ڇا آمريڪا پنھنجي بحران تي ضابطو آڻي وٺندو ؟

تحرير: نديم اختر

سرد جنگ هڪ  ٻھ قطبي دنيا جو ظھور ٿيو.فڪري ۽ سياسي اعتبار سان دنيا ٻن انتهائن ۾ ورهايل هئي. سوويت بلاڪ جي حامين جو خيال هو ته ترقي يافتھ سرمائيدار ملڪ  آمريڪا جي قيادت ۾ دنيا تي جديد بيٺڪيت  نظام لاڳو ڪرڻ چاهين ٿا. سوويت مخالفن جو  يقين هو ته سوويت يونين جمهوريت، انساني حقن، آزادي، مذهبي ۽ سماجي قدرن کي ختم ڪري دنيا تي ڪميونسٽ نظام قائم ڪرڻ چاهي ٿو.انھن ٻنھي انتھائن ۾ ورھايل سوچ مطابق نظرياتي دوست مڪمل درست ۽ مخالف مڪمل طور تي غلط ھوندو آهي. تصوير جا صرف ٻه پاسا ھوندا آهن. هڪ ڪارو ۽ ٻيو اڇو، وچ ۾ ڪجهه به ناهي ھوندو. دوست جي هر برائي ۾ ڪا حڪمت ۽ دشمن جي هر نيڪي ۾ ڪا چالاڪي لڪيل ھوندي آھي. اھو نظريو ۽ سوچ ۾ گھڻ پاسي کي رد ڪري ٿو ۽ پنهنجي نظريي ۽ زندگي جي نظام کي سماج تي لاڳو  ڪرڻ کي پنهنجو مقدس يا تاريخي فرض سمجهي ٿي. سرد جنگ ختم ٿئي  ڏهاڪا گذري ويا آهن، پر تجزياتي زاويو  ڪجهھ گهڻو  تبديل نه ٿي سگھيو آهي.

غير جذباتي تجزيي لاءِ  ٺوس معروضي حقيقتن کي ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي. آءِ ايم ايف پاران 22 اپريل 2025 تي جاري ڪيل تازي جائزي موجب، موجوده آمريڪي جي ڊي پي 30.34 ٽريلين ڊالر آهي ۽ متوقع واڌ جي شرح 2.7 سيڪڙو في سال آهي. ان بعد چين 19.53 ٽريلين ڊالر ۽ 4.6 سيڪڙو جي واڌ جي شرح سان ٻئي نمبر تي آهي، جڏهن ته جرمني 4.92 ڊالر سان ٽئين، جپان 4.39 سان چوٿين ۽انڊيا 4.53 سان  پنجين نمبر تي آهي.ان حقيقت مان اھو چٽو ٿو ٿئي تھ وچين کي آمريڪا سان مقابلو ڪرڻ لاءِ 10 ٽريلين ڊالر جي ضرورت آهي، جڏهن ته جرمني، جپان ۽ هندستان پنهنجي لاڳاپيل جي ڊي پي ۾ 25 ٽريلين ڊالر جو اضافو ڪري آمريڪا سان مقابلو ڪري سگهندا. بهرحال، اها ٻي ڳالهه آهي ته جڏهن مٿي ذڪر ڪيل ملڪ اھو معرڪو سر ڪندا تھ آمريڪي معيشت نھ ڄاڻ ڪٿي پهچي چڪي هوندي. فارچون 500 جي مطابق، دنيا جي سڀ کان وڏيون ڪمپنيون آمريڪا جون آھن،جن جو منافعو وڌي رھيو آھي. آمريڪي معيشت ۾ صارفين طرفان   شين ۽ خدمتن جي کپت جو ڪردار (جي ڊي پي جو 68 سيڪڙو) آهي، تنهن ڪري برآمدات ۾ گهٽتائي جو ان تي ٿورو اثر پوندو. هي آمريڪي معيشت جو سڀ کان طاقتور پهلو آهي، جيڪو ان کي معاشي بحرانن کان بچائي ٿو.جن جي معاشي ترقي جو دارومدار اندروني کپت کان وڌيڪ برآمدات تي ھوندو آھي. تحقيق ۽ ترقي (آر اينڊ ڊي) جي ميدان ۾ بھ آمريڪا جو ڪو به مقابلو ڪندڙ ناهي. دنيا جون  بهترين درس گاھون آمريڪا ۾ آهن. آمريڪي معيشت ۾ تازي بحران جا گھڻا سبب  داخلي آهن.واپاري خسارو ايترتو نھ وڌي ھا تھ  جيڪڏهن اهو ڊبليو ٽي او ذريعي اھو پنھنجي منڊين کي  دنيا جي سستي شين لاءِ  نه کولي ها، پرڏيهي جنگين ۾ ملوث ٿي ڪري کربين ڊالر ضايع نه ڪيا وڃن ها ۽ سرد جنگ دوران اھو پنهنجي غير مقبول حامي حڪومتن کي کربين  ڊالر ناقابل واپسي مالي امداد ۽ قرض نه ڏئي ها.  هزارين آمريڪي صنعتن کي بروقت ڏيوالپڻي کان  وقر سر بچائي ڪري  لکين مزدور کي بيروزگاري کان بچي سگهجي ها. سرد جنگ ۾ مذھبي انتھاپسندي کي استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪري ھا.تھ جئين ھن کي نائن اليون  ۽ ان بعد  دهشتگردي جهڙن سانحن سان منهن ڏيڻ جي ڳري انساني ۽ مالي قيمت ادا نھ ڪرڻي پئي ھا.

هاڻي سوال اهو آهي ته صدر ٽرمپ آمريڪا کي درپيش مسئلن تي قابو پائڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪندو. ھو چاھيندو تھ مختلف ملڪن سان الڳ الڳ واپاري معاهدا ڪري درآمدي بل گهٽايا وڃن ۽ آمريڪي برآمدات وڌائي وڃي.آمريڪي ڪمپنين کي وڌ کان وڌ  رعايت ڏئي ڪري  ملڪ اندر گهٽ قيمت واريون شيون تيار ڪيون وڃن. خاص طور تي مقامي سروس سيڪٽر کي هٿي ڏني وڃي ۽ اڀرندڙ معيشتن ڏانهن پنهنجون برآمدات وڌايون وڃن.صدر ٽرمپ ٻين ملڪن جي دفاعي خرچن ٿيندڙ اربين ڊالر بچائيندو. پنهنجي ملڪ جي انفراسٽرڪچر کي ترقي ڏيندي پيداوار لاڳت گهٽائيندو. ڊبليو ٽي او جهڙن ادارن  جي قاعدن ۽ ضابطن کي وڌيڪ منصفاڻو ۽ شفاف بڻائيندو ۽  ٻين اهڙن قدمن ذريعي ھو آمريڪا جي خساري جي ھاڻوڪي سنگين بحران مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو. ان کان علاوه، هڪ آمريڪا کي هڪ قطبي سپر پاور واري نفسياتي ڪيفيت مان نڪري ڪثير قطبي معاشي ۽ سياسي دنيا ۾ رهڻ سکڻو پوندو، جيڪو يقيني طور تي هڪ ڏکيو ڪم آهي،  تاريخ ٻڌائي ٿي تھ مشڪلات مان نڪرڻ جي غيرمعمولي ھنر ھن کي انساني تاريخ ۾ سڀ کان وڏي طاقت بڻائيو. ڇا ان ھنر کي ڪتب آڻيندي هو موجوده بحران تي قابو پائي وٺندو ؟ ان سوال جو جواب ايندڙ وقت  ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.