ڪراچي (عوامي آواز نيوز) ملڪ جي اثاثن جو وڪرو جاري آھي، ڪراچي پورٽ جا ٽي برٿ مختلف ڪمپنين حوالي ڪيا ويا آھن. پورٽ ٽرسٽ جا ٻھ برٿ گڏيل عرب امارات حوالي ڪيا ويا آھن جڏھن تھ ھڪ برٿ چين کي ڏنو ويوآھي. پورٽ اينڊ شپنگ وزارت جي موجودگي ھوندي بھ پورٽ جو ڪنٽرول غير ملڪين حوالي ڪيو ويوآھي. مسلسل وسيلن جي نيلامي ڪندڙ سرڪار ڪراچي پورٽ ٽرسٽ کان بھ قديم ڳوٺن کي ڊاھڻ لاءِ سرگرم ٿي وئي آھي. مقامي ماڻھن کي اتان لڏائڻ لاءِ آپريشن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آھن. 19 قديم وسندين کي خالي ڪرڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويوآھي.اھڙو نوٽيس اخبار ۾ بھ شايع ڪرايو ويوآھي، منوڙو، پير شمس، ڪاڪا وليج ، يونس آباد، صالح وليج، مڇر ڪالوني،سلطان آباد ۽ٻين علائقن کي خالي ڪرائڻ لاءِ نوٽيس ڏنو ويوآھي. منوڙو ٻيٽ ھجي يا ٻيون وسنديون سڀ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ کان اڳ جون قائم ٿيل آھن. اھا سموري ايريا ڪي پي ٽي پاران وڪرو ڪرڻ جي تياري آھي جنھن جي ڪري لکين ماڻھن جي دربدر ٿيڻ جوامڪان آھي. 19 وسندين جي متاثر ٿيڻ جوخطرو آھي، ھتي ٻھ قومي ۽ ٽي صوبائي اسيمبلي جا تڪ شامل آھن. عبدالقادر پٽيل جا ووٽر بھ ھن علائقن ۾ موجود آھن، سازشن جو ڪنھن بھ نوٽيس نھ ورتو.