪ آهي. اهڙيءَ ريت، خاندان ۾ استما جي موجودگي به بيماري جي پکڙاءُ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. گهرن ۾ خراب وينٽيليشن، ڌوڙ، ۽ ڪچن جو دونھون استما جا ڪيس وڌائين ٿا. خاص طور تي ٻارن ۾، گهريلو گدلاڻ استما جي علامتن کي وڌائي ٿي. ڪراچي ۾ ڪيل تحقيق مطابق، خراب وينٽيليشن وارن گهرن ۾ رهندڙ ٻارن ۾ استما جو خطرو وڌيڪ مليو آهي.انهن سڀني عنصرن کي نظر ۾ رکندي، پاڪستان ۾ استما جا ڪيس وڌي رهيا آهن. هن بيماري تي ضابطو آڻڻ لاءِ ماحولياتي گدلاڻ گهٽائڻ، سگريٽ نوشي تي پابندي لڳائڻ، ۽ عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ضروري آهي.
پاڪستان ۾ استما هڪ سنگين صحت جو مسئلو آهي، جيڪو لکين ماڻهن کي متاثر ڪري رهيو آهي. 2022 جي رپورٽ مطابق، ملڪ جي ڪل آبادي جو لڳ ڀڳ 4.3 سيڪڙو، يعني 14 ملين ماڻهو، استما جو شڪار آهن. هي شرح مختلف علائقن ۾ مختلف آهي، خاص طور تي شهري علائقن ۾ جتي گدلاڻ وڌيڪ آهي.
موسمي تبديليون، هوا جي گدلاڻ، الرجي، ۽ زندگي جي انداز ۾ تبديليون استما جي وڌندڙ ڪيسن جا اهم سبب آهن. مثال طور، لاهور ۾ 2024 جي خزاں جي موسم ۾ سخت سموگ جي ڪري صرف هڪ هفتي اندر 5,000 کان وڌيڪ مريض اسپتالن ۾ رپورٽ ٿيا. اهڙيءَ ريت، 2020 ۾ ڊيره اسماعيل خان (خيبر پختونخوا) ضلعي ۾ مارچ مهيني دوران استما جا 51.8% ڪيس رڪارڊ ٿيا.
ٻارن ۽ بالغن ٻنهي ۾ استما جي شرح ڳڻتي جوڳي حد تائين وڌي رهي آهي. ڪراچي جي هڪ تحقيق مطابق، 3 کان 17 سال جي عمر وارن ٻارن ۾ استما جي شرح 10.2 سيڪڙو هئي، جڏهن ته بالغن ۾ 6.6 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن جا اهم سبب سگريٽ نوشي، الرجي، ۽ گهريلو گدلاڻ آهن.
استما جي مريضن جو وڌندڙ انگ صحت جي نظام تي دٻاءُ وڌائي رهيو آهي. ماهرن مطابق، جيڪڏهن بروقت قدم نه کنيا ويا ته ايندڙ 10 کان 20 سالن ۾ استما جا ڪيس 20 کان 25 سيڪڙو تائين وڌي سگهن ٿا. ان لاءِ ضروري آهي ته عوام ۾ شعور وڌايو وڃي، ماحولياتي گدلاڻ تي ضابطو آندو وڃي، ۽ مريضن کي بروقت ۽ مؤثر علاج مهيا ڪيو وڃي.
استما تي ضابطو آڻڻ لاءِ سڀ کان اهم قدم آهن: بيماري جي بروقت سڃاڻپ، باقاعده علاج، ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ. مريضن کي گهرجي ته اهي پنهنجي ڊاڪٽر جي هدايتن موجب دوا (خاص طور تي انہيلر) باقاعدي استعمال ڪن ۽ الرجي يا گدلاڻ جهڙن سببن کان بچن. ماحول جي صفائي، گهر ۾ ڌوڙ ۽ دونھين کان بچاءُ، ۽ تمباکو نوشي کان پاسو ڪرڻ بيماري جي شدت کي گهٽائڻ ۾ مدد ڏين ٿا. عوامي شعور ۽ صحت جا پروگرام به هن بيماري تي ضابطو آڻڻ لاءِ انتهائي ضروري آهن.