ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو ته سک آڏو بيهي رهندا: گرپتونت سنگهه پنون

اسلام آباد (م ڊ) خالصتان تحريڪ جي اڳواڻ گرپتونت سنگھ پنون چيو ته جيڪڏهن ڀارت پنجاب وسيلي پاڪستان تي حملو ڪيو ته سِک ڀارتي ٽينڪن جو رخ موڙي، پاڪستان جي پهرين دفاعي لائين بڻبا. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته ڀارتي فوج جا سِک ڄاڻن ٿا ته سندن اصل دشمن پاڪستان نه، پر ڀارتي نظام آهي. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان جنگ جي امڪان تي ماٺ نه رهي، ڀارت حملو نه ڪيو آهي، پر خطرو اڃا برقرار آهي. گرپتونت چيو ته جيڪڏهن پاڪستان حڪومت ۽ فوج سِکن جي حمايت ڪري ۽ خالصتان جي ريفرنڊم کي گڏيل قومن هيٺ اڳتي وڌائي، ته سِک ڀارتي جارحيت روڪيندا. هن ڀارت تي الزام لڳايو ته بلوچستان ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي ۽ اهو ڪو راز نه، پر حقيقت آهي، پاڪستان کي گڏيل قومن ۾ ٺهراءُ کڻي وڃڻ گهرجي. پنون چيو ته مودي سرڪار عالمي سطح تي دهشتگردي ڦهلائي رهي آهي، پيلگام واقعي مان ڀارت فائدو ورتو، پاڪستان کي نقصان پهتو، جڏهن ته آمريڪي وفد به موجود هو. انٽرويو جي پڄاڻي تي هن "پاڪستان زنده باد” ۽ "خالصتان زنده باد” جا نعرا هنيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.