پ پ عوامي پارٽي آهي، سياسي يتيم سدائين مقابلي کان گهٻرائيندا آهن: بلاول

ميرپورخاص(رپورٽ: صالح اوٺو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ميرپورخاص لڳ  شجاع آباد تعلقي  جي ڳوٺ کنڀڙي، تعلقي ڪوٽ غلام محمد جي ڳوٺن واگهريجي جي  ڪولهي پاڙي ۽ غلام مصطفيٰ لغاري ۾ ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز  پروگرام تحت تعمير ٿيل گهرن جا مالڪي جا سرٽيفڪيٽ ورهايا. تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ سرڪار جي پيپلز هائوسنگ ڦار فلڊ افيڪٽيز  پروگرام تحت، سڄي سنڌ ۾ 20 لک کان وڌيڪ  خاندانن کي گهرن جا مالڪي حق ڏنا پيا وڃن. هن منصوبي تحت، ٻوڏ متاثرين لاءِ گهر ٺاهيا پيا وڃن. جيڪو دنيا جو سڀ کان وڏو رهائشي منصوبو آهي. هن منصوبي جو مقصد غريب خاندانن کي معاشي طور تي مضبوط ڪرڻ آهي. هن منصوبي تحت، غريب خاندانن کي ٺهيل گهرن جي مالڪي جا حق ڏنا پيا وڃن ته جيئن اهي انهن کي پنهنجي نسلن تائين منتقل ڪري سگهن، هن چيو ته پيپلزپارٽي عوام کي ٺلا دلاسا ڏيڻ واري پارٽي ناهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي بينظير ڀٽو هميشا اهو ئي نعرو هنيو آهي ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي شهيدن جي نعرن کي صدر آصف زرداري ۽ آءُ اڳتي کڻي هلي رهيا آهيون، پيپلزپارٽي جي عوام دوست منصوبن ۽ عوام جي حق لاءِ ڪنهن به قسم جي قرباني ڏيڻ کان پوئتي نه هٽڻ واري جذبي کان هميشه سياسي يتيم ۽ پ پ مخالف گھٻرائيندا آهن پر عوام جو پيپلزپارٽي تي مڪمل اعتماد آهي.عورتن کي گھرن جي مالڪي جون سندون ڏيڻ دوارن ڪوٽ غلام محمد جي هڪ عورت چيو ته سندس مڙس جھيڙو ٿيڻ تي کيس گھران ڪڍڻ جي ڌمڪي ڏني ته مون کيس چيو هي منهنجو گھر آهي بلاول هي گھر منهنجي نالي ڪيو آهي. هڪ ٻئي ڳوٺ ۾ سندون ورهائڻ واري تقريب دوران هڪ عورت بلاول سان ملي چيو ته ٻوڏ سان ٿيل تباهي سبب جڏهن اسين بي گھر ٿي وياسين ته اسان جي گھرن جا مرد اسان کي پريشانين کان بچائڻ ۽ گھر ٻيهر تعمير ڪرڻ لاءِ محنت مزدوري ڪرڻ لاءِ ٻين شهرن ڏانهن هليا. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير ثقافت سيد ذوالفقار علي شاھ،. صوبائي وزير داخلا ضياء الحسن لنجار ،ايم اين اي مير منور ٽالپر، سنڌ جي وڏي وزير جو صلاحڪار  جنيد بلند، ايم پي اي حاجي نور احمد ڀرڳڙي، سهيل انور سيال، ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين مير انور ٽالپر، ڊويزنل ڪمشنر ميرپور خاص فيصل احمد عقيلي ، ڊپٽي ڪمشنر ميرپور خاص ڊاڪٽر رشيد مسعود خان، ڊي آءِ جي پوليس زبير، ايس ايس پي ميرپور خاص ڊاڪٽر سمير نور چنا ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر ساڻس گڏ هئا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.