جاءِ پيدائش ۽ جنم ڏينهن؟
3 مئي 1920ع ڳوٺ ٻنڊي، تعلقو ڏوڪري،ضلعو لاڙڪاڻو.
مزاجن توهان ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهيو؟
انتهائي سادو ۽ دوستن تي اعتبار ڪندڙ.
پهرين ملاقات ۾ ماڻهوءَ جي ڪهڙي ڳالهه جو جائزو وٺندا آهيو؟
ته هو ڪيترو sincere آهي.
اوهان جي وڏي ۾ وڏي ڪمزوري؟
ٻار.
توهان جا قابلِ فخر ڪم؟
مون ڪڏهن به سگريٽ نه ڇڪيو،شراب نه پيتو ۽ نه عورتن جو پيڇو ڪيو.
دولت،شهرت ۽ محبت مان چونڊ ڪرڻي پوي ته ڇا چونڊيندئو؟
ڪجهھ به نه. منهنجي وفاداري سنڌ جي غريب ۽ ڏتڙيل ماڻهن سان آهي ۽ منهنجو مذهب انسانيت آهي. ڪتاب سڀني مذهبن جا پڙهيا اٿم ۽ سمورن مذهبن جي تعظيم ڪريان ٿو،پر پاڻ مذهبي ناهيان. پيدائشي طرح گرو نانڪ جو پوئلڳ آهيان. رامائڻ، مهاڀارت ۽ گيتا ننڍي هوندي پڙهيا اٿم. آءٌ گرو گرنٿ جو پاٺي به رهيو آهيان ۽ ٻولين ۾ سنڌي،اردو،انگريزي،گرمُکي، هندي، بنگالي. فارسي ۽ ٿوري گھڻي عربي اينديون آهن.
توهان جي زندگيءَ جا بهترين سال؟
اهڙا سال 1939ع کان 1941ع تائين آهن.ڇو ته اهي ٻه سال بحيثيت شاگرد جي مون شانتي نڪيتن ۾ گذاريا.
زندگي توهان جي نظر ۾؟
زندگي هڪ دفعو ملي ٿي، جنهن کي وئرٿ وڃائڻ نه کپي.
ڏک توهان جي نظر ۾؟
ڏک تڏهن ٿيندو اٿم، جڏهن دوست misunderstanding ڪندا آهن.
خوشي توهان جي نظر ۾؟
منهنجي وڏي خوشي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي خوشحالي آهي.
پيار توهان جي نظر۾؟
منهنجي پيار جو دائرو دنيا ڀر جا محنت ڪش،مزدور ۽ ڏکويل انسان آهن.
توهان کي ڪنهن کان نفرت آهي؟
ظالمن ۽ ڊڪٽيٽرس کان.
خوشيءَ ۾ ڇا محسوس ڪندا آهيو؟
مان پنهنجون خوشيون سڀني سان ورهائي خوش ٿيندو آهيان.
اداس لمحن ۾ ڇاڪندا آهيو؟
ڪتاب پڙهندو آهيان يا ننڍڙن پوٽن سان کيڏندو اهيان.
زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي حاصلات؟
پنهنجي ضمير جي شانتي.
ڪا رهجي ويل خواهش؟
ڪا به نه.
ڪا هستي جنهن توهان جي زندگي مٽائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو؟
مان سڀني عظيم ماڻهن جو مطالعو ۽ ذاتي قرب حاصل ڪيو آهي.ٽئگور، گانڌي، جواهر لال نهرو، سڀاش بوس ۽ ڪامريڊ بخاري جي ڪردار کان متاثر ٿيو آهيان.پر چيلو ڪنهن جو به نه رهيو آهيان. باقي منهنجي زندگي مٽائڻ ۾ استاد ديوان ڪرمچند هڱوراڻيءَ جو وڏو هٿ آهي. جيڪو مونکي اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ وٺي هليو.
ڪنهن سفر جي تمنا؟
دل چيوم ٿي ته ڪاش شانتينڪيتن،ممبئي ۽ بينگلور گھمي اچان.
ڪاپراڻي ياد؟
ياد اٿم ته هڪ دفعيd j سنڌ ڪاليج جي ليڪچر هال ۾ شامل ڇوڪرن جيون ڪرپلاڻي (جيڪو بعد ۾ ڪانگريس جو پريزيڊنٽ ٿيو) تي ٺٺول ڪئي هئي.جنهن تي هن پنهنجي ڪميونٽيءَ جي ڇوڪرن کي دٻ پٽي هئي،سا اڄ به ياد اٿم.
ڪا شخصيت جنهن جي جدائيءَ جو احساس ٿيندو اٿوَ؟
سڀني دوستن ۽ محبتين کان جدا ٿيندي ڏک ٿيندو آهي.
اهي ماڻهو جن تي توهان کي رشڪ ايندو آهي؟
مون وٽ عزت نفس آهي ۽ ڪنهن سان به ريس نه ڪندو آهيان.
ٻيهر زندگي مليوَ ته ڇا ڪندئو؟
وري به ساڳي طرح عوام جي خدمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.
مستقبل ۾ اوهان دنيا کي ڪيئن ٿا ڏسڻ چاهيو؟
جيڪڏهن قومون امن امان ۽ ڀائيچاري سان رهن ۽ ڏک سک ۾ هڪٻئي جي مدد ڪنته ان کان بهتر ٻيو ڪو دنيا جو تصور نه رهندو.
اهو خواب جيڪو هن مهل تائين ساڀيان نه ٿيو آهي؟
مون سوچيو هو ته هن ملڪ ۾ به سوشلسٽ انقلاب ايندو ۽ افسوس اهو آهي ته جتي سوشلسٽ انقلاب آيو، اتي به همراه پوئتي پئجي ويا.
وڻندڙ موضوع؟
ادب.
اهڙو ڪو ڪتاب جيڪو ذهن تي هن مهل تائين ڇانيل آهي؟
Jeam cristofil جو raomio rolan
ڪلا جي دنيا ۾ عظيم شخصيت؟
پنٽر نند لال بوس.
موسيقي ۾ ڪنهن کي ٻڌندا آهيو؟
ڀڳت ڪنور رام.
پسند جا اديب؟
دوستو وسڪي، ٽالسٽاءِ، او هينري ۽ سرويان.
پسند جا شاعر؟
شاهه لطيف، شيخ اياز، والٽ وٽمئن ۽ ٽئگور.
(ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان ھي ڳالهه ٻولهه 2005ع ۾ ڪئي وئي هئي)