نئين دهلي (م ڊ) ڀارتي مخالف ڌر اڳواڻ لائيو پروگرام دوران وزيراعظم نريندر مودي جي تقرير جي وڊيو ڪلپ ڏيکاري ڇڏي، جنهن۾ مودي پلواما جي واقعي کي بنياد بڻائي ووٽ گهري رهيو هو. ذريعن موجب مودي جي وڊيو ڪلپ ڏيکاري ڀارتي فوجين جي لاشن تي سياست ڪرڻ وارو سندس اصل چهرو وائکو ڪيو ويو. پروگرام اينڪر، جيڪا بي جي پي جي حمايتي هئي، مودي جو بچاءُ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي، پر وڊيو هلڻ سان ئي اسٽوڊيو ۾ خاموشي ڇانئجي وئي. سياسي تجزيه نگارن چيو ته وڊيو مان ظاهر ٿي ويو ته مودي حڪومت فوجين جي موت کي ووٽن لاءِ استعمال ڪري رهي آهي، ڀارتي قوم جي جذبن سان کيڏڻ سندس سياسي اٽڪل آهي. ٽاڪ شو دوران وزيرن ۽ اينڪرن جي چهري تي حيراني سوال اڀاري ڇڏيا.