حيدرآباد(رپورٽر) سنڌي شاگرد تحريڪ پاران درياهه تي ڌاڙي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف بابو رفيق خاصخيلي، راول سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ ڪڏهن به نه ڏينداسين، سنڌو درياهه ۾ اسان جوساھ آهي، وفاق ڪينال رد ڪري چڪو آهي ۽ ھاڻ درياهه مٿان ڪينال ڪڏهن به قبول ناھن، ان منصوبي کي مڪمل طور ختم ڪيو وڃي، جڏهن ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين پاڪستان جي نالي تي کي سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمين ڪمپنين ڏني وئي آهي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ اھا گھر ٿا ڪيون ته سنڌ جون زمينون غريب بي پھچ ھارين ۾ ورھايون وڃن.