ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جي ڊي اي سان گڏيل جدوجھد ڪئي ويندي:راشد محمود

لاڙڪاڻو(ن ع آ)لاڙڪاڻي  جمعيت علماء اسلام صوبه سنڌ جو جنرل سيڪريٽري علامه راشد خالد محمود سومرو ڳڙھي خدابخش ڀٽو نئون ديرو باءِ پاس تي پھتو  اتي سياسي سماجي ۽ ادبي  شخصيتن ۽ جمعيت جي سوين ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سنڌ جي دودي جو والھيانا استقبال ڪيو ۽ سندن مٿان گلن جي ورکا ڪئي وئي، جڏھن تھ روڊ تي اڳواڻن استقبالي لاءِ ڪئمپ لڳائي وئي، ان موقعي تي جمعيت جا سرڪرده اڳواڻ مولانا حافظ محمد ابوبڪر ڪوريجو، مولانا عبدالقدوس پنهور ،مولانا فاروق احمد مھر، مولانا عبدالغفار جويو، مولانا علي محمد زھري، ڪريم بخش جروار،حافظ جميل احمد جروار، مولانا عبدالحفيظ ڏاھاڻي،قاري محمد عمران کھڙو، مولانا خالد حسن ڪوريجو  مولانا روح الله ڪوريجو ،مولانا محمد ايوب چنا مولانا محمد اسامه ڌاريجو علي محمد ڪوريجو سميت وڏي انگ ۾ ورڪر موجود ھئا،انھي موقعي تي علامه راشد محمود سومرو ورڪرن کي خطاب ڪندي چيو آھي تھ الله پاڪ جي ڪرم سان پارٽي ورڪرن ۽ سنڌ واسين جي 8 مھينن جي لڳاتار جدوجھد سان 06 تڪراري ڪئنال رٿا رد ڪرايا ويا آھن  وڏي عرصي کان پوءِ سنڌين متحد ٿي ڪري ھي رٿا رد ڪرائي آھي جيئن اسان جي وڏڙن ڪالاباغ ڊيم جي رٿا کي رد ڪرايو ھو ۽ اٺن مھينن جي جدوجھد بعد اسان بھ ھي ڪئنالن واري رٿا به رد ڪرائي آھي مان نه ٿو سمجھان ته ھاڻي ڪو ھي رٿا شروع ڪندو . انشاءَالله سنڌ جي زمينن جي غيرقانوني نيلامي خلاف به احتجاج ڪري اھا رٿا به رد ڪرائينداسين پوئين ھفتي ان سلسلي ۾ GDA جي اڳواڻن سان ملاقات ٿي آھي جتي اتفاق ڪيو ويو تھ سنڌ جي غير قانوني زمينن جي نيلامي ڪرڻ خلاف گڏيل جدوجھد ڪئي ويندي ،ھن چيو تھ اسان جو مطالبو آھي تھ  اھي زمينون سنڌ جي غريب ھارين کي ڏنيون وڃن توھان سڀني پارٽي ڪارڪنن کي ڪئنال رٿا رد ٿيڻ تي  مبارڪباد بعد پيش ڪيان ٿو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.