اسلام آباد(م ڊ)وزيراعظم شهباز شريف ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي وزيراعظمن پاڪستان-ملائيشيا لاڳاپن ۽ علائقائي رابطن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، وزيراعظم چيو ته هو ثبوتن کان سواءِ واقعي کي پاڪستان سان ڳنڍڻ کي رد ڪري ٿو۽ پاڪستان انهن جاچ ۾ ملائيشيا جي شموليت جو استقبال ڪندو، ان موقعي تي وزيراعظم پهلگام واقعي جي ڪري ڏکڻ ايشيا ۾ موجوده ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هو ثبوتن کان سواءِ واقعي کي پاڪستان سان ڳنڍڻ کي رد ڪري ٿو، پاڪستان انهن جاچن ۾ ملائيشيا جي شموليت جو استقبال ڪندو، هندستاني ڪارروايون اولهه سرحد تي دهشتگردي جي خلاف ڪوششن تان ڌيان هٽائي رهيون آهن، هو هن سال ملائيشيا جي سرڪاري دوري جو منتظر آهي، ان کان اڳ، ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن ۽ پرڏيهي وزيرن پهلگام حملي تي پاڪستان جي موقف جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي ۽ واقعي جي غير جانبدار جاچ ۾ تعاون جي آڇ ڪئي آهي.