ڀارت خلاف جوهري هٿيار استعمال ڪري سگهون ٿا:خالد جمالي

اسلام آباد (م ڊ)روس ۾پاڪستان جي سفير ۽ قومي سلامتي جي ماهر خالد جمالي خبردار ڪيو آهي ته ضرورت پئي ته پاڪستان ڀارت خلاف جوهري هٿيارن جو استعمال به ڪري سگهي ٿو، هن چيو ته پاڪستان جي پاليسي هميشه امن تي مبني رهي آهي، پر جيڪڏهن خطي ۾ هندستان جي جارحيت وڌندي رهي ته ملڪ کي پنهنجي بچاءَ لاءِ هر آپشن تي غور ڪرڻو پوندو،هن چيو ته پاڪستان طرفان ڀارتي جهازن لاءِ فضائي حدون بند ڪرڻ واري فيصلي کي 11 ڏينهن گذري ويا آهن، جنهن سبب ڀارتي ايئرلائنز کي سخت مالي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو آهي، ذريعن موجب گذريل 10 ڏينهن دوران 1150 کان وڌيڪ ڀارتي اڏامن تي اثر پيو ۽ مجموعي طور تي انهن ايئرلائنز کي 225 ڪروڙ ڀارتي رپين کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.