ھن ويڙھ ۾
ٻار به ھئا
جوان به ھئا
ٻڍا به ھئا
ادڙيون به ھُيون
امڙيون به ھُيون
علم به ھو
عقل به ھو
ھيءَ پاڻيءَ جي ويڙھ ھئي
سنڌوءَ جي ويڙھ ھئي
پکين جي ويڙھ ھئي
اُڃايلن جي ويڙھ ھئي
جنھن ۾ اھم ڳالهه اھا به ته
لکين ماڻهن جي
ڏک جي شِدت
۽ ڪاوڙ ۽ تيش باوجود
امن جي ويڙھ ھئي…
امن کٽيو
علم کٽيو
تو کٽيو
مون کٽيو
۽ صدين جي تھذيب وارو
پسمنظر رکندڙ
سنڌ کَٽيو…