اسلام آباد (م ڊ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو ته ڀارت کان خطرو اڃا تائين ختم ناهي ٿيو، عالمي طاقتون چاهين ٿيونته پاڪستان-ڀارت تڪرار نه وڌي. هڪ انٽرويو دوران خواجا آصف چيو ته ڀارت ڄاڻي ٿو ته جيڪڏهن ڪجهه ڪيو ته پاڪستان منهن ٽوڙ جواب ڏيندو. پاڪستان پهلگام واقعي تي جاچ جي آڇ ڪئي، جيڪڏهن ائين نه ٿئي ها ته دنيا جارحاڻا بيان ڏئي سگهي پئي. هن چيو ته پاڪستان جي آڇ تي 4 کان 5 ملڪ گڏجي ڪميشن جوڙي رپورٽ پيش ڪن، جيئن حقيقت سامهون اچي. خواجا آصف ٻيهر واضح ڪيو ته خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان سنجيده آهي، پر ڀارت جي روين مان خطري جو امڪان برقرار آهي.