گوادر بندرگاهه مان حاصل ٿيندڙ آمدنيءَ ۾ بلوچستان جو ڪو به حصو ناهي: انتظاميا

گوادر(م ڊ)گوادر پورٽ اٿارٽي پاران بلوچستان حڪومتِ کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته بندرگاهه مان حاصل ٿيندڙ آمدنيءَ ۾ بلوچستان جو ڪو به حصو شامل ناهي، ان سلسلي ۾ گوادر پورٽ اٿارٽي جو صوبائي حڪومت ڏانهن موڪليل هڪ خط سامهون آيو آهي، جنهن موجب گوادر بندرگاههجو آپريشنل ڪنٽرول چين جي ڪمپني جي حوالي آهي، خط موجب بندرگاهه جا ٻه آپريٽنگ ادارا صرف 9، 9 سيڪڙو آمدني گوادر پورٽ اٿارٽي کي ڏين ٿا، جڏهن ته هڪ ادارو 15 سيڪڙو تائين آمدني ڏئي رهيو آهي، صوبي کي انهن مان ڪابه سڌي رِعايت حاصل ناهي، ان معاملي تي وزيراعليٰ بلوچستان مير سرفراز بگٽي خاطري ڪرائي آهي ته هو اهو اهم اشو وفاقي حڪومت جي اڳيان ضرور کڻندا، ٻئي طرف بلوچستان عوامي پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات سينيٽر ڪهدا بابر بلوچ چيو آهي ته گوادر ۾ تيل جي غيرقانوني واپار کي بند ڪيو وڃي، هن جو چوڻ هو ته ڪنٽاني کانسواءِ ٻين هنڌن تي ڪوسٽ گارڊ ۽ مختلف ادارن جي ذريعي هلندڙ ڪارروايون مقامي ماڻهن جي حقن جي خلاف ورزي آهن، سينيٽر بابر بلوچ وڌيڪ چيو ته حڪومت کي گهرجي ته ڪنٽاني هور ۾ مقامي ماڻهن کي ترجيح بنيادن تي تيل جي ڪاروبار ۾ شامل ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.