اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف چيو ته ملڪي دفاع لاءِ اختلافن کي پاسيرو رکڻ سٺي روايت ۽ سڀني سياسي پارٽين جو هڪ زبان هجڻ سٺو سنوڻ آهي. سينيٽ ۾ ن ليگ جي پارلياماني پارٽي ليڊر ۽ پرڏيهي معاملن جي ڪميٽي جي سربراهه سينيٽر عرفان صديقي نواز شريف سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران مسلم ليگ ن جي سربراهه چيو ته قومي ٻڌي ۽ ايڪي لاءِ پارليامينٽ جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، پارليامينٽيرينز جي هاڪاري ڪردار سان قومي ٻڌي کي هٿي ملندي. ملاقات دوران سينيٽر عرفان صديقي نواز شريف کي سينيٽ ۾ پارلياماني پارٽي جي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪيو ۽ ملڪي دفاع جي عزم تي ٻڌل متفقه ٺهراءَ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.