ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سنڌ خاموش ٿي نھ ويھندي:ساڃاھه وند

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي قومپرست جماعتن، سياسي اڳواڻن، وڪيلن، اديبن ۽ دانشورن چيو آھي ته سنڌو درياءَ تي ڪوبه ڊيم قبول نه ڪيو ويندو، اسٽبلشمينٽ کي ڌرتي   ۽ وسيلن تي والار وارا منصوبا واپس وٺڻ گھرجن پيپلز پارٽي ڪڏھن به سنڌ جي پاسي ٿي نه بيھندي، اھڙن خيالن جو اظھار ھنن ڪالھ جيئي سنڌ محاذ طرفان  سنڌو درياءَ جي تحفظ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تيزمين تي والار خلاف ھلندڙ جدوجھد کي وڌيڪ لاڀائتو ڪرڻ لاءِ سنڌ جي قومي شعور جي مان ۾  ڏنل آجياڻي ۾ ڳالھائِيندي ڪيو، ان موقعي تي جي ڊي اي جي ڪنوينر صدر الدين شاھ  راشدي چيو ته پنجاب کي پنھنجا ٽي درياءَ واپس وٺڻ لاءِ پاڻي ماھرن ذريعي ڪيس جي تياري ڪرڻ گھرجي ته جيئن پنجاب کي پنھنجي حصي جو پاڻي ملي سگھي. ھن چيو ته سنڌ جي عوام جي ڪاوڙ کي  محسوس ڪندي اسٽيبلشمينٽ کي  سنڌ ۾ موجود گند کي  صاف ڪرڻ گھرجي، فوج کي پاڻ اچي سنڌ جي عوام سان گڏ بيھڻ گھرجي ۽  بنا دير نيون  چونڊون ڪرايون وڃن. ھن چيو ته اسان سنڌو لاء گڏ ٿيا آھيون، اسان کي پنھنجا وسيلا بچائڻا پوندا. ھن چيو ته سنڌ صوفين جي سرزمين آھي، سنڌ جو جائز حق ڪير به کائي نه سگھندو، ھن چيو ته رڳو پنجاب نه پاڪستان جا پلر سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي به آھن،  ھن چيوصدر  زرداري ان عھدي جي لائق ناھي ، اسين کيس سنڌ جي زندگي ۽ موت جا فيصلا ڪرڻ نه ڏينداسين  ھن چيو ته آصف زرداري جو پٽ چوي ٿو ته  آئون سنڌ جي حقن جو تحفظ ڪندس ، جيڪو پنھنجي ماءُ جو ڪيس نه وڙھيو ته اھو سنڌ کي  ڪھڙا حق وٺي ڏئي سگھندو  ھن   چيو ته 18 مئي تي ڪراچي ۾ 10 لک ماڻھو گڏ ٿيندا اھو ڏينھن ريفرنڊم جو ڏينھن ھوندو جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته جڏھن سنڌو درياءَ تي ڌاڙي جي ڳالھ ٿي تھ حڪمرانن کي رڪ جا چڻا چٻاڙڻ تي مجبور ڪيو سين. ھن چيو ته پير صاحب پاڳارو ۽ ان جا پونئير تھ نسلن کان سنڌ جي پاسي ٿي بيٺا آھن. ھن چيو تھ سنڌ جي حق حاڪميت  ۽ وجود کي خطرو آھي، 18 مئي تي ڪراچي ۾ گڏ ٿيو، ڪراچي اچو، سنڌ جي وجود بچائڻ جو سڏ آھي. ھن چيو تھ سنڌ جي درياءَ، زمين ۽ وسيلن جو تحفظ کپي، سنڌ جي ڊيموگرافي تبديل ڪئي پئي وڃي، سنڌ خاموش ٿي نھ ويھندي، انصاف ۽ قانون جي جنگ جاري آھي ۽ سنڌ غلامي قبول نھ ڪندي. جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته  مون اڄ تائين شھيد ذوالفقار ڀٽو ۽ شھيد بينظير ڀٽو  کي ڊس اوون ناھي ڪيو ھاڻوڪي سياسي سفر ۾  جيترو پيار قومي ڪارڪنن ۽ فنڪشنل ليگ جي پوئلڳن  ڏنو اھو وساري نه ٿو سگھان . هن چيو ته ٻٻرلوءِ ۾ حڪومت جي  ڪارروائي ٿئي ھا ته  ٻٻرلوءِ واٽرلو ٿي وڃي ھا، ھن چيو ته درياءَ ۽ سنڌ جي حقن تي جي ايم سيد، پير صاحب پاڳارو ۽ ڀٽي جا پوئلڳ سڀ گڏ آھن. وفاقي ڪارڪنن جي حيثيت ۾ اسٽيبلشمينٽ کان سوال  ٿو ڪيان ته  سنڌ جي ماڻھن جي ھي جدوجھد پرامن آھي پر  جي ھو  گئس، ڪوئلو بند ڪن ته پوءِ حالتون ڪٿي وڃي بيھنديون وفاق کي ان ڳالھ تي سوچڻ گھرجي جيئي سنڌ قومي محاذ شهيد بشير خان  جي چيف آرگنائيزر  نياز ڪالاڻي چيو ته فيصلا سياسي ڌرين کي وقت سر ڪرڻ گهرجي. سنڌ پنجاب کانسواء رهي سگهي. پر پنجاب سنڌ کان سواءِ نٿو رهي سگهي. ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سنڌ جي والار پراڻي آھي ھنن ته سڄي سنڌ تي قبضو ڪري ورتو  آهي. سياسي ڌرين کي روڊن ڪڇڻ بجاءِ وقتائتا فيصلا ڪرڻ گهرجن. نه ته وري وڪيل ڌرڻو هڻي ويهندا. سياسي ڌرين کي جدوجھد جو مک مورچو سنڀالڻو پوندو  ھن چيو ته پ پ جي سنڌ سان وفاداري ممڪن ئي ڪونهي. جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز زنئور چيو ته علي بابا چواڻي ته حڪمران درياھ جا فيصلا ڇا ڪندا، درياھ حڪمرانن جا فيصلا ڪندا آھن. هن چيو ته سنڌو درياءَ تي ڪو ڊيم ڪو به ڪينال ڪو به بئراج نه ٺھڻ گھرجي، پنجاب درياءَ جو رخ موڙڻ ٿو گھري  ھي  سڀ رٿائون ان جو حصو آھن. سنڌين کي پنھنجي وطن جي وارثي ڪرڻ گھرجي  مسلم ليگ (ف) جي سيڪريٽري جنرل سردار رحيم چيو ته سنڌ کي  مڪمل ڪاميابي ملڻ  کپي سي سي آءِ ۾ ڌوڪو ڪينال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي مڪمل خاتمي تائين جدوجھد جاري رکڻي پوندي. ڪھاڙي وارو جھنڊو منھنجو ناھي پر آھي. ڀر ۾ گڏ ف جا جھنڊا آهن. هن چيو ته رياض کي مذاق ۾ چيم اسان جي جھنڊي ۾ گل آهي. اوهان جي جھنڊي ۾ ڪھاڙي آهي. حڪمران طئه ڪن ته کين ڪھڙو جھنڊو کپي. لاڙڪاڻو بار جي اڳواڻ اطھر عباس سولنگي چيو ته وري اعلان ٿيو ته وري روڊن تي نڪرنداسين. ھڪ به سنڌي جيئرو آھي درياھ تي ڌاڙو ھڻڻ نه ڏينداسين.صوبائي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر حسنين مرزاچيو ته 17 سالن جي حڪومت ۾ ھڪ پارٽيءَ جي  حڪومت ظلم ڪيا عوام صبر ڪيو. جڏھن سنڌو جي سڃاڻپ کسڻ جي سازش ٿي ته سنڌ جو شعور جاڳي پيو، 5 سو ارب روپين جو سامان روڊن تي پيو ھو ٻٻرلو ڌرڻي دوران ڪنھن ھٿ نه لاتو. هن چيو ته سي سي آءِ ۾ ڪينالن جي مڪمل رد ٿيڻ جي ڳالھ ناھي ٿي. ڳالھ اتي ئي بيٺي آھي. ڪارپوريٽ فارمنگ رٿا جو مقصد سنڌو تي ڌاڙو ھڻڻ آھي. عوامي جمھوري پارٽي جي اڳواڻ لعل شاھ چيو ته رڻ کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي زرخيز زمين کي بنجر ڪيو پئي ويو. هن چيو ته سنڌ متحد ھئي ۽ جن ڪينال منظور ڪيا. سنڌ جي جدوجھد کان مجبور ٿي رنگ بدلايا، جنھن کي نشانو بڻايو ڪيس داخل ٿيا. ان کي برداشت نه ڪنداسين. هن چيو ته سنڌ کي  پبلڪ پرائيوٽ فارمنگ جي نالي ۾ ڪو آپريٽو فارمنگ جي منصوبي حوالي ڪرڻ نه ڏينداسين. نيشنل پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ مسرور جتوئي چيو ته نگران حڪومت کان اشو شروع ٿيو نروار تڏھن ٿيو جڏھن آصف زرداري منظوري ڏني سنڌ کي کاٽ گھران لڳو آھي سنڌ کي ھن ڏکئي حالت ۾ پ پ پھچايو آھي ، پاڻي سان سنڌ جو جياپو جڙيل آھي اٺن مھينن جي جدوجھد ۾ سنڌ اٿي پئي ٻٻر لو تي ڌرڻو لڳو سماج جي سمورن طبقن کي جس ھجي  پ پ سدائين پاڻي متعلق ڪوڙ ڳالھائيندي رھي اڄ سنڌ جاڳي اٿي آھي  سنڌ جو عوام باشعور آھي سنڌ  ۽  سنڌو کي ڪو لوڏو ناھي  رڳو پ پ ناھي ھي متبادل سنڌ جي قيادت ھتي ويٺي آھي، اوستائين حڪومت ڪبي جڏھن سنڌ کي ڪجھ ڏئي سگھون نه ته حڪومت ۾ رهنداسين سين نه ڇڏي ڏينداسين. حيدرآباد بار جي صدر عشرت لوھار چيو ته انگريز دور کان اڄ تائين درياھ تي ڌاڙو جاري آھي. هن چيو ته وڪيلن سنڌ جي جياپي جي جنگ وڙھي آھي. طاقت نه ڪردار ذريعي اڳتي وڌڻو آھي. ايڊووڪيٽ ڪي بي لغاري چيو ته 47 ۾ پاڪستان ٺھيو. حر 52 سالن تائين جيل ۾ ھئا ته پوءِ ھوڇو نه ميارون ڏين، جمھوريت ۽ جمھوري حڪومت ئي ناھي. هن چيو ته اسان قانون ۽ آئين جي بالادستي چاھيون ٿا، دنيا ۾ ٿر  اندر  دنيا جو ڇھون نمبر وڏو ڪوئلي جو ذخيرو آھي. ڪوئلي ڪيڏانھن ٿو وڃي سنڌ ۾ ٻن کان ٽن ڪروڙ ماڻھن رستن تي ڪڍڻو پوندو. حاجي محمد صديق چيو ته آريسر قاسم پٿر ۽ آئون پير پاڳاري سان ملڻ سان ويندا ھئاسين. هن چيو ته پير پاڳارو کي چوندا ھئاسين سنڌ جي واڳ ڇو نٿا سنڀاليو. هن چيو اوھان مونکي مارائڻ ٿا چاھيو. هن صدرالدين سان مخاطب ٿيندي چيو اوھان اڄ   سنڌ جي واڳ سنڀاليو سنڌ لٽجي پئي ٻي سياست ڪابه ناھي،سنڌ جي وارثي ڪيو،سنڌ غلام آھي.اڄ صدر آصف زرداري سڀاڻي ارباب رحيم به ايندو سنڌ ساڳي سورن ۾ ھوندي وفاق اڪثريت وڃائي ويٺو ھو. سنڌ آجپو ٿي گھري. ايس يو پي جي نائب صدر امير حسن پنھور چيو ته پ پ اليڪشن کان اڳ درياھ ۽ سنڌ جي وسيلن جو سودو ڪري آئي ھئي، پر سنڌ پرامن جدوجھد ذريعي وفاق کي ھي نياپو ڏنو ته سنڌ وسيلن ۽ درياھ تي قبضو ٿيڻ نه ڏيندي. سنڌ ريئل اسٽيٽ نه پر اسان جو وطن آھي. ان جو بچاءُ ڪنداسين. سنڌ آبادگار اتحاد جي چيئرمين نواب زبير ٽالپر  چيو ته سنڌو تي ڌاڙو لڳندو. سنڌ جون زمينون کسيون وينديون ته سياسي جدوجھد کان پري رھي نه سگھنداسين. ڪارپوريٽ فارمنگ جي رٿا قبول نه ڪنداسين. سنڌ صوفي فورم جي سرپرست بدر چنا چيو سورھيه بادشاھ جي نعري  وطن يا ڪفن آزادي يا موت وارا ۽ سيد جي ايم سيد جا پوئلڳ شامل ٿيا آھن. يقينن اھا تحريڪ سوڀاري ٿيندي. ياسين ٿيٻو چيو ته سنڌ جاڳي چڪي آھي. درياھ جون ڇوليون بچائيندا سين، اسين ڌرتي جا وارث آھيون. ڌرتي جو دفاع ڪنداسين. قومي عالم اياز قمي چيوته سورھيه بادشاھ جي فڪر تي عمل ٿئي ھا ته سنڌ اھڙا سور نه ڏسي ھا ، ھن درياھ جي جدوجھد سان سنڌ جاڳي پئي آھي. هن چيو ته حق گھرڻ قوم پرستي آھي ته ھا آئون قومپرست آھي. پاڪستان جي آڙ ۾ 70 سالن کان پنجاب ڦرلٽ ڪئي آھي. وسيلن تيل ۽ درياهه تي قبضو ٿيڻ نه ڏينداسين. پروفيسر مشتاق ميراڻي چيو ته ٻٻرلوء سنڌ اسپرنگ آھي. جتي وفاق جي پاليسين، وسيلن تي قبضي تي سنڌ ڪاوڙ جو اظھار ڪيو. هن چيو ته سنڌ خلاف فيصلا فيڊريشن جي تصور خلاف آھي. ھي رياست ناھي وفاقي رياست ڪئي آھي يا وفاق جي ھلڻ ڏين يا ختم ڪن نارا  ڪارپورٽنگ فارمنگ ڪري 25 لک ماڻھو لڏپڏاڻ جو شڪار ٿيندا، وسيلن سنڌ جي زمين تي والار سول وار کي جنم ڏيندي. جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ سورھيه سنڌي چيو ته سنڌ تي 11 ھزار حملا ٿيا. ھي حملو ان کان به وڌيڪ خطرناڪ ھو، ھو درياهه تي قبضو ڪرڻ گھرن پيا، گرين پاڪسان ذريعي سنڌ تي قبضو ڪرڻ گھرن ٿا. حيدرآباد بار جي صدر اشعر کوکر  چيو تھ ڪارپوريٽ فارمنگ مک سبب آھي ڪينالن ڪڍڻ 26 ترميم پيڪا ايڪٽ جي خاتمي تائين جدوجھد جاري رھندي. ڪراچي بار جي نائب صدر ڪاظم مھيسر چيو ته ٻٻرلو جي جدوجھد ايشيا جي جي تاريخ ۾  وڏي جدوجھد آھي. مقبول باقر وڏ وزارت ۾ سنڌ ۾  52 ھزار ايڪڙ ڪارپوريٽ فارمنگ حوالي ڪئي ۽ ھن حڪومت به سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ حوالي ڪئي. جدوجھد جو ٻيو مرحلو ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جدوجھد آھي. ايڊووڪيٽ اندر جيت لوھاڻي چيو ته جولاءِ ۾ آصف زرداري ڪينالن بابت نوٽيفڪيشن ڪڍيو ته اسين روڊن تي نڪري آيا سين، اينٽي ڪينال ايڪشن ڪميٽيءَ جو ڪنوينشن ڪيو. جن حمايت ڪئي اھي مجبور ٿي ڪينالن خلاف تحريڪ جو حصو بڻيا سنڌ جو شعور ٻٻرلو تي گڏ ٿيو. ڪينالن واري رٿا عارضي طور ملتوي ڪئي وئي ختم ناھي ڪئي. يعقوب چانڊيو چيو ته اٺن مھينن جي جدوجھد سنڌ کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪيو سنڌ ۾ اھڙو وڏو وزير ھجي جو انڪار ڪري ته درياھ ۽ وسيلا نه ڏيندس ، اسپتالون ۽ ڪاليج به پرائيويٽ ادارن کي ڏنا پيا وڃن. جيئي سنڌ قومي محاذ جي جنرل سيڪريٽريءَ عبدالفتاح چنا چيو ته 1945 جي ٺاھ موجب پاڻي گھرجي، پنچاب اڪثريت جي بنياد جبرن فيصلا ڪري ٿو، پ پ جو ٻٽو ڪردار آھي، سنڌ ڪينال ۽ ڪارپورٽنگ فارمنگ قبول نه ڪندي، جڏهن  تھ تقريب ۾ مختلف قراردادون پاس ڪندي گهر ڪئي وئي ته سنڌو درياء تي ٺھندڙ ڪئنالن واري منصوبي جو مڪمل خاتمو ڪري سمورا ڊيم ۽ ڪئنال بند ڪري سنڌو درياء کي قانون موجب پاڻي ڏنو وڃي، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبو ختم ڪري سنڌ جون مختص ڪيل زمينون بي زمين سـنڌي ھارين ۽ پورھيتن کي ڏنيون وڃن. ميگا رھائشي ھائوسنگ اسڪيمن لاءِ ڏنل زمين واپس ورتي وڃي. سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سمورا سياسي قومي ڪارڪن آزاد  ڪيا وڃن ۽ انساني حقن تان پابندي ختم ڪئي وڃي. شاگرد يونين تان پابندي ھٽائي وڃي. 7 ڪروڙ سنڌين جي پرامن لسانيت کان پاڪ 6 ڪئنال واري جدوجھد تي سموري سنڌي قوم کي واڌايون ڏجن ٿيون. اڄ جو ھي قومي ڪٺ سمجھي ٿو ته 6 ڪئنالن واري رٿا ختم نه ٿي آھي بلڪـه ملتوي ڪئي وئي آھي. ان ڪري ڪئنالن واري مڪمل خاتمي تائين جدوجھد جاري رھندي. ھي قومي ڪٺ ڪارپوريٽ فارمنگ. سنڌ جي معدني وسيلن 26 آئيني ترميم پيڪا آرڊيننس جي خاتمي تائين جدوجھد جاري رکڻ جو اعلان ڪري ٿو. اڄ جو ھي ڪٺ صدر زرداري بلاول زرداري مرادشاھ ۽ پ پ سرڪار کي 6 ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ ڏنل سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمين جو زميوار سمجھي ان کي قومي مجرم ڏوھاري قرار ڏي ٿو. اڄوڪو ھي ڪٺ 28 اپريل کي قومي غيرت ۽ سنڌو درياء سان يڪجھتي جو ڏينھن قرار ڏيندي ھر سال ان ڏينھن کي سنڌو درياء جو ڏينھن ڪري ملھائڻ جو اعلان ڪري ٿو. ھي ڪٺ سموري سنڌ جي وڪلاء برادري خاص طور تي عامر وڙائچ ڪي بي لغاري. امر حسيب پنھور. ڪاظم مھيسر سميت سمورن بھادر وڪيلن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. جيڪي مسلسل  ڏينھن کان مٿي ٻٻرلوء ڌرڻي ۾ ويٺا رھيا. اڄ جو ھي ڪٺ مطالبو ٿو ڪري ته ماھھ رنگ بلوچ سميت ملڪ جي سمورن قيد ٿيل سياسي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ گم ٿيلن کي آزاد ڪيو وڃي. قومي ڪٺ معصوم پريا ڪماري جي بازيابي ۽ سنڌ جي ھندو سنڌين ۽ عورتن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بنائڻ جو مطالبو ڪري ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.