ڳڙھي خيرو ڀرسان گهر تي حملو، 2 ڀائر قتل، فائرنگ ۾ ماءُ پيءُ ۽ هڪ ڀاءُ زخمي

ڳڙھي خيرو(ن ع آ) ڳڙھي خيرو ڀرسان پنهون ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام رسول لاشاري ۾ هٿياربندن ڳوٺ تي جديد هٿيارن سان حملو ڪري ڇتي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب ننڊ ۾ ستل 2 ڀائر پسند گرگيج ۽ فھيم گرگيج قتل ٿي ويا، جڏهن ته سندن هڪ، ڀاءُ امڙ ۽ پيءُ عابد گرگيج زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو، پوليس ۽ مقتولن جي وارثن موجب ته جتوئي برادري جي هٿياربندن پراڻي تڪرار تان ڳوٺ تي جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي، جنھن سبب واقعو پيش آيو،  پوليس مقتولن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد تعلقه اسپتال ڳڙھي خيرو آندا جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.