ڪارپوريٽ فارمنگ سبب وسيلن جي لٽ مار۽ مقامي حقن تي ڌاڙو

تحرير: مرتضيٰ شاهه

سنڌ، جيڪا هميشه وسيلن سان مالامال رهي آهي چاهي اهو ڪوئلو هجي، گئس، پاڻي، زرعي زمين يا سمنڊ . سنڌ ڪارپوريت فارمنگ جي صورت اڄ ٻيهر استحصال جي چمبي هيٺ اچي وئي آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن کي پرڏيهي ۽ غير مقامي طاقتن حوالي ڪرڻ جو عمل، نه صرف مقامي ماڻهن جي معاش، ماحول، ۽ ثقافت لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي، پر اها حڪومتي نااهلي ۽ قومي وسيلن تي ڌارين جي بالادستي جو عڪس پڻ آهي.

ڪارپوريٽ فارمنگ جو معاملو ڇا آهي؟

سنڌ جي وڏي وزير  "گرين پاڪستان انيشيئيٽو” تحت فوجي سهائتا يافته ڪمپني، گرين ڪارپوريٽ انيشيئيٽو پرائيويٽ لميٽيڊ کي 52,713 ھزار ايڪڙ زرعي زمين الاٽ ڪري ڇڏي آهي، جيڪا سنڌ جي ڇهن ضلعن خيرپور، ٿرپارڪر، دادو، سجاول، ٺٽو ۽ بدين ۾ پکڙيل آهي. هي معاهدو ويهن سالن لاءِ ڪيو ويو آهي، جنهن تي عوامي سطح تي شديد خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن.

شفافيت جي کوٽ ۽ عوامي مشاورت جو فقدان.

هي فيصلو نه صرف غير قانوني پرغير مھذب انداز ۾ ورتل آهي، جنھن ۾ شفافيت جي شديد کوٽ آهي جنھن ۾ ھڪ سياسي پارٽي جي حڪومت پنھنجو پاڻ سڄي سنڌ جي عوام جا حق بيحيائي ۽ بي شرمي سان لتاڙياـ مقامي زميندارن، هارين، ۽ مقامي آبادي سان ڪوبه صلاح مشورو نه ٿيو ۽ نه  ئي ڪو بحث مباحث ٿيو. معاهدي جا تفصيل پبلڪ نه ڪيا ويا، نه ئي زمينن جي منتقلي جو قانوني جائزو عوام آڏو پيش ڪيو ويو. ته  زمينون ڪهڙي طريقي ۽ قانون تحت منتقل ڪيون وينديون ان جا اثر ڇا ٿيندا .نتيجي ۾ مقامي ماڻهن جي بي دخلي، روزگار وڃائڻ، ۽ زراعت کان محرومي ملڪيت کان محرومي جا خطرا وڌي ويندا ۽ ان جو نعم البدل ڇا هوندو . يعني جيجل ماء جو نعمل البدل وري ڪٿان ايندو.

ماحولياتي خطرا.

ڪارپوريٽ فارمنگ خاص ڪري ٿر، سجاول ۽ بدين جهڙن نيم ڀاڱائي (حصيدار) علائقن لاءِ

مٽي جي زرخيزي جو خاتمو ٿيندو.

پاڻيءَ جي کوٽ ۾ اضافو ٿيندو 3.ماحولياتي تباهي جا خدشا پيدا ٿيندا، جيڪي خطرناڪ ۽  ھاڃيڪار ثابت ٿيندا

سياسي ۽ وفاقي ناانصافيون.

جيئن ٻين قدرتي وسيلن تي وفاق يا وفاقي ادارا قابض ٿيا آهن، تيئن هاڻ زمينن جي ورهاست جو عمل به ساڳي طريقي سان ڪيو پيو وڃي ، سنڌ مان نڪرندڙ گئس، ڪوئلو ۽ بجلي پنجاب منتقل ٿيندي رهي ٿي ، پر سنڌ جا شهري خود شديد لوڊشيڊنگ جو شڪار آهن.ٿر جي پاور پلانٽ جي بجلي پنجاب جي ڪارخانن کي وڃي ٿي، جڏهن ته سنڌ جا ٻار اونداهين ۾ پڙهڻ تي مجبور آهن. سڄي سنڌ لوڊشيڊنگ سبب پٿر جي دور ۾ واپس پئي وڃي .

اهڙيءَ طرح، جتي سنڌ مان گئس نڪري ٿي، اُتي ڪم ڪندڙ افيسر قانون ٺاهيندڙ به غير سنڌي آهن ۽ وسيلن جو سڄو رخ پنجاب ڏانهن آهي.۽ سنڌ جا شهر گئس جو سڄو سڄو ڏينهن انتظار ڪندا ٿا رهن. پر پنجاب جي وسيلن جي حفاظت لاءِ وفاق ايترو سخت آهي جو اتي ٻئي صوبي جا ماڻهو خاص ڪري سنڌي واپار يا زمين نٿا حاصل ڪري سگهن، پر سنڌ جي وسيلن جا دروازا ڌارين لاءِ کليل آهن. جنهن جي ذميوار صوبائي حڪومت آهي.  پر هاڻ ايئن نه ٿيندو سنڌ جا وارث پنهنجي ڌرڻي جا ۽ ان جي وسيلن جا مالڪ ۽ وارث ٿيندا سنڌ هاڻي سجاڳ آهي. سنڌ ننڊ مان اٿي چڪي آهي.

سياسي جماعتن جي خاموشي ۽ ناڪامي.

 موضوع کي جاري رکندي افسوس سان چوڻو  ٿو پوي ته سنڌ جي حڪومتن ڀلي اهي ڪنهن به جماعت يا اتحاد جون ڪنهن به دور ۾ هجن ، انهن هميشه بليڪ ميلنگ جي ڀووء ۾،  اقتدار جي لالچ، ۽ پريشر هيٺ اچي سنڌ کي وڪرو ڪنديون رهيو آهن . هن ڪرئيم  ۾ وڌ کان وڌ پيپلزپارٽي جو حصو آھي ـ موجوده وڏو وزير مراد علي شاھ ان ڪڌي ڪم جو عڪاس آهي، جيڪو اقتدار حاصل ڪرڻ ۽ ان کي ڊگهو ڪرڻ ۽ وسيلن جي لٽ مار پنھنجي اڳيان ڪرائڻ لاءِ هر رستو اپنائڻ لاءِ تيار ويٺو آهي.

عوامي مزاحمت

ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف مقامي احتجاج، ڌرڻا، ۽ سماجي تحريڪون اڳتي وڌي رهيون آهن. خاص ڪري "6 ڪينالن واري دهرني”  ۽ وڪيلن جي ليڊرشپ جي ڪاميابي کانپوءِ ماڻهن ۾ شعور جو وڏو اڀار پيدا ٿي چڪو آهي ته وسيلن تي ڌاڙو رڳو زمينن تائين محدود ناهي، پر اهو ثقافتي، معاشي، ۽ سياسي معاشرتي ميدانن ۾ خطرناڪ  سازش آهي. ان ڪري سنڌ جو عوام ھاڻي ڪوبه قبضو حقن کسڻ جي سازش برداشت نه ڪندو.

تنقيد ڪندڙن جا خدشا

قومپرست جماعتن جو چوڻ آهي ته هي فيصلو سنڌ جي وجود  خلاف آهي.انساني حقن جي تنظيمون خبردار ڪن ٿيون ته هزارين هاري، زميندار، ۽ آبادگار بي دخل ٿي سگهن ٿا. ماحولياتي ماهر خبردار ڪن ٿا ته پاڻيءَ جي کوٽ ۽ زمين جي تباهي سنڌ کي وڏي بحران ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿي .

حڪومتي دعوائون ۽ حقيقت ـ

سرڪاري موقف آهي ته هي منصوبا:زرعي شعبي کي جديد بڻائيندا، نئين ٽيڪنالاجي، روزگار ۽ ترقي آڻيندا ۽ سنڌ جي معيشت کي مستحڪم ڪندا.پر حقيقت اها آهي ته اهڙا منصوبا هميشه سرمائيدارن جي مفادن لاءِ ٺهندا آهن، نه ئي  مقامي ماڻهن جي بهتري لاءِ ۽ ان جاء تي اڳتي هلي هڪ به مقامي ماڻهو لڀندو ئي ڪونه پر غير سنڌين جي ڀرمار هوندي وڏي مشڪل اها هوندي جو سنڌ جي وارثن کان سنڌ کسجي ويندي.

اڳتي وڌڻ جا رستا

(1) قانوني چئلينج: هن فيصلي کي عدالتن ۾ چئلينج ڪيو پيو وڃي ڪن وڪيلن چيلنج پڻ ڪري ڇڏيو آهي  .

(2) اها حقيقت روز روشن آهي ته عدالتي ۽ قانوني جائزو وقت جي ضرورت آهي.

(3) ميڊيا ۾ سوشل ميڊيا پرنٽ ميڊيا جي جاکوڙ ۽تحقيق:  اھڙي بڇڙي معاهدي جنهن ۾ زمينن جي ورهاست، ۽ حقيقتن کي عوام اڳيان آڻڻ لاءِ سڄي ميڊيا کي سرگرم ٿيڻ گهرجي، جيئن 6 ڪينال ختم ڪرڻ واري تحريڪ ۾ ڪيو ويو آھي.

4) عوامي تحريڪ: احتجاج، مظاهرا، ۽ شعور جي مهم سان دٻاءُ وڌائڻ لازمي آهي.

نتيجو

سنڌ جي زمين، پاڻي، گئس، بجلي، ڪوئلو ۽ زرعي وسيلن جو تحفظ صرف احتجاج يا تنقيد سان نه ٿيندو، پر ان لاءِ اداراتي سجاڳي، قانوني ويڙهه، ۽ سياسي سڌاري جي ضرورت آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ جيڪو ڌاڙو لڳايوپيو وڃي، ان خلاف هاڻ سڄي سنڌ کي وري هڪ آواز ٿي بيهڻو پوندو. جيڪڏهن هاڻ به خاموش رهياسين، ته صرف زمين نه، پر سنڌ جي ايندڙ نسلن جو مستقبل به هٿن مان نڪري ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.