جيئي سنڌ تحريڪ پاران ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف حيدرآباد ۾ ريلي

حيدرآباد(رپورٽر) جيئي سنڌ تحريڪ مرڪز پاران گرين پاڪستان ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي قبضي خلاف اولڊ ڪيمپس کان مارچ ڪري حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاھري ۾ وڪيلن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سورھيهسنڌي، فتاح چنا، محب آزاد، ذوالفقار ٿيٻو ۽ ٻين چيو ته ڪاپوريٽ فارمنگ ۽ گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي، سنڌ کي فلسطين بڻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي ۽ سنڌو درياهه مان نڪرندڙ ڪينالن کي به رد ناھي ڪرايو ويو، ھي سڀ ڊرامو آهي، صرف سنڌي ماڻهن کي لولي پوپ ڏنو پيو وڃي. ھنن مطالبو ڪيو ته ڪينالن خلاف واضح نوٽيفڪيشن جاري ڪري ان سان گڏوگڏ سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ والار کي پڻ ختم ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.