ڀارت اهڙو ردعمل نه ڏئي جو علائقي ۾ ڇڪتاڻ جو ڪارڻ بڻجي\آمريڪي نائب صدر

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته پهلگام واقعي جي جواب ۾ اهڙو ڪو قدم نه کنيو وڃي جيڪو علائقي ۾ تڪرار جو سبب بڻجي. ميڊيا رپورٽن موجب، آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس خميس جي ڏينهن فاڪس نيوز کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته واشنگٽن کي اميد آهي ته ڪشمير ۾ تازو حملي جي جواب ۾ ڀارت جو ردعمل اهڙو نه هجي جيڪو علائقي ۾ وڏي پيماني تي تڪرار جو سبب بڻجي. رپورٽ موجب، آمريڪي نائب صدر جو چوڻ هو ته پاڪستان هڪ ذميوار ايٽمي طاقت آهي، اميد آهي ته پاڪستان ڀارت سان سهڪار ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.