سنڌ تبديل ٿي وئي، ٻٻرلو ڌرڻي تي ناول ۽ شاعري لکجڻ لڳي

اسلام آباد( طلعت حسين) سنڌ تبديل ٿي وئي آھي ۽ ان جو ھڪ نئون چھرو دنيا سامھون آيو آھي ڪئنال معاملو جنھن تي لڳي رھيو ھيو تھ ڀلي حڪومت ھلي وڃي اھو نھ رڪبو پر سنڌ جي احتجاج سبب اھورڪجي ويو ۽ اسلام آباد کي روڪڻو پيو سينئر صحافي ذوالفقار گراماڻي  مطابق ھن تحريڪ ۾ سموريون ڌريون شامل ھيون پ پ بھ  ان خيال جي ھئي پر اصل ٻارڻ عامر نواز وڙائچ ۽ ان جي وڪيلن ٻاريو انھن سان ننڍا ننڍا ٻار، عام ماڻھو ڌرڻي ۾ شامل ٿي ويا.  ڳوٺن ڳوٺن مان ماڻھو آيا عورتون آيون، مزدور پھتا، ٻاھرن ملڪ ويٺلن بھ ڪنھن نھ ڪنھن ريت  پنھنجو حصو شامل ڪيو.ھن ڀيري  سنڌ جي عوام ليڊرن کي ٻڌايو تھ ڏسو توھان جو اسان ڪيئن ساٿ ڏنو.عامر نواز 15 ڏينھن اندر  سنڌ ۾ مشھور ٿي ويو، ايتري قدر جو بشير قريشي جنھن جو نالو سنڌ ۾ عقيدت سان ورتو ويندوآھي ان جي پٽ جڏھن پنھنجي ڪارڪنن کي  ھٿ ھلڪو رکڻ جو چيو تھ ڪارڪن ان خلاف ٿي ويا. ايتري قدر جو ٻٻرلوءِ تي ناول ۽ شاعريون لکجي رھيون آھن. ڪئنال معاملي تي پيپلز پارٽي دفاعي پوزيشن ۾ ھلي وئي. پ پ جي تمھيد بھ درست آھي تھ نگران سرڪار دوران اھو سڀ ڪجھ ٿيو مشرف دور ۾ ارسا ۾ سنڌ جو نمائندو ھوندوآھي اھو مقرر نھ پئي ڪيو ويو،. چونڊن کان ھڪ ڏينھن اڳ انھن ڪينالن جي منظوري ڏني وئي. پ پ ان جي ڪري دفاعي پوزيشن ۾ وئي جو نومبر 2024 ۾ جيڪي آصف زرداري جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس جا منٽس آيا ان تي سوال آھي تھ ان ۾ ڪينالن جي منظوري ڇو ڏني وئي؟ حيران ڪندڙ ڳالھھ اھا آھي تھ ڪئنال بنائڻ واري پنجاب سرڪار  ۽ مريم نواز جو نالو نھ آيو. پ پ کي وڏي محنت ڪرڻي پوندي اھو تاثر ختم ڪرڻ لاءِ تھ انھن ڪئنالن جي منظوري نھ ڏني ھئي. ذواالفقار جونيئر ٻن ٽن سالن کان انڊس ڊولفن تي ڳالھائي رھيو آھي ۽ درياءَ واري معاملي تي بھ  ھلچل ۾ آھي. سياسي طور تي ھو ڀٽو ليگسي کي اڳتي کڻي ھلندو يا پنھنجي پيءَ وانگر انقلابي قسم جي سياست ڪندو اھو وقت ٻڌائيندو. ذوالفقار ڀٽو جونيئر جي انٽري  ھاڪاري آھي. ماڻھن ۾ اميد پيدا ٿي آھي. سنڌ ۾ ڪشمور ڪنڌڪوٽ واري پاسي شام جو نڪرڻ ڏکيو ھوندوآھي پر ھي اھڙي صورتحال ھئي جو ڪنٽينر ۽ ٽرڪون بيٺل ھيون سامان پيل ھيو صرف ھڪ ٻھ ماڻھو اتي موجود ھئا پر سڀ محفوظ ھئو. ڪو خوف نھ ھيو. ماڻھو ڦاٿل ڊرائيورن کي ماني پھچائي رھيا ھئا. زين شاھ  ، ذوالفقار جونيئر، راشد محمود سومرو، اياز لطيف سڀ اتي پارٽين کان مٿانھان ٿي ڪري  ان تحريڪ ۾ جوش پيدا ڪندا رھيا.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 05 مئي 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.