پھلگام کانپوءِ ھندستان عالمي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام

تحرير: باقر ساجد سيد

22  اپريل تي پهلگام واقعي کان پوءِ هندستان جي جارحاڻي روش کي هڪ ٻيو سفارتي ڌڪ لڳي چڪو آهي. نئين دھلي کي جنھن حمايت جي توقع ھئي ،وڇايل راند جي وڏن کلاڙين  ان ۾ اسٽريٽجڪ  هٻڪ ڏيکاري آهي.حملي کي مبينا طور تي سرحد پار دھشتگردي سان ڳنڍيندي  هندستان پاڪستان جي خلاف محاذ آرائي وارو موقف اختيار ڪيو، پر هندستان جو اھو عمل اوچتو نه  بلڪه اھو  هڪ وڏي حڪمت عملي جو حصو هو، جيڪا گذريل ڏهاڪي کان تيار ٿي رهي آهي.

نريندر مودي جي اڳواڻي ۾ ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) حڪومت، جيڪا نه رڳو هندو قوم پرست نظريي جي عينڪ پائي معاملن کي ڏسي ٿي، پر اھا هڪ ٻي وڏي حڪمت عملي تي پڻ عمل ڪري رهي آهي، جيڪا ڏکڻ ايشيائي خطي ۾ هندستان جي ڪردار کي تبديل ڪرڻ ۽ ان کي خطي ۾ هڪ طاقتور ملڪ بڻائڻ آهي جنهن جو ڪو به حريف نھ ھجي.نئين دهلي پهلگام واقعي کي پنهنجي انھيءَ  موقف کي  سگھارو ڪرڻ جي لاءِ غنيمت جي موقعي طور ڏٺو.

هندستان اھو نقطھ نظر ان تصور جي بنياد تي جوڙيو ھو تھ عالمي ماحول انھن لاءِ سازگار آھي. آمريڪا سان وڌندڙ لاڳاپا، ڪواڊ الائنس ۾ هندستان جو مرڪزي ڪردار ۽ چين جي خلاف ان جي پوزيشن  سبب، نئين دهلي ۾ ويٺل  پاليسي ٺاھنيدڙن کي اھو يقين ڏياريو آهي ته اسٽريٽجڪ ڀائيوار  غير مشروط سھڪار آڇيندا.ٻئي طرف، پاڪستان کي ڪمزور رياست طور ڏٺو ويو جيڪو معاشي بحران، اولهه کان سفارتي اڪيلائي جو شڪار آھي ۽ چين تي  حد کان وڌيڪ ڀاڙي ٿو،جڏهن ته سياسي طور تي اندروني طور تي به ورهايل آھي.

اهڙيءَ طرح، پهلگام واقعي کان پوءِ پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ  هندستان جي وڌندڙ صلاحيتن مان فائدي وٺڻ ۽ پاڪستان سان لاڳاپن کي نئين سر متعين ڪرڻ جو  هڪ سوچيل سمجهيل قدم هو.

جڏهن ته، نئين دهلي کي اھو ڏسي مايوسي ٿي ته اهو پنھنجي جارحائي روئي کي قانوني طور تي درست قرار ڏيڻ واري متوقع عالمي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو.آمريڪا ڪنهن به ڌر جي ساٿ ڏيڻ بدران اسٽريٽجڪ استحڪام ۽ ڊگهي مدي واري ڀائيواري کي ترجيح ڏني. چين پاڪستان سان اتحاد برقرار رکندي، معاملي تي غير جانبداري جو مظاهرو ڪيو، جڏهن ته نار جي ملڪن به هن معاملي تي احتياط کان ڪم ورتو.

واشنگٽن هندستان جو ساٿ نھ ڏنو : پهلگام حملي وقت آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس هندستان جو دورو ڪري رهيو هو، جنهن ان يقين کي مضبوط ڪيو ته واشنگٽن غير واضح طور تي ھندستان جي حمايت ڪندو.پر انھن توقعات تي تڏهن پاڻي ڦري ويو، جڏهن صدر ڊونلڊ ٽرمپ معاملي کي سنجيدگي سان نه ورتو. اڳوڻي آمريڪي حڪومتن جي ابتڙ ڊونلڊ ٽرمپ ان کي "ايٽمي تڪرار” جي طور نھ ڏٺو، بلڪھ ھن جي تبصرن اهو تاثر ڏنو ته کيس ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تڪرار ۾ ڪا به دلچسپي ناهي.سينيٽ جي پرڏيهي معاملن ۽ دفاعي ڪميٽين جي اڳوڻي چيئرمين، سينيٽر مشاهد حسين، تبصرو ڪيو ته صدر ٽرمپ، جيڪو روايتي طور تي هندستان نواز آمريڪي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي نمائندگي نٿو ڪري، بنيادي طور تي جنگ  جي خلاف آهي ۽ ھو انهن جي هٿن ۾ کيڏڻ نٿو چاهي. جن کي هن "جنگ جا شوقين “ هندستاني قرار ڏنو.

 آمريڪا جي ان محتاط  انداز جي جھلڪ اسان سنيئر آمريڪي عملدارن جي بيانن ۾ پڻ ڏٺي. آمريڪي انڊر سيڪريٽري آف ڊفينس ايلبرج ڪولبي به هندستاني ايلچي، ونئي موهن ڪواترا سان ملاقات کان پوءِ بيان ۾ پاڪستان، دهشتگردي يا پهلگام حملي جو ذڪر ڪرڻ کان پاسو ڪيو.ان جي بدران، هن دفاعي تعاون ۾ رواجي وعدن  کي ورجايو. واشنگٽن جي وسيع تر مفادن  انڊو پئسفڪ حڪمت عملي جي مطابق آهن، جنهن ۾ هندستان جي بنيادي اهميت چين جي خلاف هڪ مقابلي واري حريف

جي ڪردار  ۾ آهي.پر ان سڀ جي باوجود، آمريڪا ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ سرگرم ڪوششون ڪيون آهن. آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڀارتي پرڏيهي وزير جئي شنڪر سان رابطو ڪيو ۽ دهشتگردي جي مذمت، رواداري تي زور ڏيڻ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن برقرار رکڻ لاءِ ٻطرفي سھڪار کي وڌائڻ  تي ڌيان ڏيڻ تي زور ڀريو.

هڪ ٻئي مثال ۾، هندستاني وزير دفاع راج ناٿ سنگهه پنهنجي آمريڪي هم منصب پيٽ هيگسيٿ کي ٽيليفون ڪيو ۽ پاڪستان تي ساڳيا پراڻا الزام لڳايا ته اهو دهشتگردي جي حمايت ڪري خطي کي غير مستحڪم ڪري رهيو آهي. هندستان دعويٰ ڪئي ته آمريڪي دفاع واري وزير هندستان جي پاڻ جي دفاع جي حق جي حمايت ڪئي.جڏهن ته، آمريڪي دفاع واري کاتي پاران جاري ڪيل سرڪاري بيان ۾ پهلگام، علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال، يا پاڪستان جو به ذڪر ناهي.سماجي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾، پيٽ هيگسيٿ هندستان جي حمايت جو اظهار ڪيو. "مان هندستان جي  مضبوط حمايت ڪريان ٿو. اسين هندستان ۽ ان جي عظيم ماڻهن سان گڏ بيٺا آهيون.“

صورتحال تي تبصرو ڪندي، آمريڪي اسڪالر ڊينئل مارڪي چيو ته، "واشنگٽن جو  خيال آهي ته هندستان جي سيڪيورٽي مسئلي جو حل سڌي فوجي ڪارروائي ناهي.” هن وڌيڪ چيو ته "موجوده غير يقيني صورتحال کي ڏسندي، واشنگٽن هندستان کي فوجي آپريشن جو گرين سگنل  نٿو ڏئي سگھي.جيتوڻيڪ اھو ھندستان سان ھمدردي رکي ٿو“

اھڙي طرح، پاڪستان کي هندستان لاءِ مضبوط آمريڪي حمايت  نھ ملڻ جي  ان ڳالهه جي نشاني طور نه وٺڻ گهرجي ته آمريڪا پاڪستان جي موقف جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي.آمريڪي اسٽيٽ، پينٽاگون ۽ لينگلي (سي آءِ اي) سان تعلق رکندڙ آمريڪي عملدارن پاڪستان تيپڻ ڪافي دٻاءَ وڌو آھي تھ اھو جاچ ۾ ھندستان سان سھڪار ڪري،جيڪو اسلام آباد جي آزاد جاچ جي مطالبي جي ابتڙ آهي.آمريڪا پاڪستان تي دٻاءُ وڌو آهي ته اهو ھن حملي جي مذمت ۾ سخت بيان جاري ڪري، جيتوڻيڪ پاڪستاني حڪومت حملي کان پوءِ پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ واقعي جي مذمت ڪئي هئي.

حقيقت اها آهي ته ڪنهن به وڏي ملڪ، خاص طور تي آمريڪا، واضح طور تي هندستان جي حمايت نه ڪئي آهي. اهو لڳي ٿو ته آمريڪا ٺوس ثبوت کانسواءِ ڪنھن جي طرفداري نٿو ڪرڻ چاهي. جيئن ته عالمي  ميڊيا سوال ڪيو ته هندستان پاڪستان خلاف واضح ثبوت ڇو پيش نه ڪيا، ان شڪ پيدا وڌيا آھن.جنھن سان 2019  پلواما حملي جي ابتڙ ھندستان جي لا بين الاقوامي حمايت حاصل ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو ھو.

ان کان علاوه، يوڪرين جي مسئلي تي غيرجانبدار ھئڻ جي ڪري ڪيترائي اولھھ جا ملڪ  هندستان کان ناخوش آهن، ڇاڪاڻ ته ان روس کان تيل خريد ڪرڻ جاري رکيو، جيڪو اولهه جي وسيع تر0 جيو پوليٽيڪل مقصدن جي خلاف آهي.آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير مسعود خان چيو ته "واشنگٽن ۾ ٻيهر غور ڪيو پيو وڃي يعني اھو تھ هندستان آمريڪا جي پٺي تي سوار آهي، پر اهو بدلي ۾ آمريڪا لاءِ ڪجهه به نه ڪري رهيو آهي.“

هن وڌيڪ چيو ته "ڀارت ضد ۽ ذلت آميز ڪم ڪيو پر نتيجن کي منهن نه ڏيڻو پيو،.آمريڪي پنھنجي مفادن جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻن ٿا تھ اھو ڪيئن ڪجي. هاڻي تائين اهي ڄاڻي چڪا آھن تھ  هندستان انهن کي استعمال ڪري رهيو آهي ۽ اهو خطي ۾ انھن جي ھٿن ۾ رانديڪي طور استعمال ٿيڻ نه چاھيندا“

اوڀر ۾ دوست ملڪ :ساڳئي طرح، چين وڌيڪ محتاط ۽ ھوشياري جو رويو  اختيار ڪيو آهي. سرڪاري طور تي، بيجنگ پهلگام واقعي کي "دهشتگردي حملو” قرار ڏنو ۽ غير جانبدار ٻولي جو استعمال ڪندي، هندستان ۽ پاڪستان کان تڪرار گهٽائڻ جو مطالبو ڪيو. ان متوازن پيغام ماضي جي سرحدي جهڙپن کان پوءِ هندستان سان پنهنجي ڇڪتاڻ واري لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ لاءِ چين جي تازين ڪوششن جي به عڪاسي ڪئي.

جڏهن ته، پردي پويان، چين خاموشي سان پاڪستان جي آزاد جاچ جي مطالبي جي حمايت ڪئي ۽ اسلام آباد سان مضبوط فوجي سھڪار جو عھد جو ورجايو.ان ٻھ معنيٰ  موقف چين کي  پاڪستان سان پنھنجي ”  رڪ جھڙي سگھاري“ شراڪت داري کي وڌيڪ سگھارو ڪيو.جنھن سان  پاڻ کي  عوامي طور تي هڪ ذميوار علائقائي طاقت طور پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو.نار ملڪ، جيڪي روايتي طور تي هندستان سان مضبوط واپاري لاڳاپن ۽ انهن جي ملڪن ۾ رهندڙ هندستاني شهرين جي وڏي تعداد جي ڪري هندستان جا دوست سمجهيا ويندا هئا، انهن پڻ غير جانبداري جو مظاهرو ڪيو. سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ قطر پنهنجن بيانن ۾ تڪرار گهٽائڻ ۽ مسئلي جي پرامن حل جو مطالبو ڪيو.

اهي جواب هندستاني موقف جي حمايت بابت گهٽ بلڪھ  پنهنجن اسٽريٽجڪ مفادن جي حفاظت بابت وڌيڪ هئا. علائقائي استحڪام ۾ سيڙپڪار سعودي عرب، هندستان يا پاڪستان مان ڪنهن هڪ کي چونڊڻ کان پاسو ڪرڻ چاهي ٿو.هندستان جي ويجهي معاشي ساٿي، گڏيل عرب امارات، ۾ وڏي انگ ۾  پاڪستاني افرادي قوت آهي جڏهن ته سفارتي توازن تي به زور ڏئي ٿو. قطر، جيڪو پنهنجي ٽياڪڙي  واري سفارتڪاري لاءِ مشهور آهي،اھو بھ  پنهنجي وسيع پرڏيهي پاليسي جي مطابق هڪ غير جانبدار موقف برقرار رکيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.