هاڻي ”ٻٻرلوءِ جدوجهد“ کي ”واٽر لوءِ“ جي لقب طوربه هميشه پڪاريو ويندو

سنڌي قوم کي لڳي ٿو ته وڪيل برادري جي ٻٻرلوءِ واري ڌرڻي جي سحر مان نڪرڻ لاءِ وڏو وقت لڳندو ۽ اهو به ممڪن آهي ته سنڌي قوم ان سحر مان ڪڏهن به نه نڪري سگهي. نڪري به ڀلا ڇو. هيءَ تحريڪ سنڌ ۽ سنڌو قوم جي جياپي جي تحريڪ هئي، سنڌو درياهه جي بقا جي جدوجهد هئي، سنڌو درياهه سان ڏکئي وقت ۾  پير کڻڻ جي تحريڪ هئي ۽ مثالي ٻڌي قائم ڪري سنڌو کي ڏکئي وقت مان ڪڍڻ جي تحريڪ هئي، ورهاڱي کانپوءِ وارين تمام وڏين ۽ ڪامياب تحريڪن مان هڪ تحريڪ هئي جنهن کي هونئن ته ڪئنال مخالف تحريڪ چيو پيو وڃي جنهن ۾ سنڌ جي هر ماڻهو حصو ورتو پوءِ ٻار هجن، عورتون هجن، شاگرد هجن، استاد هجن، ڊاڪٽر هجن، اديب، صحافي، دانشور هجن، آبادگار هجن، هاري هجن، سياسي، سماجي، مذهبي تنظيمون هجن، سنڌ جا کدڙا فقير هجن، سنڌي فنڪار، ڳائڻا يا سوشل ميڊيا جا ايڪٽوسٺن هجن سڀني ته هن  تحريڪ ۾ بهرو ورتو

 پر ٻٻرلوءِ تي ڌرڻو هڻي وڪيل برادريءَ حقيقي معنيٰ ۾ هن تحريڪ ۾ نئون جوش ۽ ولولو پيدا ڪري ان کي توڙ تي رسايو. يعني ڪئنال مخالف تحريڪ ۾ ئي ٻٻرلوءِ جي ڌرڻي نئون روح ڦوڪي ڏيکاريو. سنڌ جي هر باشعور، باضمير ۽ سنڌوءَ جي عاشق جي تمنا هئي ته اهو ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ شريڪ ٿي پنهنجي تاريخ بڻائي ۽ سنڌ جي عظيم تاريخ جو حصو بڻجي. پوءِ اسان ڏٺوسين ته ڪراچي کان ڪشمور، ڪشمور کان ڪارونجهر، ڪارونجهر کان ڪينجهر تائين هر ڪو انفرادي طور، اجتماعي طور، قافلي طور، بسن ۾، ڪارن ۾، ويگنن تي ۽ موٽر سائيڪلن تي، پيرين پنڌ  ٻٻرلوءِ کي پنهنجي منزل بڻائي روانو پئي ٿيو. پوءِ ٻار هجن، عورتون هجن، ٻڍا هجن، مزدور هجن، واپاري هجن، شاگرد هجن، استاد هجن، ڊاڪٽر هجن، اديب هجن، سماجي اڳواڻ هجن، سياسي جماعتن جا ليڊر هجن، ڪارڪن هجن، دڪاندار هجن، مزدور هجن سڀني جو منهن ٻٻرلوءِ  ڏانهن هو. هڪ قومي غيرت هئي، سنڌو سان عشق جي تڙپ هئي، تڙپ جي ڪا شدت هئي ۽ ان شدت ۾ رت جي ڪا ڇڪ هئي جيڪا کين ٻٻرلوءِ جي ڌرڻي ڏانهن ڇڪي رهي هئي. هر ڪو ٻٻرلوءِ شهر جي بورڊ آڏو فخر وچان بيهي فوٽو ڪڍائي پنهنجي ايندڙ نسل کي اهو جذبو منتقل ڪرڻ کي وڏو اعزاز ڀانئين رهيو هو.

ٻٻرلوءِ جي ڌرڻي سبب جيڪي مسافر 12 ڏينهن رستي تي ڦاٿل رهيا سي به سنڌي قوم جي هن ريڪارڊ پرامن جدوجهد کي خوشگوار حيرت مان ڏسي رهيا هيا ۽ سنڌي قوم ان موقعي تي کين تنگ ڪرڻ، ڦرڻ،  لٽڻ ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ بنا سندن اهڙي روايتي ۽ مثالي مهمان نوازي ڪئي جو اهي مسافر ڪامياب جدوجهد ۽ ڌرڻي جي پڄاڻي کان پوءِ کين دعائون ڏيندا پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿيا. جڏهن ته عام طور تي هر سياسي تحريڪ پرتشدد ئي ٿيندي آهي پر سنڌي قوم جي تحريڪن جو اهو پاسو يقينن ناقابل يقين آهي ته عدم تشدد ئي سنڌي قوم جي تحريڪن جي ڪاميابي جو روح رهيو آهي جيڪو هن تحريڪ جو به روح روان بڻيو.

ٻٻرلوءِ ڌرڻي  توڙي ڪئنال مخالف تحريڪ تي سنڌي شاعرن ۽ شاعرائن به نظم، گيت، وايون، غزل سرجيندي تخليق ڪندي جدوجهد کي جوش ۽ ولولو عطا ڪرڻ ۾ پنهنجو رت ست پئي ملايو. ڪن ٻٻرلوءِ کي دلچسپ ۽ نوان لقب پئي ڏنا جيئن سنڌ جي دانشور امان الله شيخ سوشل ميڊيا تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ لکيو ته ”جيئن واٽر لوءِ ۾ اتحادين نيپولين کي هارائي يورپ مٿان سندس قبضو دفن ڪيو تيئن ٻٻرلوءِ به سنڌ دشمنن لاءِ واٽر لوءِ ثابت ٿيندو“ ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو. ٻٻرلوءِ ڌرڻي به سنڌ دشمنن، سنڌوءَ  ڏانهن ميري اک رکندڙ، سنڌوءَ جي پاڻي تي قبضو ڪندڙ کي شڪست ڏئي ڏيکاري ۽ ايئن ”واٽر لوءِ“ جو لقب ماڻي ورتو. هيءَ سنڌ جي واٽر لوءِ تحريڪ تحريڪ هئي. اسان جو خيال آهي ته ٻٻرلوءِ ڌرڻي کي به هاڻي واٽر لوءِ ڌرڻي طور ياد ڪرڻ گهرجي. اسان جي ٻئي نامياري شاعر محمد علي پٺاڻ وري پنهنجي ٽيڙوءَ ۾ ٻٻرلوءِ کي مڌر لوءِ طور پڪاريو آهي ته مڌر لوءِ هلو، لئه سنڌو ۽ ساهه، ٻٻرلوءِ هلو! مڌر لوءِ هلو سنڌو خاطر ڀائرو ٻٻرلوءِ هلو. ايئن سنڌ جي ٻين شاعرن ۽ شاعرائن پڻ پنهنجن ڪوتائن ۾ ٻٻرلوءِ ڌرڻي کي انتهائي پاٻوهه وچان ڳايو آهي. چوٽيءَ جي ليکڪا نورالهديٰ شاهه ته ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ وڃي روئي ويٺي ته هن اهڙي سنڌ جو ته رڳو اسان خواب ئي ڏٺو هو. هن پنهنجي هڪ مختصر نثري نظم ۾ پڻ اهڙن جذبن جو اظهار ڪندي لکيو ته سنڌوءَ منجهه پاڻي نه سهي، ماڻهو ته آهن! ڇولي بڻجي ڇلندا ٿا وڃن. ماڻهو ماڻهو ڏس ڪيئن درياهه بڻجي ٿو. سنڌي جي  ٻئي خوبصورت ڪوي اياز گل به ٻٻرلوءِ ڌرڻي تي ”جاڳيو ٻٻرلوءِ“ جي نالي سان ٽيڙو لکيا ته جاڳيو ٻٻرلوءِ، اول سنڌو، سنڌڙي باقي ڳالهيون پوءِ.

 ايئن سڪل سنڌو ۾ شاعري جون ڇوليون گجگوڙ ڪندي ٻڌڻ ۾ آيون ۽ ڪئنال مخالف تحريڪ توڙي ٻٻرلوءِ ڌرڻو کي خوبصورت لفظن ۽ لقبن سان نوازينديون رهيون. سو بي شڪ ڪئنال مخالف تحريڪ ۽ ٻٻرلوءِ ڌرڻي سنڌ دشمنن کي به ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون آهن ته پوءِ اسان تي ان تحريڪ جو سحر ڀلا ڇو نه طاري رهندو!

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.