ٻٻرلوءِ ڌرڻو: سنڌي شعور جي نئين سر لکيل نئين تاريخ

تحرير: اياز لطيف دايو

ٻٻرلوءِ ڌرڻي کان پوءِ جيڪو به باشعور ماڻهو سکر جي انهي گيٽ وي وٽان گذري ٿو ته پنهنجو ڪنڌ جهڪائي انهي ماڳ کي سلام ڪري اڳتي وڌي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته هي جڳهه هاڻي سنڌي ماڻهن جي عظمتن جي اها نگري بڻجي چڪي آهي، جنهن سنڌي ماڻهن جي بدترين غلامي کي شڪست ڏني آهي، ٻارهن تيرهن ڏينهن جي هن پرامن جدوجهد جي ڪري ملڪي معيشيت جو ڦيٿو رڪجي ويو، ڪنهن کي خبر ئي نه هئي ته سنڌي ماڻهو هن اسپاٽ کي پنهنجي سڀني مشڪلاتن جي حل جو مرڪز سمجهي گڏ ٿي ويندا، ڪنهن کي خبر نه هئي ته ڪاري ڪوٽ وارا ڪجهه وڪيل، ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ جي اڳواڻي ۾ ملڪي تاريخ جي اهم تحريڪ جو مرڪز ۽ محور بڻجي ويندا.

 ٻٻرلوءِ سنڌ جي مٿان ٿيندڙ مني صدي جي ظلمن، زيادتين، اهنجن ،عذابن ۽ المين جو رد عمل بڻجي سامهون آيو، ٻٻرلوءِ جو ڌرڻو سنڌ جي شعور جو اهڙو هيڊ ڪوارٽر بڻجي ويو، جنهن جي مالڪي هٿين خالي ۽ پرامن سنڌي ماڻهن پنهنجي هٿ ۾ رکي ڇڏي، جنهن ۾ لکين ماڻهن جي شرڪت جي باوجود ڪا به افراتفري نه هئي، 46 سينٽي گريڊ جي گرمي ۾ هزارين لکين ماڻهن جي لاءِ ٿڌي پاڻي، شربت ۽ جوس جون ڪيئي ڪيمپون موجود هيون، کاڌي پيتي جا مفت اسٽال موجود هئا ۽ وڏي ڳالهه ته سنڌي عورتن جو تمام وڏو انگ هر وقت پنهنجي قومي جذبي سان موجود هيو، هن وقت تبصرا ٿي رهيا آهن ته اهو ڌرڻو سنڌ جي قوم پرست ۽ حڪومت مخالف سياسي پارٽين ۽ ساڃهه وندن جي جدوجهد کي سبوتاز ڪرڻ جي لاءِ جوڙيو ويو هو، پر جيڪڏهن ايئن آهي به سهي ته اها رٿابندي ڪندڙن جي ڳچي ۾ پئجي ويو. حڪمرانن جي خلاف جيڪا نفرت شدت سان انهيءَ ڌرڻي ۾ جنم وٺي چڪي آهي، اها انهن کي هاڻي سک سان ننڊ سمهڻ ڪو نه ڏيندي، عوام جي اهڙي نفرتن واري ردعمل ۽ پرامن جدوجهد جي ڪنهن کي به توقع نه هئي. سنڌ جي ڏاهپ کيتر جي سڀني ماڻهن جو هڪجهڙو خيال آهي ته سنڌي ماڻهن جي وجود جو جياپو صرف ۽ صرف سنڌو درياهه آهي، انهيءَ جياپي جي سهاري سان کونئس ڪرڻ تي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي سڀني وسيلن جي ڦرلٽ ياد اچي وئي آهي. هن ملڪ ۾ رهندي جنهن جبر جي گهاڻي ۾ اسان پيڙجي رهيا آهيون، اهو ڪو ڪلهه جو قصو ناهي، اسان جي ڌرتيءَ جا اهي وڏڙا جن هن ملڪ جي قيام کان اڳ پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ جي وجود کي ڏٺو هو، هو اڄ جيڪڏهن واپس اچي وڃن ته حيرت جي پاتال ۾ غرق ٿي وڃن. اها ڪراچي جنهن ۾ ورهاڱي کان اڳ هڪ سيڪڙو به ڌارين جي لوڌ لٿل نه هئي،اڄ وري ڌاريا پناهگير ۽ ٻين قومن جا ماڻهو ڪراچي کي پنهنجي وڏن جي جاگير سمجهي رهيا آهن ۽ سنڌي ماڻهن سان کليل نفرت جو اظهار ڪندا رهن ٿا، شڪر آهي ته سنڌي اليڪٽرونڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي روپ ۾ اسان کي پنھنجو سگهارو آواز ملي ويو آهي، هر ڏاڍ جبر تي اسان جي داد فرياد انهيءَ جي ذريعي ٻوڙن گونگن حڪمرانن ۽ بيحس رياست جي ڪنن تائين پهچي ٿي، هاڻي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي طاقت جو اندازو لڳائڻ گهرجي ته ڪجهه ڏينهن جي روڊ بند ڪرڻ سان پنجابي سرمائيدارن جي بولتي بند ٿي وئي هئي، انهن پريس ڪانفرنس ۾ چيو پئي ته اسان جو سياست سان ڪو تعلق ناهي، روڊ بند ٿيڻ سان اسان جا اربين کربين روپيا ٻڏي رهيا آهن، لکين مزدور بيروزگار ٿي رهيا آهن، ايڪسپورٽ امپورٽ ڪندڙ ادارن وٽ اسان جي ساک خراب ٿي رهي آهي، انهن سنڌ جي وزير اعلي کي روڊ کولرائڻ جون اپيلون پئي ڪيون ،پنجاب جي چند روشن خيال ماڻهن کي سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن جو احساس ٿي رهيو هو، حامد مير، ڊاڪٽر حسن عباس ۽ ابصار عالم جهڙن ماڻهن کليل نموني اظهار پئي ڪيو ته پنجاب کي پنهنجي بالادستي وارو سلوڪ ختم ڪرڻو پوندو.

سنڌين جي پر امن جدوجهد کي ساراهيندي انهن چيو پئي ته هزارين بيهجي ويل ٽرالرن ،ٽرڪن ۽ گاڏين ۾ اربين کربين روپين جو مال موجود هو، ڪنهن به سنڌي جي طرفان ڪو واقعو پيش نه آيو جڏهن ته ڪجهه شائونسٽ پنجابي سنڌين کي دهشت گرد سڏي انهن جي پر امن جدوجهد کي بنگلا ديش وانگر طاقت جي زور تي ڪچلڻ جا مطالبا ڪري رهيا هئا، سنڌي ماڻهن کي صرف ايترو ئي ڪرڻو آهي ته جيڪڏهن گيس، پيٽرول، ڪوئلي، پاڻي ۽ ٻين معدني ذريعن کي بچائڻو آهي ته پنهنجي صفن ۾ گڏجي بيهي پرامن جدوجهد جو جهنڊو کڻي بيهن ته اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن سنڌ سموري دنيا جو خوشحال خطو بڻجي وڃي، ساڳئي وقت پيپلز پارٽي جي سنڌ دشمن ڪردار کي به نظر ۾ رکڻو آهي، انهي سنڌ جي ماڻهن کي ڪشڪول کڻڻ تي مجبور ڪيو آهي، انهن کي صرف اقتدار جو طلسمي ڪاڪ محل گهرجي، پ پ جي هر وزير، مشير ۽ بيوروڪريسي جو ڳٺ جوڙ ٿيل آهي، سنڌ جي کربين روپين مان ڏهه سيڪڙو به ڪنهن اداري پاران خرچ نٿا ٿين، ته ٻئي طرف به اندازو ٿيو ته ملڪي ايڪسپورٽ امپورٽ صرف پنجاب ۾ آهي، انهن سرمائيدارن جا ايئرپورٽ به پنهنجا آهن، سنڌ ۾ ڪا صنعتڪاري ناهي، جنهن ڪري ڪا ايڪسپورٽ امپورٽ ناهي، سنڌ ۾ صنعت ڪا آهي به ته اها پنجابي سرمائيدارن جي آهي، سنڌي ماڻهن جي بدقسمتي آهي جو پيپلز پارٽي جي روپ ۾ سنڌ ۽ سنڌي عوام جي دشمن پارٽي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان عذاب بڻيل آهي، ڇاڪاڻ ته انهن سنڌ جي سڀني وسيلن کي انهن وٽ گروي رکي ڇڏيو آهي، جيڪي اقتدار جون واڳون پنهنجي مرضي سان ڏيندا آهن.

 سنڌي ماڻهن جي ميڊيٽ جو انهي پارٽي ڍونگ رچائي ڇڏيو آهي ،جيڪا پارٽي جاگيردارن سان جنگ جي بنياد تي 1967 ۾ وجود ۾ آئي هئي، جنهن پارٽي حقيقي عوامي ويزن تحت ملڪي آمريت کي تاريخي شڪست ڏني هئي، جنهن پارٽي کي عوام جي دلين مان ڪنهن به جابر قوت طرفان ڪڍڻ سندن وس ۾ نه هو، اڄ اها پارٽي سنڌ جي سڀني جاگيردارن جي آڪسيجن تي پنهنجا پويان پساهه کڻي رهي آهي، پر هن ڌرتيءَ جي وري وڏي بدقسمتي اها آهي ته جيڪي سنڌ جي حقن جي لاءِ وفاقي يا قوم پرست پارٽيون ڪم ڪن ٿيون يا موجود آهن، اهي گروهي مفادن ۾ ڦاٿل آهن، گراس روٽ ليول تي ڪنهن جو به ڪم ٿيل ناهي،سنڌي ماڻهن ۾ هن وقت تمام وڏي ڪاوڙ ۽ بيچيني آهي، جيڪا ايم آر ڊي بعد ٻٻرلوءِ ۾ ظاهر ٿي چڪي آهي، تنهنڪري  سنڌي ماڻهن جي انهيءَ ڪاوڙ ،ڪروڌ ۽ بيچيني کي ڪنهن نظرياتي، فڪري ۽ سنڌ جي حقيقي جدوجهد واري رستي تي آڻڻ جي ضرورت آهي، وقتي طور تي ته هن ملڪ جي اصلي واڳ ڌڻين ٻٻرلوءِ جي تاريخي تحريڪ کي ماٺو ڪري ڇڏيو آهي، انهيءَ تحريڪ جي سرواڻي ڀلي ڪنهن کي خوشفهمي هجي ته اها ڪنهن فرد وٽ آهي يا ڪير به انھي تحريڪ جي فصل جي اپت کائي سگهي ٿو ته اها اها انهي فرد يا ڪنهن اداري جي غلطي آهي، هن تحريڪ جي قيادت انهن لکين ماڻهن وٽ آهي، جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪنهن وقت به ڌرتيءَ جي جياپي جي جنگ ۾ سر سان ڪفن ٻڌي ميدان ۾ لهي پون ٿا.

 ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌي ماڻهن کي مايوسي جي طرف نه گهليو وڃي يا اهي مفروضا پيش نه ڪيا وڃن ته ٻٻرلوءِ جي ڌرڻي مان سنڌي ماڻهن کي ڪا هڙ حاصل نه ٿي آهي، جڏهن ته عالمي ميڊيا جا سڀ فورم انھي راءِ جا آهن ته جيڪڏهن اهڙي تحريڪ ڪجهه مهينن جي لاءِ هلي پوي ته رياست پنهنجي ناڪامي تسليم ڪندي گوڏا کوڙي سگهي ٿي ۽ اهڙي ابتدا ٿي چڪي آهي، تاريخ جي ارتقائي سفر کي روڪڻ ڪنهن جي وس ۾ ناهي، اچو ته انهيءَ اميدن ڀريل خواب کي نصير ميمڻ جي هنن لفظن ۾ ڏسون جنهن ۾ هو چوي ٿو ته ايڪيهين صديءَ ۾ غارن جي دور واري سنڌ هلائيندڙ عوام دشمن سياست ۽ حڪمرانيءَ جو اهو مانڊاڻ ڊاهڻ جو وقت اچي ويو آهي، هڪ ترقي پسند، پاڻ ڀري، آسودي ۽ انساني قدرن واري سنڌ جي تعمير جو اهو سفر وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.