آءٌ سنڌي آهيان. اهوئي منهنجو تعارف آهي. اهائي منهنجي سڃاڻپ آهي.سنڌوءَ تي هينئر ڪو نئون ڌاڙو ناهي، نه ئي سنڌ جي زمين تي قبضي ۽ والار جي ڪا هي نئين ڪوشش آهي. پنجاب جي گذريل ٻن صدين کان سنڌ کي پنهنجي ڪالوني بنائڻ جي نيت ۽ ڪوشش هلندڙ آهي، جنهن ۾ هو جزوي طرح ڪامياب به رهيو آهي جو رنجيت سنگهه جي دور ۾ سنڌ جو مٿانهون سرسبز علائقو جيڪو هاڻي سرائيڪي وسيب سڏجي ٿو، رنجيت سنگهه حوالي ٿيو. 19 صدي جي وچ ڌاري کان سنڌوءَ جي پاڻي تي پنجاب جي قبضي جون ڪوششون جاري رهيون جو ويندي 1945ء ۾ پنجاب ۽ سنڌ وچ ۾ معاهدو ٿيو جنهن ۾ سنڌوءَ مان به پنجاب جي پاڻي جو حصو مقرر ٿيو جڏهن ته ان کان اڳ سنڌوءَ مان پنجاب لاءِ پاڻي جو ڪوبه حصو نه هو. البته سنڌوءَ جون پنج مددگار نديون جن کي عام طرح پنجاب جا دريا ۽ نديون سمجهيو ۽ ڄاڻايو ٿو وڃي ان ۾ به سنڌ جو حصو آهي ڇو ته انهن سڀني جو پاڻي سنڌوءَ ۾ ڪري ٿو. سنڌ طاس معاهدي وقت جيڪو سودو پنجاب/وفاق، هندستان سان ڪيو ۽ مال وصول ڪيائون انهي مان فقط پنجاب فائدو ورتو باقي نه ان مال مان سنڌ کي ڪو فائدو ٿيو نه ئي اڳتي جيڪي منصوبا جڙيا ان مان سنڌ کي ڪو فائدو ٿيو بلڪه الٽو سنڌ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيا. سنڌ طاس معاهدي وقت ۾ به سنڌ سان ڪا مشاورت نه ٿي ڇو ته ون يونٽ جو دور هو، جنهن ۾ مرڪز لاهور هو تنهن ڪري پنجاب جي مفاد ۾ سمورا فيصلا ٿيا.
هينئر جڏهن بظاهر ون يونٽ ناهي، 1973 جي آئين ۾ 18 ترميم به ٿي ويئي آهي جنهن کي به ڳچ سال ٿيا آهن پر اڃا تائين عملي طرح جهڙوڪ ون يونٽ نافذ آهي ۽ آئين ۽ قانون جي ڪابه حيثيت ۽ حقيقت ناهي، جو تازو سنڌوءَ مان ڪينالن ڪڍڻ جا منصوبا ۽ پاڪستان کي سرسبز بنائڻ جي منصوبن جي آڙ ۾ سنڌوءَ جي پاڻي تي ڌاڙي سان گڏ سنڌ جي زمين تي قبضا ڪري سنڌ کي پنهنجي ڪالوني بنائڻ واري معاملي کي اڃا به وڌيڪ سگهارو بنائڻ جا معاملا شروع ٿي ويا.
سنڌ جي ماڻهن وڏي همت ۽ جرئت جو مظاهرو ڪندي انهن منصوبن خلاف آواز اٿاريو ۽ جهر جهنگ، شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ مان ان خلاف آواز اٿڻ لڳا. سياسي جماعتن، سماجي تنظيمن، وڪيلن، ڊاڪٽرن وغيره سڀني شعبن سان تعلق رکندڙن پاڻ ملهايو آهي. نه فقط انفرادي بلڪه اجتماعي طرح ان خلاف احتجاج شروع ٿيو. جيئن ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي سنڌ جي وڪيلن جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو لڳو، سنڌ جي ماڻهن کان جيترو ٿي سگهيو، ان ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن جي کاڌ خوراڪ، پاڻي وغيره لاءِ وڏي سخاوت جو مظاهرو ڪيو. انهن سڀني جي همتن ۽ جرئتن کي سلام پيش ڪرڻ گهرجي ۽ اهو وڏي واڪي محسوس ڪرڻ جي ڳالهه آهي ته جڏهن سنڌ جو ماڻهو پنهنجي حقن لاءِ گڏ ٿئي ته ان ۾ ڪهڙي طاقت ۽ برڪت آهي.
اسان جي راءِ ۾ هيءَ جدوجهد هتي رڪجڻ نه گهرجي. هن جدوجهد جا ويجهي مستقبل ۾ جيڪي به نتيجا نڪرن پر هن جدوجهد کي اڳتي وڌڻ گهرجي. هي سنڌ جي آجپي جي جدوجهد جي نئين شروعات آهي، پهريون قدم آهي جيڪو سنڌ کنيو آهي. تنهن ڪري هن جدوجهد کي هاڻي ڪنهن سياسي، سماجي جماعت، ذات برادري يا ڪرت ۽ ڪاروبار، انفرادي ۽ مخصوص جماعتي صورتن مان نڪري هڪ قوم ٿي اهو نعرو هڻڻ گهرجي ته”آءٌ/ مان سنڌي آهيان“اهو نعرو اسانجي سڃاڻپ ۽ تعارف بڻجي وڃڻ گهرجي.
هينئر به مخالف اسان جي مختلف جماعتن ۽ تنظيمن جي گڏجڻ سان بدحواس ٿي ويا آهن ته جيڪڏهن سموري سنڌ ”آءٌ/مان سنڌي آهيان“ سنڌوءَ تي سمورا ڪينال/بئراج/ڊيم نامنظور -ڪارپوريٽ فارمنگ/ زمينن تي قبضا نامنظور- جي نعرن سان گونجڻ لڳي ۽ پاڻ ۾ ڪوبه وڏ ماڻهپي جو معاملو باقي نه رهي ته سوچيو ته فريق مخالف جو حال ڇا ٿيندو.اسان کي پنهنجي هن اتحاد ۽ طاقت کي برقرار رکندي اڃا به ان کي مضبوط بنائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سنڌ جو آجپو اڃا به ويجهو ٿئي.
)ليکڪ جمعيت علماءِ سنڌ جو صدر آهي)