سنڌوءَ کي سنگين خطرا: تاريخ، سچائي ۽ سنڌ جي بقا لاءِ لکيل ڪتاب

تحرير: رکيل مورائي

                 مھا ڪوي شيخ اياز چوندو ھئو تھ شاعر جي اک گھڻو ڏور ڏسندي آھي ۽ ڪتاب ”سنڌوءَ کي سنگين خطرا“ ڪتاب مٿين ڳالھين ۾ واڌارو ڪيو اھو ائين تھ ڪتاب لکندڙ/اديب حالتن جي پرک وقت کان اڳي ڪري وٺندو آھي، ٻيءَ طرح سنڌ جو ھلندڙ پاڻيءَ جو اشو اسان جي ليکڪ محمد خان ابڙي، سياستدانن کان اڳ محسوس ڪري ورتو ھُئو ۽ ان تي سنڌي ٻوليءَ ۾ پھريون ڪالم بھ ھن ئي لکيو ھُئو، جنھن کان ڪجھھ ڏينھن پوءِ ئي پاڻيءَ جي مسئلي تي سنڌ دوست سياسي ڌريون نھايت ئي سرگرميءَ سان ميدانِ عمل تي آيون ۽ ائين ٺھندڙ نون ڪئنالن جي خلاف ھڪ مزاحمت زور پڪڙي ورتو.

                 ”سنڌوءَ کي خطرا“ محمد خان ابڙي جي انھن ڪالمن جو مجموعو آھي جيڪي لڳاتار ھُو  لکندو رھيو آھي. چوڻ ۾ تھ ڪالم جي نالي سان ئي ڇپيا آھن پر اُھي اڄ ھڪ دستاويزي شڪل اختيار ڪري ويا آھن. ائين ضرور آھي تھ محمد خان ابڙو قبول ڪيل پاڻيءَ جو ماھر نھ آھي، پر پاڻيءَ جي مسئلي تي جيڪي سنڌ سان زيادتيون ٿي رھيون آھن انھن کي گھڻن رخن کان محسوس ڪندڙ محمد خان ابڙو پنھنجي لکڻ ۾ ممڪن حد تائين انگن اکرن سان چِٽو ڪيو آھي تھ موجودھ جڙندڙ ڪئنالن سان ۽ الڳ الڳ طريقن سان جيڪا سنڌوءَ جي پاڻيءَ جي چوري ۽ زوري ٿي رھي آھي ان سان سنڌ جو گھڻ طرفو نقصان پڻ ٿي رھيو آھي ۽ اڳتي ھلي خوفناڪ حد تائين سنڌ جو نقصان ٿيندو.

سنڌ جو ھڪ ئي وقت پاڻي جي کوٽ سبب زراعت، ماھيگيري، صنعت، ڊيلٽا ۽ ٻيلن جي تباھيءَ سميت جَرَ جي سُڪي وڃڻ سبب پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ پڻ ھڪ اھڙو ڏُڪار آڻيندي، جنھن کي منھن ڏيڻ ڏکيو ٿي پوندو.محمد خان ابڙي جي ھن ڪتاب ۾ نھايت باريڪيءَ سان اھو ٻڌايو ويو آھي تھ جيڪڏھن سنڌوءَ جي پاڻي جي رسائي سنڌي سمنڊ تائين نھ ٿيندي تھ سمنڊ اڳتي وڌي ٺٽي ۽ ڪراچيءَ سميت سامونڊي پٽيءَ سان جڙيل شھرن ۽ زمينن ۾ جيڪا تباھي آڻيندو اھا اسان جي تصور کان گھڻي ھوندي، ان ڪري 1947ع کان اڄ تائين سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي جيڪا قبضاگيري ڪئي وئي آھي، جنھن سبب سنڌ کي لڳاتار تڪليفن کي منھن ڏيڻو پيو آھي، ان جو جوڳو حل تلاش ڪيو وڃي.

ھن ڪتاب ۾ سنڌوءَ جي پاڻيءَ جو الڳ الڳ نالن وارن ڊيمن ۽ ڪينالن ذريعي جيڪو روڪڻ وارو طريقو اختيار ڪيو ويو آھي، ان جي قبوليت سنڌين جي زندگيءَ ۽ موت جو سوال بڻجي سامھون آئي آھي، جنھن ڪري سنڌ جو ماڻھو ڪو بھ ڪئنال ڪنھن بھ نالي سان قبولڻ لاءِ تيار نھ آھي. ڪتاب ۾ ايڪيھھ ليک ڏنا ويا آھن جيڪي ايڪيھين صديءَ ۾ سنڌوءَ جي پاڻي جي ناڪافي ھجڻ جي نشاندھي ڪري رھيا آھن.اڄ چٽو ٿي رھيو آھي تھ پنجيتاليھھ سال اڳ گڏيل ملڪ جي سيڪريٽري ايريگيشن محترم ايس ڪي بلوچ جو ڪتاب ”پاڻيءَ منجھھ پساھھ“ ھڪ اھڙي اڳڪٿي ھئي جيڪا ھاڻ سچ ثابت ٿي رھي آھي ۽ محمد خان ابڙي جو ھيءُ ڪتاب اڄ سموري سچ کي ظاھر ڪري رھيو آھي. ان ڪري ئي چيو ويندو آھي تھ ھڪ ذھين اديب وقت کان اڳتي ڏسندو آھي ۽ پنھنجي لکڻ ۾ امڪاني خطرن کان آگاھھ ڪندو آھي، محمد خان ابڙي جو ھيءُ ڪتاب اڳواٽ آگاھي آھي تھ سنڌ جي حالتن ۽ پاڻيءَ جي روڪ تي ضابطو آندو وڃي. سنڌوءَ مٿان ڪا بھ روڪ سنڌ جي تباھيءَ جو ٻيو نالو ھوندي.

سنڌو جي پاڻيءَ جي حوالي ۾ ھيءُ ڪتاب سنڌي پڙھندڙن لاءِ ھڪ دستاويز ثابت ٿيندو جنھن کي سانڍيو ويندو ۽ جنھن مان ايندڙ دور جو لکندڙ گھڻو مواد حاصل ڪري سگھندو. ھن ڪتاب جي مھورت اڄ سنڌ جي پاڻيءَ جي ھڪ ننڍي ذخيري/ڍنڍ ڪينجھر جي ڪناري تي ٿي رھيو آھي، جنھن ۾ سنڌ جي پاڻي روڪ ۽ ٻين زيادتين بابت ماھرن، اديبن ۽ عالمن جي چٽي راءِ سامھون اچڻي آھي. ھڪ سئو چاھٺ صفحن جو ھيءُ ڪتاب صبح جو پھريون سُج ڪينجھر مٿان اُڀرندي ڏسندو جنھن جا پھريان ڪرڻا ڪينجھر جل تي پوندا، جُل جيڪو سنڌين جو پھريون ديوتا آھي جنھن کي ”وَرون ديوتا“ سڏيو ويو آھي ۽ سنڌوءَ جنھن ڪنارن تي دنيا جا پھريان ڪتاب ”وَيدَ“ رچيا ويا.

پالڻھار تنھنجي ٻاجھھ سنڌوءَ مٿان سدائين رھندي،

۽ سنڌو جل اڳ جيان جالارو وھندو رھندو. آمين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.