اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس جمال مندوخيل چيو آهي ته اسان آئين ۾ داخل سڄي قوم جي حقن جي تحفظ جو حلف کنيو آهي، انصاف ڪرڻ الله جو ڪم آهي، اسان ته رڳو فيصلو ڪندا آهيون. اسلام آباد ۾ ليبر ڊي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جسٽس جمال مندوخيل چيو توهان ٻڌو هوندو ته ججن جو ڪم ڳالهائڻ نه پر لکڻ هوندو آهي، سوچيو هو ته لکيل تقرير پڙهندس پر هاڻ دل ۽ آئين جي ڳالهه ڪندس. هن چيو ته سوال اهو آهي ته ڇا اسان پنهنجي ڪم سان انصاف ڪري رهيا آهيون؟ ڇا مان جج طور پنهنجو ڪم صحيح نموني ڪري رهيو آهيان؟ توهان کي مزدور ۽ مون کي جج جو نالو ڏنو ويو آهي، اهو منهنجو ڪو ڪمال ناهي ته مان هن عهدي تي ويٺو آهيان. سندس چوڻ هو ته جنهن صوبي سان مان تعلق رکان ٿو، اُتي کوهن جي کوٽائي جو ڪم ٿيندو آهي، جيڪو مزدور ڪندا آهن، مزدور کاڻ جي اندر وڃن ٿا، انهن مزدورن جي حوالي سان قانون حڪومت کي ٺاهڻ گهرجن، آئين ۾ داخل حق سڀني کي ملڻ گهرجن، ڪو به مزدور ڪنهن جو غلام ناهي هوندو. اسان جيڪو به فيصلو ڪنداسين اهو ڪنهن جي دٻاءَ، ڊپ يا لالچ کانسواءِ هوندو، مان پنهنجي ۽ پنهنجي ساٿي ججن جي طرفان خاطري ٿو ڪرايان ته اسان انصاف ۽ حقن جو تحفظ ڪنداسين، هن چيو مان سمجهان ٿو ته ججن جو ڪم انصاف ڪرڻ ناهي، انصاف ته الله جو ڪم آهي، اسسن ته رڳو دستاويزن کي ڏسي فيصلو ڪندا آهيون، مون کي ڊپ آهي ته ڪٿي مان پنهنجي حلف جي ڀڃڪڙي ته نه پيو ڪريان؟