لاهور(بيورو+م ڊ) سني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه صاحبزادہ حامد رضا چيو آهي ته پاڪستان تي اهو وقت به اچڻو هو ته عطا تارڙ قومي سلامتي تي بريفنگ ڏي، هن چيو ته سڌ سماءُ کاتي پاران کيس قومي سلامتي جي حوالي سان حڪومتي بريفنگ لاءِ دعوت نامو مليو هو، پر تحريڪِ انصاف جي سياسي ڪميٽي جي فيصلي جي روشني ۾ هن شرڪت کان معذرت ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته قومي سلامتي تي بريفنگ جو ته پتو ناهي، عطا تارڙ جيڪڏهن خواجه آصف جا ٻه پاڪستان مخالف بيان ۽ شريف فيمليءَ جي ڀارت خلاف خاموشي تي قوم کي بريف ڪري وٺي ته به بهتر ٿيندو، پاڪستان تحريڪِ انصاف جي سياسي ڪميٽي پڻ سرڪاري بريفنگ بابت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اهو هڪ صرف حڪومتي عمل آهي، جنهن ۾ نه ڪا قومي يڪجهتي پيدا ڪرڻ جي سنجيده ڪوشش نظر اچي ٿي، نه ئي عمران خان جهڙي اهم سياسي شخصيت کي شامل ڪرڻ جي نيت آهي، ان ڪري اسان سمجهون ٿا ته بريفنگ ۾ پي ٽي آءِ جي شرڪت ضروري نه آهي.