لاهور (م ڊ) پاڪستان ڀارت جي طرفان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي تي باضابطا طور نوٽيس ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب، ڀارت طرفان معاهدي جي معطلي جي ردعمل طور هنگامي قانوني ۽ آئيني مشاورت جاري آهي، جڏهن ته ان حوالي سان ابتدائي هوم ورڪ مڪمل ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پرڏيهي، آبي وسيلن ۽ قانون وارين وزارتن جي وچ ۾ صلاح مشورا ٿي چڪا آهن ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڀارت کي سفارتي ذريعن وسيلي نوٽيس موڪليو ويندو. انڊس ڪميشن جي ذريعن موجب، نوٽيس ۾ ڀارت کان معاهدي جي هڪ طرفي معطلي جا واضح ۽ قانوني سبب پڇيا ويندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت جي آبي جارحيت خلاف عالمي فورمن تي به ڀرپور احتجاج داخل ڪرائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي ۽ دنيا آڏو ڀارت جي روش کي اثرائتي انداز ۾ پيش ڪيو ويندو. انڊس ڪميشن جي ذريعن موجب، سنڌ طاس معاهدي تي قانوني حيثيت ۾ پاڪستان کي سرسي حاصل آهي ۽ اميد آهي ته ڀارت کي جلد پنهنجو فيصلو واپس وٺڻو پوندو. سمورا قدم حڪومت ۽ ڪابينا جي منظوري کانپوءِ کنيا ويندا.