ڀارت جي انتهاپسند جماعت بي جي پي جي انتهاپسند وزيراعظم نريندر مودي پهلگام واقعي جو پاڪستان تي الزام لڳائي ان بنياد تي سنڌ طاس معاهدي سميت جيڪي پاڪستان سان ڪجهه بچيل سفارتي لاڳاپا هيا سي به ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ٻنهي ملڪن جي سرحدن تي جيڪا ڇڪتاڻ وڌائي آهي تنهن ۾ ٻئي پاسي پاڪستان جو موقف انتهائي بردباڻو ۽ وچ ٿرو نظر آيو آهي جنهن کي ئي اسان درست موقف سمجهون ٿا.
پاڪستان جو اهو سٺو موقف آهي ته پهريون ته ڀارت پهلگام واري دهشتگرد واقعي جو جيڪو الزام پاڪستان تي لڳايو آهي تنهن جو اهو ثبوت مُهيا ڪري ۽ پوءِ ڪنهن اڳرائي يا ڪارروائي جو سوچي. پاڪستان اهو به چئي رهيو آهي ته پهلگام واقعي جي ڀارت اڻ ڌري جاچ ڪرائي ته جيئن اڇي ڪاري جي خبر پئجي سگهي. پاڪستان اهو به چوي ٿو ته اسان جو ملڪ پاڻ دهشت گردي جو سٽيل ملڪ آهي ۽ پاڪستان پاڻ دهشت گردي جي خلاف جنگ جوٽي ويٺو آهي ان باوجود جيڪڏهن پاڪستان مان ڪو دهشت گرد گروهه پهلگام واقعي ۾ ملوث رهيو ته ان خلاف ڪارروائي ۾ ڀارت جي مدد لاءِ تيار آهيون. پاڪستان جو اهو به چوڻ آهي ته ڀارت خلاف اسان ڪا اڳرائي نه ڪنداسين البته ڀارت طرفان ڪا جنگي ڪارروائي ڪئي وئي ته ان جو منهن توڙ جواب ڏينداسين. پر پاڪستان جو پهريون وڏو مطالبو اهو آهي ته ڀارت پهلگام واقعي ۾ پاڪستان جي ملوث هجڻ جا ثبوت مهيا ڪري. پاڪستان جو اهو به چوڻ اهي ته جيڪڏهن ڀارت پهلگام واقعي جي آڙ ۾ سنڌ طاس معاهدي تحت پاڻي بند ڪيو ته ان عمل کي ”اعلان جنگ“ سمجهنداسين.
پاڪستان پنهنجي ان موقف کي سڄي دنيا ۾ عام به ڪيو آهي ته ٻين ملڪن جي سربراهن سان رابطو ڪري کين نه رڳو پنهنجو موقف ٻڌايو آهي پر انهن کي ڀارت جي جنگي قدمن ۽ ارادن کان آگاهه به ڪيو آهي ته کين سفارتڪاري لاءِ ڀارت کي سمجهائڻ لاءِ جوڳو ڪردار ادا ڪرڻ جو به چيو آهي. ان ڏس ۾ وڏي اڳڀرائي اها ٿي آهي ته پاڪستان جي دوست چين سڀ کان اڳ ۾ پاڪستان جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي ۽ هاڻي تازي ترين خبر اها آهي ته آمريڪا جي پرڏيهي وزير ڀارت ۽ پاڪستان جي وزيراعظمن سان فون تي رابطو ڪري پاڻ به ڳالهيون ڪري معاملي کي جنگي ڇڪتاڻ ڏانهن وڃڻ کان روڪڻ جو چيو آهي ۽ پهلگام واقعي جي جاچ ۾ هڪٻئي سان سهڪار جو چيو آهي جنهن کي اسان بيحد وقتائتي اڳڀرائي سمجهون ٿا.
اسان پهريون به هن ايڊيٽوريل ۾ لکيو هو ته عالمي برادري کي ڀارت جو جنگي جنون گهٽائڻ لاءِ اڳتي اچڻو پوندو. ڪالهه پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ به اها ئي ڳالهه ڪئي آهي ته عالمي برادري کي مؤثر سفارت ڪاري ڪرڻي پوندي ۽ پاڪ ڀارت جي ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ فور ي طور اڳتي اچڻو پوندو ائين نه ٿئي جو سرحدن تي موجود ڇڪتاڻ وڌي وڃي ۽ جنگ ڇڙي وڃي جيڪا نه رڳو پاڪستان ۽ ڀارت پر سڄي خطي لاءِ تباهي جو سبب هوندي. ٻيو ته اها جنگ ان احساس وچان به ٽارڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ايٽمي ملڪ آهن ۽ خدانخواسته ايٽمي جنگ ڇڙي وئي ته سڀ ڪجهه ئي نيست نابود ٿي ويندو.
اسان به هميشه هن ايڊيٽوريل ۾ جنگين جي خلاف کلندا رهيا آهيون ۽ پرامن، پکين جي آکيري جهڙي دنيا جا خواهش مند رهيا آهيون. عام طور تي عوام به اهو ئي چاهيندو آهي ڇاڪاڻ ته ان کي چڱي ريت خبر آهي ته امن سان ئي دنيا جو ۽ ملڪن جو نظام بهتر نموني هلي سگهندو آهي. ۽ دنيا توڙي ملڪن ۽ عوام جي ترقي به امن جي وهنوار سان ئي سلهاڙيل هوندي آهي پر افسوس ته اها ڳالهه جيڪڏهن ڪير نه ٿو سمجهي ته اهو دنيا جو حڪمران طبقو ئي آهي جنهن ۾ دنيا جو سپر پاور ملڪ آمريڪا ۽ ان جا اتحادي ملڪ ئي سرفهرست آهن. جڏهن ته گڏيل قومن جي اداري کي وري آمريڪا جو ذيلي ادارو ئي سمجهيو ويندو آهي تنهن ڪري اهو ادارو به آمريڪا، اسرائيل، برطانيا ۽ ڀارت جهڙن ملڪن جي اڳراين آڏو اچي ناهي سگهندو. اهو ئي ڪارڻ جو گڏيل قومن جو ادارو سال کان هليل اسرائيل فسلطين جنگ ختم نه ڪرائي سگهيو.
جنگين ۽ ملڪن اندر ڇڪتاڻ جو هڪ عام سبب اهو به بيان ڪيو ويندو آهي ته آمريڪا ان ڪري جنگين جون حالتون چاهيندو آهي ته جيئن سندس جنگي هٿيار وڪرو ٿين ۽ سندس مالي فائدو ٿئي. ان ڪري دنيا اندر جنگين جي جڙ آمريڪا جي ان مفاد کي ڄاڻايو ويندو آهي تنهن ڪري اسان جو خيال آهي ته ان آمريڪا جي مفاد کي ڏسندي باقي دنيا جي ملڪن کي پاڻ ۾ اتحاد ڪري ان سازش جو گڏيل طور مقابلو ڪرڻ گهرجي. اهو ئي مسئلي جو حل آهي. ان روشني ۾ دنيا جي ملڪن کي به سمجهڻ گهرجي ته پاڻ ۾ اتحاد ڪن ۽ جنگون ڪرائڻ جي سازش کي ناڪام بڻائين. ان سياسي تجزئي جي روشني ۾ ڪاش ڀارت کي به اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ته ننڍي کنڊ جي ملڪن ۽ هڪٻئي جي پاڙيسرين سان جنگ جو ڪنهن کي فائدو ٿيندو؟ جيڪڏهن انهن جنگين جو فائدو ڀارت يا پاڪستان مان ڪنهن کي نه ٿو ٿئي ۽ ان ۾ ٻنهي جو نقصان ئي نقصان آهي ته پوءِ جنهن جو فائدو ٿئي ٿو تنهن کي ڳولجي ۽ پوءِ ان کان پاسيرو رهڻ جي پاليسي ٺاهجي ته اها بهتر آهي.سو اسان جي خيال ۾ بهتر اهو آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان جا لاڳاپا بهتر ڪرائجن ۽ ان لاءِ چين، روس ۽ ٻين امن پسند ملڪن کي اڳتي اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.