سنڌ سرڪار پاران چنگچي ۽ موٽرسائيڪل رڪشا خلاف ڪريڪ ڊائون

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڪراچي جي 11 ماڊل روڊن تي چنگچي رڪشائن ۽ موٽرسائيڪل رڪشائن خلاف ڪريڪ ڊائون 16 اپريل 2025 کان جاري آهي. سنڌ حڪومت جي هدايتن تي 9 اپريل 2025 تي شروع ٿيندڙ غير قانوني ۽ غير معياري ٽرانسپورٽ خلاف ڪريڪ ڊائون پڻ زور شور سان جاري آهي، هن چيو ته ڪريڪ ڊائون دوران، فينسي نمبر پليٽن، ڪارن شيشن ۽ ٻين غير قانوني تبديلين خلاف پڻ ڪارروائي ڪئي وئي،ٽريفڪ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 515 ڳري ۽ هلڪي ٽرانسپورٽ واريون گاڏيون ضبط ڪيون ويون، سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 2025 مختلف خلاف ورزين تي 31,677 موٽرسائيڪلون ضبط ڪيون ويون، 25 گاڏين جي رجسٽريشن رد ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي، 491 گاڏين جي رجسٽريشن عارضي طور تي معطل ڪري مخصوص شرطن تي ڇڏيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.