واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ انٽرويو ۾ چيو ته کيس خبر ناهي ته هن کي آمريڪي آئين جي پاسداري ڪرڻ گهرجي يا نه. ٽرمپ کان جڏهن پڇيو ويو ته ڇا کيس ملڪ جي سپريم قانون جي عزت ڪرڻ گهرجي؟ ته هن مختصر جواب ڏنو، مون کي خبر ناهي. انٽرويو دوران هن واضح ڪيو ته هو ٽيون ڀيرو صدارتي چونڊ وڙهڻ بابت سنجيده ناهي پر ان کان اڳ هو اهڙو اشارو ڏئي چڪو آهي. ٽرمپ آئين جي 22هين ترميم بابت پڇيل سوالن تي به سڌي ريت جواب نه ڏنو، جن بابت ڪو به شخص ٻن ڀيرن کان وڌيڪ صدر نٿو بڻجي سگهي. غيرقانوني مهاجرن خلاف پنهنجي سخت پاليسين جو دفاع ڪندي ٽرمپ چيو ته ملڪ قومي ايمرجنسي جي حالت ۾ آهي، تنهنڪري اهڙا قدم ضروري آهن. ٽرمپ چيو ته هو رڳو چار سٺا سال گذارڻ چاهي ٿو ۽ پوءِ عهدو ڪنهن ٻئي، بهتر رپبلڪن اڳواڻ حوالي ڪرڻ چاهي ٿو. هن جي ڊي وينس ۽ مارڪو روبيو کي ذهين ۽ بهتر شخصيتون قرار ڏنو.
-
ملڪ جو25 ڪروڙ عوام پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل آهي: مفتي منيب الرحمان
ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ اهل سنت ۽ جماعت جي طرفان منعقد ڪيل فلسطينين سان يڪجهتي مارچ ۽ ريلي کي خطاب ڪندي مفتي منيب الرحمان چيو ته پاڪستان جا 25 ڪروڙ ماڻهو پنهنجي فوج سان گڏ بيٺا آهن، فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ اهل سنت و جماعت پاران ڪراچي ۾ مارچ جو انعقاد ڪيو ويو، ملين مارچ جا شرڪت ڪندڙ قافلن جي صورت ۾ تبت سينٽر پهتا، شرڪت ڪندڙن پاڪستان ۽ فلسطين جا جهنڊا کنيا هئا، شرڪت ڪندڙن اسرائيل ۽ ڀارت خلاف نعرا هنيا ۽ پاڪستان فوج سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو، مفتي منيب الرحمان چيو آهي ته مسلمان ملڪن کي او آئي پليٽ فارم ذريعي فلسطين جي مسئلي تي هڪ جامع پاليسي جو اعلان ڪرڻ گهرجي، بين الاقوامي عدالت انصاف جي فيصلي موجب، بينجمن نيتن ياهو تي جنگي ڏوهن جو ڪيس هلايو وڃي. اسرائيل ۽ هندستان رياستي دهشتگردي جا مجرم آهن.
-
ڪراچي يونيورسٽِي ۾ پاڻي جي لائين جو مرمتي ڪم مڪمل، پاڻي جي فراهمي شروع
ڪراچي(پ ر )ترجمان واٽر ڪارپوريشن پنهنجي جاري پڌرائي ۾ ڄاڻايو تہ جامعه ڪراچي ۾ پاڻي جي مرڪزي لائين جي مرمت جو ڪم ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو آهي جنهن کانپوءِ بلڪ لائينن کي چارج ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي بلڪ لائينون چارج ٿيڻ بعد ڊسٽريبيوشن لائينن ۾ پاڻي جي فراهمي شروع ڪئي ويندي اختيارين موجب اڄ سومر جي ڏينهن کان شهر ۾ معمول موجب پاڻي جي فراهمي بحال ٿي ويندي ترجمان واٽر ڪارپوريشن مرمتي ڪم دوران پاڻي جي فراهمي ۾ تعطل سبب شهرين کي پيش آيل تڪليفن ۽ پريشاني تي معذرت جو اظهار ڪندي چيو تہ واٽر ڪارپوريشن شهرين کي بهتر خدمتون ۽ سهولتون مهيا ڪرڻ کي پنهنجي پهرين ترجيح سمجهي ٿو ۽ انهيءَ مقصد تحت گذريل ڪجھ ڏينهن کان واٽر ڪارپوريشن جا آفيسر ۽ ملازم ڏينهن رات جي محنت ۽ لگن سان پاڻي جي لائين جي مرمت جي ڪم ۾ مصروف رهيا.