ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) سنڌي شاگرد تحريڪ (قومي عوامي تحريڪ) جي مرڪزي سڏ تي ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ خلاف مختلف شھرن ۾ ريليون ۽ مظاھرا ڪيا ويا. ان سلسلي۾ ڪراچي ملير ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر ڪامريڊ جي ايم سرڪي ، نائب صدر ثقلين عباس، راشد علي جتوئي، دانش پرمار، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر فرحان لاڙڪ، ڊويزن جنرل سيڪريٽري منان شيخ ۽ هيرام جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. حيدرآباد ۾ اولڊ ڪيمپس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو، جنھن ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻن حفيظ تنيو، آتم راٺوڙ، فاضل سمون، اشفاق احمد ۽ جھانگير پٺاڻ ڪئي. شهدادپور ۾ لطيف پارڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو ويو، جنھن جي اڳواڻي عامر سنڌي، رئوف باگراڻي، امجد سنجراڻي، فرحان لاکو، ڪامريڊ حسن کوسو، امير حيدر باگراڻي ۽ ڪامريڊ منور باگراڻي ڪئي. ھوڏانھن ميهڙ ۾ سلمان چانڊيو، نديم چانڊيو، ظهير چانڊيو، شبير چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين ڇنڊڻ موري اسٽاپ تي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ٻئي طرف ٺل ۾ شاويز ڪنراڻي، هاشم ڪنراڻي، اويس آصف سنڌي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،احتجاج دوران ڪارڪنن سنڌو درياھ تي ڌاڙا بند ڪيو، ڪئنال سمورا نامنظور، ڪارپوريٽ فارمنگ نامنظور جي سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت کي صرف سنڌ جا وسيلا گھرجن ٿا، سنڌ جي 7 ڪروڙ ماڻھن جو جياپو درياھھ تي آھي، جيڪڏھن 6 ڪئنال ٺھي ويا ته سنڌ بنجر ۽ ڀڙڀانگ ٿي ويندي،اڳواڻن چيو تھ ڪارپوريٽ فارمنگ ھجي يا پبلڪ پارٽنرشپ منصوبو ھجي، پ پ حڪومت سنڌ جون زمينون ۽ تاريخي ماڳ نيلام ڪري رھي آھي.