ماسڪو(م ڊ) روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف ڀارت تي زور ڏنو آهي ته پاڪستان سان ڇڪتاڻ وڌائڻ بدران ڳالهين جي راهه اختيار ڪئي وڃي، ڇو ته خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ اها ئي واٽ موزون آهي، غير ملڪي خابرو اداري موجب روس واضح ڪيو آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي صرف ٻه طرفن ڳالهين ذريعي ئي حل ڪري سگهجي ٿو، روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف پنهنجي ڀارتي هم منصب ايس، جي، شنڪر سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن دوران شِملا معاهدي ۽ لاهور معاهدي جو حوالو ڏيندي، ٻنهي ملڪن کي سفارتي ذريعن سان اڳتي وڌڻ جي تلقين ڪئي، سرگئي لاوروف چيو ته ماسڪو هميشه کان امن جو حامي رهيو آهي ۽ اسان سمجهون ٿا ته خطي ۾ استحڪام لاءِ ضروري آهي ته ڀارت ڇڪتاڻ کي وڌائڻ بدران پرامن ڳالهين کي ترجيح ڏئي.